آمريڪا-ايران جنگبندي معاهدو، پاڪستان جي تجويز تي سوئٽزرلينڊ ۾ تاريخي ملاقات جو هنڌ ۽ وقت طئي

برن (ويب ڊيسڪ)سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا معاهدي تي باضابطا صحيحون سوئس ريزورٽ ”برگن اسٽاڪ“ ۾ ڪندا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، امڪان آهي ته ٻنهي ملڪن جا وفد جمعي جي ڏينهن ملاقات ڪندا، ملاقات لاءِ مقرر هنڌ جي تجويز ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن پاڪستان ۽ قطر ڏني هئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اِهو گذريل ٻن سالن دوران ٻيو ڀيرو آهي جڏهن هن ريزورٽ کي سفارتي ڳالهين جي ميزباني لاءِ چونڊيو ويو آهي. ان کان اڳ جون 2024ع ۾ يوڪرين ۾ امن بابت سربراهي اجلاس لاءِ عالمي اڳواڻ هتي گڏ ٿيا هئا.

 

You might also like