سنڌ، جتي مسئلا روز جو معمول بڻجندا رھن ٿا، مصيبتون گهڻيون پر انھن جا حل تمام گھٽ!.
سنڌي ماڻھو ٻھراڙي ۾ ھجي، ڳوٺن ۾ ھجي،ننڍن شھرن ۾ ھجي يا وڏن شھرن ۾ رھندڙ ھجي،مسئلا سندس گڏ گڏ ھوندا آھن،معنيٰ ته سنڌ سدائين واڳن جي وات ۾ آھي.
اھو سمجھڻ تمام گھڻو اھم آھي ته جڏھن به ڪو ردعمل ٿيندو آھي ته اھو ڪنھن ھڪڙي نه پر انيڪ معاملن ۽ لقائن تان پردو چاڪ ڪندو آھي،ڪيترن ئي ٻرن مان نانگن کي ٻاھر ڇڪي ڪڍي اچي پڌرو ڪندو آھي،اھڙو ئي ردعمل تازو سموري سنڌ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڌرڻن ۽ مظاھرن جي طرفان ھلايل جدوجھد ذريعي ظاھر ٿيو آھي.
ان ڳالھه ۾ ڪو وڌاءُ ناھي ته ٻڌيءَ ۾ طاقت آھي، گڏجڻ سان ئي مسئلن جو حل ممڪن آھي،گذريل ڪجهھ ڏينھن کان سنڌ جي مختلف شھرن اندر لڳاتار ھلندڙ سياسي جدوجھد جي ڪري بيٺل پاڻيءَ اندر ڀينڊ ڦٽو ڪري لھرون پيدا ڪيون ويون آھن،ان عمل جي آجيان ڪجي ٿي،انھن لھرن ۾ واڌارو ايندو رھي ته جيئن اِھي چرپر مچائينديون رھن. ياد رھي تي برائي ۽ مڪاري جي ڪيتري به پراڻي سٽ سَٽيل ھجي، برا ۽ مڪار پاڻ کي ڪيترو به طاقتور سمجھن،انھن جو انت اڻٽر آھي.
سالن کان ڳٺجوڙ ۽ سازش تحت سنڌ اندر تعليمي ادارا صحت جا ادارا، قانوني ادارا مڪمل طور يرغمال آھن جن اندر من پسند ماڻھن کي ڀرتي ڪري من پسند ڪم ورتا ويندا رھيا آھن جنھن سبب عام عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آھي،ادارا ايتري قدر وڪاميل آھن جو عام ماڻھوءَ جي دانھن ٻڌڻ لاءِ ڪو آھي ئي ڪونه نتيجي ۾ عوام لکي جو ليک سمجھي ۽ قسمت تي رکي زندگيءَ جي بار کي گھيليندو رھي ٿو. پر ياد رھي ته ظلم جيترو وڌندو ردعمل اوترو ئي سخت ظاھر ٿيندو آھي.
ادارن اندر ويٺل نااھل ڪرپٽ آفيسرن،ملازمن ۽ پگھاردارن جي پرڪارن تان پردو لازمي چاڪ ٿيڻ گھرجي نه ته عام ماڻھوءَ کي اھي ڳجھون ايئن ئي ڳيھنديون رھنديون.
ظلم جي رات تمام ننڍڙي ٿئي ٿي،عوام کي پنھنجي حقن جي صحيح ڄاڻ لازمي ھجڻ گھرجي ته جيئن وقتائتا فيصلا ڪري پنھنجا جائز حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگھي. اسانکي تاريخ نه وسارڻ گھرجي،ورھاڱي دوران وڏيرن،ملڪن،چوڌرين،خانن ۽ سردارن کي ايجنٽ طور مقرر ڪيو ويو ھو جيئن ھو ماڻھن کي سک جو ساھ ئي نه کڻڻ ڏين، ايڏا عذاب ڪندا رھن جو عوام ٻئي پاسي سوچي ئي نه سگھي پر چوندا آھن ته "بکرے کی ماں کب تک خیر منائیگی”، سو ھاڻي ھنن وڏيرن سردارن ۽ سندن دلال واٺن جي ڳچيءَ ۾ ھٿ پيا آھن، ھنن جا سمورا ڪرتوت وائکا ٿي بيٺا آھن، ھاڻوڪي سنڌ جي شعوري سگھه آڏو وڏا بت ڪري پيا آھن.
ھر عمل پنھنجي گھربل رفتار مان گذري ڏاڪي به ڏاڪي اچي نروار ٿئي ٿو، اڄوڪو ردعمل سنڌ اندر ٿيندڙ سياسي جدوجھد ۽ عوامي علمي،شعوري سجاڳي ۽ تربيت جو تسلسل آھي جنھن کي ھرگز نه وسارڻ گھرجي.
