ڀارتي سينيما جي بهترين فلمن ۾ شمار ٿيندڙ فلم”لگان“15 جون تي پنهنجي رليز جا 25 شاندار سال مڪمل ڪري ورتا آهن.
هيءَ فلم نه رڳو پنهنجي انوکي موضوع، موسيقي، هدايتڪاري ۽ تجسس جي ڪري ياد رکي وڃي ٿي پر پنهنجي شاندار ڪاسٽ جي ڪري به تمام گهڻي مقبول ٿي.
فلم ۾ ڪرڪيٽ خاص طور تي سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو هو، جنهن ۾ ڪيئي اداڪارن کي پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارڻ جو ڀرپور موقعو مليو. جنهن ۾ نمايان نالو اداڪارا گريسي سنگهه جو هو.
سال 2021 ۾ فلم جي 20 هين سالگرهه جي موقعي تي من موهڻي اداڪارا گريسي سنگهه هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو هو ته کيس گوريءَ جو ڪردار ڪيئن مليو.
ان ڪهاڻي جو تعلق 1967 ۾ رليز ٿيل فلم ”جيول ٿيف“ جي هڪ گيت سان به جڙيل آهي جنهن ۾ وجنتي مالا پرفارم ڪيو هو.
گريسي سنگهه موجب ”مان جڏهن فلم ’امانت‘ ۾ ڪم ڪري رهي هئس ته هڪ سينيئر مئنيجر( جوشي جي) مون تي زور ڏيندو هو ته مون کي هندي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي.“
اداڪارا جو چوڻ هو ته ” جوشي جي“ جي ذريعي ئي مون کي”لگان“ جي آڊيشنز جو پتو پيو، اصل ۾ هو ئي مون کي اتي وٺي ويو هو، ڪاسٽ ڪرڻ کا پهرين ٻه ڀيرا آڊيشن ڏيڻو پئي، مون کي پنهنجي پسنديدا گيت ” هونٽو پي ايسي بات “تي ڊانس ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو.
هن ٻڌايو ته”اسڪرين ٽيسٽ ڏيندي ڏاڍو سٺو لڳو، مون کي خوشي هئي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو آهي ۽ مون کي اهو ڪردار ملي ويو. مون کي شروع ۾ ڪردار ۽ ڪهاڻي جي ڄاڻ نه هئي، جڏهن پتو پيو ته ڏاڍي خوش ٿيس ڇو ته مون کي تاريخي پس منظر واريون فلمون گهڻيون وڻنديون آهن ۽ مان هميشه اهڙي فلم ڪرڻ چاهيندي هيس.“
گريسي سنگهه اداڪار ۽ پروڊيوسر عامر خان جي به واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ”مان عامر خان جي مداح هيس ۽ هو ڏاڍي متاثر ڪندڙ شخصيت آهي، منهنجي هڪ اسڪرين ٽيسٽ ۾ عامر خان به موجود هو، مان گهڻي نروس هيس، پر هن پاڻ کي مڪمل طور تي ڀوون جي ڪردار ۾ سمائي ڇڏيو هو.
هن کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته ڇا هن ڪڏهن هدايتڪار آشوتوش گوارڪر کي اهو چيو ته گوريءَ کي ڀوون جي ٽيم ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو ڇو نه مليو؟ ته گريسي سنگهه مرڪندي چيو ته ”نه، مون ڪڏهن اهو نه پڇيو، بس گوريءَ کي ميچ ڏسي سٺو لڳو. پر ها، دل چوندي هئي ته مان به فلم ۾ ڪرڪيٽ کيڏان، فلم ۾ ڪردار طور ۽ ذاتي طور تي به منهنجي تمام گهڻي خواهش هئي.“
You might also like