واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ سعودي عرب جي سفير شهزادي ريما بنت بندر فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ سعودي قومي ٽيم جي سفر جي شروعات کي فٽبال لاءِ هڪ فخر جوڳو ڏينهن قرار ڏنو آهي.
سعودي عرب پنهنجي افتتاحي ميچ ۾ يوراگوئي سان 1-1 گول سان برابر ٿي.
ان موقعي تي شهزادي ريما ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ سعودي ٽيم کي شاندار شروعات ۽ سخت مقابلي کانپوءِ ميچ برابر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.
هن لکيو ته ” رانديگرن جي عزم، صلاحيت ۽ وڙهڻ واري جذبي ملڪ کي فخر محسوس ڪرايو آهي ۽ هي عالمي سطح تي سعودي فٽبال جي بلند امنگن جي عڪاسي ڪري ٿو.“
هن گرين فالڪنز لاءِ ايندڙ ميچن ۾ وڌيڪ ڪاميابين لاءِ نيڪ خواهشون جو اظهار پڻ ڪيو.
سعودي عرب جي مختلف شهرن ۾ قومي ٽيم جي افتتاحي ميچ جي موقعي تي انتهائي پرجوش ماحول ڏسڻ ۾ آيو.
وڏي انگ ۾ سعودي فٽبال مداحن جده ۾ قائم عبادي الجوهر ارينا جو رخ ڪيو، جتي هنن وڏي اسڪرين تي ميچ ڏٺي.
گرين فالڪنز پنهنجي افتتاحي ميچ ۾ هڪ قيمتي پوائنٽ حاصل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هن گروپ ۾ شامل پنجن ئي ٽيمن جون هاڻي هڪ هڪ پوائنٽ ٿي ويون آهن.