ظالمن،ڏاڍن ۽ جابرن جو جڏھن قھري زور ٽٽندو آھي تڏھن اھي خالي ٽِين جيئان کڙڪندا آھن، پاڻ کي وقت جو فني خان سمجھندڙن جون وايون بتال ٿي چڪيون آھن،اھو آھي ٻڌيءَ جو نتيجو ۽ ٻڌيءَ جي طاقت. "ھٿ ورائي ته ڏس،شينھن ٻڪري اٿئي”.
ٻڌي، جابر ۽ جلاد لاءِ موت مثل آھي، دنيا جي تاريخ کڻي ڏسبي، معلوم ٿيندو ته جدوجھدن ۾ طاقت تڏھن ايندي آھي جڏھن بغير ذات،پات،رنگ،نسل،برداري،مذھب ۽ ڪنھن فِرقي جي جنگ وڙھي وئي ته وڏن وڏن سلطانن جا تخت ۽ تاج ڌوڙ ٿيندي نظر ايندا آھن.
سنڌي ماڻھن لاءِ ھي سنھري موقعو آھي جتي ھو ھر محاذ تي مٿي ڄاڻايل سمورن فَرقن کان پاڪ ٿي گڏ بيھي ھڪٻئي جا ٻانھن ٻيلي ٿي بيھندا ته سوڀون حاصل ڪندا ۽ ڌرتيءَ جِي مڙني عذابن مان جان آجي ڪرائي مٽيءَ جو مان مٿانهون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا، ھي ڌرتي اسانجي آھي،اسان کي اتي ئي گڏجي امن ۽ ڀائيچاري سان رھڻو آھي ۽ اھو تڏھن ممڪن آھي جڏھن اسين گڏجي پئون.
پنھنجين جدوجھدن ۾ نياڻين ۽ ٻارن کي شامل ڪيو انھن کانسواءِ ڪا به جدوجھد مڪمل نه آھي.
ھر ھڪ ماڻھو پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي، ڌرڻن ۾ شامل ٿئي،ڳالھائي، جيڪڏھن شامل نٿا ٿي سگھن ته لِکن،شاعرين ذريعي گيتن ذريعي حمايت ڪن،قوم جا ڀرجهلا ٿين،جنھن وٽ جيڪا صلاحيت آھي اھو قومي جدوجھد ۾ حصو وٺي، ان عملي جدوجھد ۾ ئي ھر درد کان نجات آھي.
نعرن کي پنھنجن احتجاجن جي طاقت سمجھي استعمال ڪرڻ گھرجي، مظاھرن،ڌرڻن ۽ احتجاجن ۾ نعرن جو اھم ڪردار ھوندو آھي، جنھن ايجنڊا تي احتجاج ڪيو وڃي نعرن جو استعمال انھن مطالبن تائين ئي محدود رکي جدوجھد جاري رکڻ گھرجي نه ڪي مظاھرن جي مقصد ۽ ماحول سان ھٿ چراند ڪري غير ذميواري جو مظاهرو ڪجي،اھڙن عملن کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
سنڌي ھندن جنھن جدوجھد جي شروعات ڪئي آھي اھو نئون انقلاب آھي، "جت نه پکيءَ پير تِتِ ٽمڪي باھڙي”،مسلسل خاموشيءَ کان پوءِ جيڪا گونج انھن اٿاري آھي سو يقينن ساراھ جوڳو عمل آھي،جتي به جنھن سان به ناانصافي يا ظلم ٿئي،جيڪو مظلوم آھي اھو مڙسي ڪري اڳيان اچي ۽ ٻين کي پنھنجو حامي ٿيڻ تي مجبور ڪري ۽ پنھنجي طاقت جو مظاھرو ڪندي ظالمن جي ڳچي ۾ پئجي وڃي ۽ ايئن ئي جنھن سان به ڏاڍ ٿئي، ظلم ٿئي، اسين سڀ بنا ڪنهن تفرق جي ھڪٻئي جا ساٿي ٿي گڏجي بيھي رھون.
اھا ئي روايت ھاڻي قائم رھڻ گھرجي ته جيڪو مظلوم آھي اھو اچي ميدان ۾ بيھي پنھنجا حق وٺي ۽ پنھنجن ماڻھن کي پاڻ سان گڏ بيھڻ ته مجبور ڪري، ھيءَ نئين سنڌ جي پڪار آھي، نئون سج اڀريو آھي ان جي آجيان ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي روشني سان پنھنجي ڌرتيءَ سميت جڳ جڳمڳائي ڇڏجي، جيڪي باھمت، باشعور، باغيرت ڀائر ۽ ڀينرون ھن لشڪر ۾ مظلوم جو آواز بڻيا آھن ۽ ھمت بڻجي سامھون آيا آھن انھن جي جرئت ۽ حوصلي کي سلام،انھن جي ھر ننڍي وڏي عمل ھر باشعور ۽ باضمير ماڻھن کي اتساھ بخشيو آھي جيڪو به يقينن قومي پورھئي ۾ شامل ٿئي ٿو.