حڪومت انتھائي غيرذميواري ۽ لاپرواھي جو مظاھرو ڪندي ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ جاري ڌرڻي تي ڪنھن فلمي ولن جيان ڪاھ ڪري انھن کي ھيسائڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس اندر موجود ڪرمنل ذھن جي ٽولي کي لٺين ۽ ڇرين سان ليس ڪري ڌرڻي ۾ ويٺلن کي سبق سيکارڻ لاءِ اڳيان ڪيو ويو، جن قانون جا بخيا اڊيڙيندي پر امن ماڻھن تي حملو ڪري انھن جا ھڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا. ڇرين سان جھير ڏنا.مٿان ڦاڙيا ويا. اھو عمل ھڪ انتھائي ڏوھاري قسم جي حرڪت ھئي.جنھن جي سموري سنڌ نندا ڪئي نھ رڳو ايترو پر ان عمل سموري سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ غصي جي لھر پيدا ڪري ڇڏي.نتيجي ۾ ڪنھن نھ ڪنھن طرح ٿڌي ٿيل ماحول کي وري مڇرايو ويو. ان بعد سنڌ جي مخلتف شھرن ۾ ماڻھون ٻاھر نڪري آيا ۽ ان عمل جي نندا ڪندي ۽ ڪشمور ۾ ڌرڻي ھڻندڙن جي حق ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ڪيو.
اھو درست آھي تھ پوليس اختيارين ڪجهھ مغوين کي بازياب ڪرايو ۽ اھي پنھنجي مٽن مائٽن تائين پھتا، پر انھن بابت ڪنھن بھ قسم جو ڪو تفصيل نھ ٻڌايو ويو تھ اھي ڪيئن بازياب ٿيا آھن ؟ انھن کي ڪنھن اغوا ڪيو ھو ؟ ۽ باقي مغوين کي ڪڏھن بازياب ڪرايو ويندو ؟
ڪشمور ۾ ڌرڻي جي مٿان ڪاھ رڳو تھ مقامي پوليس جي داداگيري نھ ھوندي، اھو تھ مٿان کان مليل حڪم ھوندا. جنھن جي آڌار تي پوليس فورس ۾ اھڙي ڪارروائي ڪئي .اھو ھر ريت سنڌ حڪومت جو ڪم آھي تھ احتجاج ڪندڙ ماڻھن کي مطمين ڪري ۽ جن جا پيارا اغوا ٿيل آھن،انھن کي بازياب ڪرائڻ جي لاءِ ھن وقت تائين اختيارين ۽ پوليس جي کنيل قدمن کان آگاھ ڪري. ڇاڪاڻ جو قانون موجب ماڻھن جي مال جان ۽ عزت جي محافظ آھي.
حڪومت خبر ناھي ڇو پنھنجو فرض وساري ڇڏيو آھي ۽ ھڪ سنگين مسئلي کي منھن ڏيڻ جي لاءِ اھڙن ماڻھن کي انتظاميھ اختيار ڏنا آھن، جن کي انساني حقن جو ڪو بھ سبق ياد ناھي۽ انھن سرعام قانون جي لتاڙ ڪندي ڪنھن فلمي ولين جي ٽولي جيان خلق تي ڪاھ ڪري انھن کي زخمي ڪيو ۽ ھيسائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇا اھڙي غيرذميواري جي مظاھر ڪرڻ تي وري عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ ڪجھھ اھلڪارن خلاف ڪارروائي جي رسم پوري ڪرڻ سان سنڌ سرڪار ۽ پوليس اھو داغ ڌوئي سگھندي ؟
جيڪو ڪجھھ ٿيو ان جا منظر نھ رڳو ھتي پر سموري دنيا ۾ وڊيوز ۽ تصويرن جي روپ ۾ وائرل ٿي ويا،جنھن سان بھ انھن جي رھيل سھيل ساک پڻ گھڻي متاٿر ٿي آھي.
سنڌ سرڪار کي اھو بھ سمجهڻ گھرجي تھ ھي ڪو قبائلي علائقو ناھي جتي ڪي خاص قانون لاڳو ٿين ٿا. اھي ماڻھون جن کي پنھنجي پيارن جي اغوا ٿيڻ تي تڪيلف آھي ان ڪري اھي ڌرڻو ھڻي ويٺا ھئا، انھن جو مطالبو ڪو اھڙو بھ نھ ھو،جنھن جي بنياد تي عام ماڻھن تي اھڙي نوعيت جي تشدد کان ڪم ورتو وڃي.
