موجوده حالتن کي ڏسي اهو سوچڻ تي مجبور آهيون ته آخرڪار هي ملڪ ڪير پيو هلائي، هن سوال مون سميت ڪيترن جي دماغ جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن خبر هوندي به ڪير ڪنهن جو نالو نٿو کڻي منهنجي خيال ۾ اهو نامعلوم سوال 75 سالن کان قائم ۽ تاحيات دائم رهندو ۽ شايد رهڻو آهي پر اتي ٿورو موجوده ملڪي صورتحال تي هڪ نظر کڻي ڏسجي ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تحريڪ انصاف جي سرڪار جي تڏا ويڙهه کان وٺي ملڪ کي هن حالتن تائين ڌڪي کڻي اچڻ واري صورتحال جو ذميوار صرف ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي آهي. ان ڳالهه جي تصديق آصف علي زرادري جي ٽي وي تي اچي چوڻ ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي گهر ڀيڙو نه ڪيون ها ته انهن 2035 تائين حڪومت ۾ ويهڻ جو پلان ڪيو هو ۽ شهباز شريف جي بيانن مان به صاف لڳو پئي جنهن حڪومت اچڻ کان اڳ وڏي سرڪار کي حڪومت ڏيڻ جي حامي ڀري هئي ۽ شهباز شريف آخر تائين چوندو ويو ته منهنجا اسٽيبلشمينٽ سان پراڻا رشتا آهن.
ان جي اها ڳالهه سئو سيڪڙو سچ آهي ته سياسي جماعتن جا اسٽيبلشمينٽ سان رابطا ۽ واسطا جيڪڏهن نه هجن ها ته ملڪ ۾ بادشاهيون ڪو ٻيو اچي ڪري ها جنهن جا رابطا ۽ واسطا اسٽيبلشمينٽ سان هجن ٿا اها ئي سياسي پارٽِي ملڪ ۾ حڪمراني جي لائق بڻجي ٿي ڀلي اها جماعت وڏي هجي يا ننڍي، پر پيپلزپارٽي ۽ پي ڊي ايم جي منظر نامي مان واضح لڳي رهيو هيو ته اهي ٻئي ڌريون جيڪي اسٽيبلشمنٽ سان واعدا ڪري حڪومتن ۾ آيون هيون اصل ۾ انهن جي اندر ۾ پنهنجي جان بچائڻ هيو ته جئين جيلن جي چڪرن ۽ ڪيسن کان بچجي اها ملڪ جي بدقسمتي چئجي يا قسمت پر جيڪا ملڪ جي اڄ حالت آهي ان حالتن جي سڌي ذميوار اهي ٻئي سياسي جماعتن سميت 13 جماعتون به آهن
نفسا نفسي واري هن دور ۾ اهي 13 جماعتي پارٽيون هن وقت ڪٿي آهن ڪير انهن کان پڇڻ وارو آهي جيڪي حڪومتن جا مزا وٺي دبئي ۽ لنڊن وڃي وسايو آهي ملڪ کي ڌٻڻ ۾ وجهي ۽ عوام کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪنهن جي چوڻ تي ڪيوويو،،؟ پيٽرول، بجلي سميت سموري ونهوار ۾ آءِ ايم ايف جي مداخلت جا معاهدا ڪري ملڪ ۽ عوام کي غلام بڻايو ويو آهي اهو به ڪنهن کي نظر نه آيو ته اهڙي صوتحال ۾ عوام جو ڇا ٿيندو، ملڪ ۾ صنعتون گئس ۽ بجلي نه ملڻ ڪري تباهي جي ڪناري تي پهتل آهن انهن فيڪٽري مالڪن پنهنجو اسٽاف ۽ مزدور پنجاهه سيڪڙو گهٽائي ڇڏيا آهن جنهن ڪري مزدور پنهنجي ٻچن کي ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن ته ڪٿي اهڙا به واقعا پيش آيا آهن جو ماڻهن پنهنجن معصوم ٻارڙن کي نشو ڏئي انهن کي قتل ڪري پاڻ کي به ماري ڇڏيو آهي اتي ڪجهه ڏينهن کان بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب عوام سراپا احتجاج آهي. ماڻهوءَ جي سگهه بجلي بل ادا ڪرڻ جهڙي ناهي رهي. پنجاهه هزار پگهار وارو سرڪاري ملازم جو بجلي جو بل ويهه هزار کان چاليهه هزار آيو آهي. مزدورن جيڪو 7 سئو کان هڪ هزار روپيا ڏهاڙي ڪمائي ڀاتين کي کارائي ٿو ته اهو بجلي جا ڏهه هزار ڪٿان آڻيندو، ان صورتحال ۾ ماڻهو خودڪشي نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو. هڪ صحافي دوست چيو ته منهنجي 25 هزار پگهار آهي بجلي جو بل 30 هزار آيو گهر جا ٽپڙ وڪرو ڪري بل ادا ڪيم پريشاني کان بچڻ لاءِ بجلي چوري جو پلان ڪيو ڪي اليڪٽڪ وارن ٻئي مهيني ۾ بجلي چوري جو الزام هڻي 80 هزار جو بل موڪلي ڇڏيو چيائين ته مون وٽ هاڻي ٻه آپشن بچيا آهن يا ته خودڪشي ڪيان يا هٿيار کڻي لٽ مار شروع ڪيا تڏهن وڃي بجلي جو بل ادا ڪندس،اتي بجلي مهيا ڪندڙ ادارن طرفان بجلي بلن ۾ نامعلوم ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ ٽيڪس ڏسي ماڻهو صفا باهه ٿيو وڃي.
جيتوڻيڪ بجلي بلن جي آزار سبب ملڪ ۾ جيڪي احتجاج ٿين پيا ۽ عوام طرفان هڙتالن جي ڪال ڏني وئي آهي ان جي مد نظر ۾ نگران حڪومت تڪڙا قدم کنيا پر نگران وزير اعظم کي اسٽيبلشمنٽ خبردار ڪيو ته عوام کي رليف ڏيڻ جي مامري ۾ تڪڙ نه ڪجو ڇو ته اسان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ويٺا آهيون هاڻي اهو اختيار اسان وٽ ناهي ان لاءِ اسان کي آءِ ايم ايف وٽ درخواست کڻي وڃڻو پوندو انهن قبول ڪيو ته ٺيڪ نه ڪيو ته اوهان ڪجهه به نٿا ڪري سگهو، خير وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ به صفا جذباتي ٿي ويو. صحافين اڳيان چئي ڏنو ته انهن حالتن جا ذميوار اهي ماڻهو آهن جيڪي عوام مٿان مصيبتون وجهي هاڻي انهن جا حمايتي بڻجي ويٺا آهن وزير اعظم پڪ ڏني ته آءِ ايم ايف سان ڳالهايو آهي ڪجهه ڏينهن ۾ بجلي بلن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جو اعلان ڪندس
ملڪ ۾ اڃا بجلي بلن بابت عوام جا احتجاج ۽ هڙتالون هلندڙ هيون ته مٿان نگران حڪومت پهرين سيپٽمبر واري رات جو ٻارهين وڳي عوام مٿان پيٽرول جو بم ڪيرائي ڇڏيو بم به اهڙو جو 15 روپيا 85 پيسا وڌائي ڇڏيو،نگران حڪومت جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۾ واڌ جو سبب به آءِ ايم ايف سان اڳوڻي حڪومت جو معاهدو آهي جيڪڏهن معاهدي تي عمل نٿا ڪريون ته ملڪ ڏيوالو ٿي ويندو، عوام جڏهن حڪرانن جي معاهدن سبب خودڪشيون ڪري ته اهي معاهدا ملڪ لاءِ ڪهڙا فاعدي مند ثابت ٿيندا جتي عوام مشڪلاتن ۾ چڪناچور هجي اتي حڪمرانن جا معاهدا عوامي مفادن لاءِ نه پر پنهنجن مفادن جا هوندا آهن اڳوڻي جنرل مرحوم پرويز مشرف جي چواڻي موجب ته جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ موجب تيل جي قيمتن ۾ ڏهن پيسن جو به فرق هوندو آهي ته اهي پيسا اربن ۾ جمع ٿيندا آهن ۽ اهو هڪ وڏو ڪرپشن آهي.
