دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڀارتي شڪايت تي حارث رئوف تي به ڏنڊ هڻي ڇڏيو.
ڀارت طرفان آءِ سي سي ظابطن جي ڀڃڪڙي جا الزام لڳائڻ تي قومي ڪرڪٽر حارث رئوف ۽ صاحبزاده فرحان ميچ ريفري آڏو پيش ٿيا هئا.
ايشيا ڪپ ۾ 21 سيپٽمبر تي ڀارت خلاف ميچ ۾ صاحبزاده فرحان فيفٽي اسڪور ڪرڻ بعد خوشيءَ جو اظهار ڪندي بيٽر” گن شاٽ “ واري انداز ۾ جشن ملهايو هو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مداحن کي پاڪستان کان ميچ کٽڻ باوجود حارث رئوف جو انداز نه وڻيو ۽ ڀارت پاڪستاني ڪرڪيٽرن خلاف آءِ سي سي ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي.
فاسٽ بالنگ ڪندڙ حارث رئوف ميچ دوران وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ ۽ بائونڊري لائين ويجهو فيلڊنگ ڪندي ڀارتي تماشائين جي هوٽنگ جو جواب ڏيندي جهاز تباهه ٿيڻ جو اشارو ڪيو هو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ميچ ريفري حارث رئوف کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ڏيندي ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ميچ ريفري صاحبزاده فرحان خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ناهي ڪئي، پر کيس وارننگ ڏني وئي آهي.
ان کان اڳ آءِ سي سي 14 سيپٽمبر تي ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کان پوءِ پريزينٽيشن دوران تڪراري بيان ڏيڻ تي ڀارتي ڪپتان سورَيا ڪمار يادَو کي ڏوهاري قرار ڏئي ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ هنيو هو.
You might also like