سنڌ جي اترين ضلعن ۾ ڪافي وقت کان بدامني جاري آھي.جنھن ۾ ڌاڙيل ڏينھن جي روشني ۾ ماڻھون اغوا ڪري رھيا آھن.تازو جڏھن سوشل ميڊيا تي مغوين جي بازيابي واري مھم ڪامياب ٿي تھ ان بعد ڪشمور جي مقامي ماڻھن بدامني خلاف پنھنجي مدد پاڻ تحت مغوين جي بازيابي جي لاءِ ڌرڻو ھنيو ۽ شٽر بند ھڙتال ڪئي، اھي عام ماڻھو ھئا ان ۾ ڪا بھ سياسي جماعت شامل نھ ھئي.احتجاج جو رستو اختيار ڪندڙ ماڻھن جي ڪنھن بھ طرح جي ڪا سياسي ايجنڊا نھ ھئي.
ھن وقت بھ سڄي سنڌ جا ماڻھو فقط مان ڌاڙيلن جي ٿيندڙ ظلم خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري رھيا آھن. اھي ھن ايڪھين صدي جي سماج جا مھذب ماڻھون چئبا جيڪي سڄي معاشري ۾ خوف ۽ ڏھڪاءُ پکيڙندڙ ڏوھارين خلاف اٿي کڙا ٿيا آھن. قانون کي تھ انھن جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. ان جي بدلي ۾ جڏھن خود پوليس جي روپ ۾ سخت رويو اختيار ڪندي قانون جي سنگين ڀڃ ڪڙي ڪئي وڃي ٿي تھ ان سان سڄي سوسائٽي ۾ منفي رويا جنم وٺندا.جنھن سان قانون ھڪ مذاق بڻي رھجي ويندو.
سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت، بدامني ۽ اغوا انڊسٽري خلاف اربع واري ڏينھن سنڌ جي مخلف شھرن ۾ احتجاج جاري رھيو، مخلف ھنڌن تي شھرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا.جنھن ڪري ٽريفڪ ۾ رخنو پيو ۽ رواجي سرگرميون متاثر ٿيون تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي گھرجي تھ سنجيدگين جو مظاھرو ڪندي احتجاج ڪندڙن سان رابطو ڪري انھن جي ڳالھين کي غور سان ٻڌي ڪري انھن کي حل ڪرڻ بابت جوڳي ۽ قبولڻ جھڙي حڪمت ملي جوڙي اھو سامھون آڻي.اھڙي صورتحال ۾ معاملي جو حل ڳوليو وڃي. ھميشھ ائين ٿيندو آھي.اھا ڪا بھ انوکي ڳالھھ ناھي، پر بدقسمتي سان اتر سنڌ ۾ ڪجھ طاقتور ۽ بااثر ماڻھون ھڪڙو تھ پاڻ کي سردار سڏائين ٿا مٿان وري انھن وٽ پئسو ، ھٿيار ۽ انھن جي برادرين جا ماڻھون آھن ۽ ان کان سواءِ انھن سمورن جي سياسي وابستگي پڻ آھي.اھي ئي اھي ڌرين آھن جيڪي پوليس جي کي ڪم ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ان ڪري اتي امن امان جي صورتحال تي پوليس سنڌي ريت ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ انھن بااثر ماڻھن جي اشاري تي ڪم ڪري ٿي.جنھن سان ھڪ تھ امن امان جي حالت بگڙي وئي آھي ٻيو تھ انھن طاقتور ڌرين جي ھشي تي پوليس بھ پاڻ کي سمورن قاعدن قانونن کان اجي تصور ڪري ٿي.اھو سڀ ڪجھھ ھڪ وڏي وقت کان جاري آھي.
سنڌ حڪومت کي انھن ھٿ طاقتور ڌرين جي ڪرمنل سرگرمين خلاف بنا ڪنھن رک رکاءُ جي ڪارروائي ڪرڻ ڏني وڃي ۽ انھن جو اثر پوليس مٿان ختم ڪيو وڃي تھ انھن علائقن ۾ امن امان قائم ڪرڻ ڪو اھڙو بھ وڏو مسئلو ناھي. سنڌ ۾ اھو احتجاج ھن وقت بھ جاري آھي، ان ۾ ڪنھن بھ اٻھرائي جو مظاھرو ڪنھن کي بھ نھ ڪرڻ گھرجي ٻي صورت ۾ ڪنھن بھ ڌر کي ڪو فائدو نھ ٿيندو . حڪومت مسئلي کي منجھائڻ بجاءِ ان جي بھتر حل لاءِ عملي ڪم ڪرڻ گھرجي.