عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ وڏي لاٿ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 80 ڊالر في بيرل کان به هيٺ لهي آئي آهي.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدي جي اعلان کانپوءِ آبناءِ هرمز جي ٻيهر کلڻ جي اميدن سبب تيل جي اگهن ۾ نمايان لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.
هن وقت مارچ کانپوءِ پهريون ڀيرو برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 79.90 ڊالر في بيرل تائين ڪِري پئي آهي،
ياد رهي ته جنگ دوران برينٽ تيل جي قيمت اٽڪل 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته تڪرار شروع ٿيڻ کان اڳ اها قيمت اٽڪل 70 ڊالر في بيرل جي لڳ ڀڳ هئي.

 

You might also like