هيءَ دانهن اڄ جي حڪمرانن، عدالتن ۽ انصاف کي جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي

تحرير: حميده گهانگهرو

سماج جي بي حسي، لاچاري، مجبوري کي ڏسندي ڏسندي نيٺ انور پيرزادي پنهنجي سوچ ۽ فڪر کي شاعراڻي انداز ۾ سميٽيندي ڪتاب جو نالو رکيو ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“. شاعري کي صرف شاعري ڪري پڙهڻ ته ڏاڍو سولو آهي پر شاعر جي سوچ کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. آخر انور پيرزادي چنڊ کي گواهه ڪري ڀٽائيءَ ڏانهن ئي پيغام ڇو ٿو موڪلي. چنڊ ۽ ڀٽائي هڪ عدالت ٻيو گواهه ۽ ڌرتيءَ تي رهندڙ سڀ انسان، ڪيڏو وڏو عدالتي احتجاج آهي! ڇا انور پيرزادي، شائسته عالماڻي جي ڪيس کي عوامي آواز ۾ لکندي سمجهي ويو ته هت ڪوڙ، ڏاڍ، ظلم، زيادتي جو نچوڙ سياسي فائدا ۽ عوام اڳيان وقت ٽارڻ جون قلابازيون آهن. انهيءَ ڪري ڀٽائي جي اڱڻ ۾ ويهي اونداهه ۾ چمڪندڙ چنڊ کي مخاطب ٿئي ٿو ته ڀٽائي چئو تنهنجيون نياڻيون نماڻيون اڄ ڪات هيٺان ڪنڌ رکي ڪُٺيون وڃن ٿيون. سندن لوئي جي لڄ ليڙون ليڙون ٿئي ٿي. اي ڀٽائي! اڄ به تنهنجون مارئيون پيرن، ميرن جي ڪوٽن ۾ قيد لڄ شرم حيا کي بچائڻ جي بي بسي ۾ پائمال ٿين ٿيون. تنهنجيون سورميون اڄ جي سوشل ميڊيا تي سرعام سنگسار ٿين ٿيون. عمر، اڳيان ته لڄ بچائي وئي. مارئي ۽ تنهنجي سورميءَ جي حوصلي اڄ مارئيءَ کي مثالي بڻائي ڇڏيو. جڏهن ڪوٽن ۾ قيد نياڻين جون آهون ڪوڪون ٻڌڻ وارا سڀ ٻوڙا ٿي ويا آهن، سڀني جي اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌجي ويون آهن ته سنڌڙي سڏڪا ڀريندي سڏي ٿي ته ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ، مرن پيون مارئيون قابو آهن ڪوٽ“.

چچريل گهٽا ڏنل لاش آخر ڪيستائين؟ شاعريون، مضمون، احتجاج لکبا رهبا.حڪمرانن، جاگيردارن، پيرن، ميرن، ڀوتارن، سردارن جي ڪپهه پيل ڪنن ۽ پاپي ذهنن ۾ خون سان رنڱيل ڪنهن ابهم معصوم جي تن جا ڪپڙا به دانهون ۽ ڪوڪون ڪري رهيا آهن. پر ڪنهن غريب جي تڙپندڙ لاش جي انور پيرزادي اڳڪٿي هئي ان ڪري چمڪندڙ چنڊ کي گواهه بڻائي فرياد ڪري ٿو. سندس اندر جي اڇل ۾ اهو پيغام اچي ٿو ته ”رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا“ انهيءَ ڪري چمڪندڙ چنڊ ۽ ڀٽائي جو ويساهه کيس فرياد ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو.

”اڄ رات رنو آ رت ڦڙو ۽ تارا سور پيئن ٿا پيا.

هوءَ سانجهي سڏڪي روئي ٿي ۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا.

توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان. اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان

ڪيڏي نه پيڙا کي محسوس ڪندي دانهن ڏني ٿي وڃي. چوي ٿو هر ماڻهوءَ ڀينڊ هنئي آهي، هر گهر گهٽي ڄڻ ڦاهي آهي.

جڏهن فاطمه، جوڻيجا برادري جي ڪونج، سيما، ريحانه ميمڻ وغيره وغيره (ڪيترا نالا لکجن) جا لاش هر گهٽيءَ ۾ ڳاڙهي سهاڳ جون چوڙيون پائڻ کان اڳ رت ۾ لت پت امڙين اڳيان آندا وڃن ٿا ته سندن انصاف جي تارازي جو پلڙو به زنجير مان ٽٽي پوي ٿو. يا وري ڪنهن ڀٽائي جو انتظار ڪجي يا سنڌ جي هر باشعور ساڃاهه وند کي عدالتن اندر انتظار جي آسرن کي للڪارجي. وحشي جانور به شڪار ڪري ڪجهه وقت لاءِ آرامي ٿيندو آهي پر هن سماج جا انسان نما وحشي گهاٽي جهنگ ۾ رهندڙ وحشين کان به گهڻائي ۾ آهن.