اسلام آباد ۾ ويٺل صحافين موجب اڳوڻي جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته چين کان جيڪي 3 ارب ڊالر پاڪستان کي مليا انهن مان 2 ارب ڊالر نواز شريف کنيا. جي ڊي اي جي اڳواڻ سائره بانو اسان جي اڳيان اهو انڪشاف ڪيو ته جنهن ڪميٽي ۾ مان چيئرپرسن هيس اتي مون کي خبر پئي ته برسات جي تباهي مان جيڪي ٻاهرين ملڪن مان خيرات جي مد ۾ رقم ملي انهن مان هڪ ارب ڊالر سنڌ جي برسات متاثرن کي ڏيڻي هئي جن بابت مون ڪيترائي ڀيرا پڇيو ته اهي پيسا ڪٿي آهن پر مونکي پيپلزپارٽي وارن ڪڏهن ان جو جواب نه ڏنو، تازو سوشل ميڊيا تي 2008 کان ايڪسائيزاينڊ ٽيڪنيشن کاتي تي صوبائي وزير رهندڙ مڪيش ڪمار چاولا جي 400 ارب روپيا ڪرپشن جا قصا هلن ٿا ۽ مڪيش ڪمار چاولا نيب جي گرفتاري کان بچڻ لاءَ ضمانت به وٺي ڇڏي آهي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ادارن طرفان صوبائي وزير جي گهران 60 ارب روپيا به هٿ ڪري ورتا آهن اهڙي طرح شازيه عطا مري جيڪا پي ڊي ايم حڪومت دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سربراهه هئي تي به اربين روپيا ڪرپشن جون خبرون هلن پيون، اهڙي طرح روينيو کاتي جي 17 هريڊ جي ملازم جي هٿان 22 ڪروڙ برآمد ٿيڻ کان وٺي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن کي ڪرپشن سبب هٽائڻ واريون خبرون آيون آهن
ملڪ ۾ جيڪا هن وقت صورتحال آهي ان جو اهم سبب ڪنهن حد تائين ڪرپشن آهي سڄاڻ ڌريون مطالبو ڪري رهيون آهن ته ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪريو تڏهن ئي ملڪ جون حالتون بهتر ٿينديون پر وري اتي ساڳيو سوال ڪر کڻي ٿو ته اهو سوال ڪنهن کان ڪجي ملڪ کي ڪير پيو هلائي ،،؟ جيڪڏهن ملڪي معاملي ۾ وڏي سرڪار واقعي به ملوث آهي ته پوءِ عوام جو مطالبو به ان وڏي سرڪار کان آهي ته خدارا ملڪ کي ڊفالٽ کان بچائڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ عوام کي بچايو وڃي ڇو ته عوام هوندي ته ملڪ هوندو ان ڪري ملڪ کي بهتري ڏانهن کڻي وڃڻ ۾ هن وقت ٻه آپشن آهن هڪ ته اسان آءَ ايم ايف جي غلامي ۾ رهون ٻيو اهو ته جيڪڏهن اسان جي وڏي سرڪار چاهي ته ملڪ جو قرض ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءَ هڪ وڏو قدم کڻي اهو قدم انهن ڪرپٽ سياستدانن ۽ افسر شاهين کان پيسا واپس ڪرڻ جو آهي ان لاءِ نيب ، ايف آءَ اي، اينٽي ڪرپشن کان ڪم نه پر وڏي سرڪار کي ان نيڪي جي ڪم ۾ اڳڀرو ٿيڻو پوندو ۽ انهن ادارن ۾ انهن کي پاڻ ويهي ڪري ڪرپشن اوڳاڙي وارو ڪلين آپريشن ڪرڻو پوندو ته جئين ملڪ ۽ عوام جو ڀلو ٿي سگهي.