هڪ امڙ جي اکين جا ڳوڙها سڪن ئي نٿا ته وري ٻي امڙ جي جهولي خالي ڪئي ٿي وڃي. آزاد رياست جا ڇڙواڳ اثر رسوخ وارا بلڪل ابدي ننڊ وانگر انسانيت جي رشتن اڳيان اکين ٻوٽ ٿيو ويٺا آهن. هڪ بي حرمتي سندن بي موت مارڻ واري. ٻي بي حرمتي قبر مان لاش ڪڍي پوسٽ مارٽم ۽ وري ٽين بي حرمتي ته اصل حقيقتن کي لڪائڻ لاءِ لاشن سان به ويساهه گهاتي ڪئي وڃي، ته پوءِ انصاف ۽ عدالتون آخر ڪهڙي درد جي دوا آهن؟

ايئن ٿو محسوس ٿئي ته سنڌ جي نياڻين تي قصيدا لکيا وڃن ته ڪتابن سان ڀريل لئبريري ٺهي ويندي.

ملڪ جي آزاديءَ وارن سالن جي ڳڻپ کان وڌيڪ مذهبي، لساني، فرقه پرستي جا جهڳڙا، بم ڌماڪا، مندر، مسجد، گرجا گهر، اسڪول، دڪان، گهرن، بازارون ڪا به جاءِ محفوظ ناهي. چوريون ڌاڙا ڦرلٽ ته ڪنهن حد تائين غربت، بک بيروزگاري جي دليل ۾ ڍڪي وڃي ٿي. هيءَ ڪهڙي انساني حوس جي راند آهي جنهن ۾ پنهنجي پٽ، نياڻيءَ جي پيدائش تي ته چراغان ڪري ڇٺيون ملهايون وڃن، نسل وڌڻ جون مبارڪون ڏنيون وڃن، ۽ ڪنهن غريب جي ابهم معصوم ٻارن سان زيادتيون ڪري گهر جو اڪيلو ڏيئو به اجهائي ڇڏجي.

ڪنهن نياڻيءَ جي اغوا ۽ بي حسي جي انتها پريا ڪماري آخر ڪاڏي وئي. ٻن سالن جي ابهم معصوم نياڻي ڪنهن جي هٿن ۾ هوندي. ڇا سندس زندگيءَ ۾ سسڪيون ۽ اکين جي ڳوڙهن ۾ پريا ڪماري تي ڪنهن به وحشيءَ کي ڪهل نه آئي آهي. يا خدا نه ڪري سندس زندگيءَ جو ڏيئو اجهامي ويو آهي. هن جو ڏوهه صرف هندو گهر ۾ پيدا ٿيڻ آهي. ڏٺو وڃي ته 10 محرم تي امام جي سبيل ورهائيندي اغوا ٿيڻ واري نياڻي جو انهيءَ وقت ڪهڙو مذهب هئو. هوءَ ته تمام مذهبي تضاد کان الڳ صرف اسلام خاطر قرباني ڏيندڙ شهيدن جي سبيل مسلم مومنن ۾ ورهائي رهي هئي. اسان وٽ وڏيون دعوائون ڪرڻ وارا اڪابر مذهب جي مت ڀيد جي ڳالهه ڪندي ٿورو پريا ڪماري جي جذبي تي به سوچين.

هن وقت خاص طور سنڌ جو غريب طبقو تمام ڏکين حالتن ۽ پيڙا واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. هر ايندڙ حڪومت سنهري خوابن سان گڏ ماضيءَ جي مجبورين ۾ جڪڙيل هوندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ شايد جيڪا صدا هڻندي ڌرتيءَ جو وارث چنڊ جيڪو اونداهه کي روشن ڪري هر ڌرتيءَ جي ڪک پن کان ساهه کڻندڙ انسان پکي جانور تي نظر رکي گواهي ڏئي ٿو ۽ بقول انور پيرزادي جي سندس عدالت ڀٽائي آهي. سمجهڻ کپي شاهه جي 30 سرن ۾ هن ڪهڙي ڪهڙي صورتحال تي پرامن طريقي سان سمجهايو آهي ته ڀٽائي صرف ميلو ڪرڻ ۽ راڳ ٻڌڻ تي نه جاڳندو بلڪه ڀٽائي پنهنجي ڌرتيءَ جي وارثي ڪندي خوشحالي ۽ امن پسند چمڪندڙ چنڊ ۾ هاري ناري لابارا ڪندي ته ڪلهن ۾ ڪانڀا ٻڌي ڦٽيون چونڊيندي آزاد ڌرتي ڏسڻ چاهي ٿو. هو ڌاڙيلن جي ڪلاشنڪوف جي دهشت ۾ غريبن کي اغوا ٿيندي نه پر هٿ ۾ لالٽين ۽ هڪ ننڍڙي سوٽي هٿ ۾ ڪري هارين نارين جي زندگيءَ کي ڏسي ٿو.

سمجهڻ گهرجي ته انور پيرزادي جي نظم ۾ سنڌ جي دانهن شامل آهي. آخر ملڪ جي بي حسي ۽ بي توقير انصاف نه ملڻ تي گهري چماٽ آهي. ماضيءَ جي اها دانهن جديد دؤر جي حڪمرانن ساڃاهه وندن، عدالتن جي انصاف کي ٻيهر جهنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.