ٽرمپ وچ ۾ نه پوي ها ته پاڪ-ڀارت جنگ جا ڀوائتا نتيجا نڪرن ها: وزيراعظم

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي اوڀر واري سرحد تي دشمن جي جارحيت جو جواب ڏنو ۽ پاڪستان ڀارت کي پهلگام حملي جي غيرجانبدار جاچ جي آڇ ڪئي هئي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيوته
پاڪستان پنهنجي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن تحت هر مسئلي جو حل ڳالهين وسيلي ڪڍڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته ڀارت پهلگام واقعي کي سياسي طور استعمال ڪيو ۽ پاڪستان تي حملو ڪيو، پاڪستان پرڏيهي اڳرائيءَ جو ڀرپور دفاع ڪندو.
پنهنجي تقرير دوران هن چيو ته اسين ڀارت کان جنگ کٽي چڪا آهيون، هاڻي اسان امن جا خواهشمند آهيون ۽ پاڪستان، سمورن حل طلب مسئلن تي ڀارت سان گڏيل ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي گڏيل احترام ۽ سهڪار تي ٻڌل آهي، اسان تڪرارن جو پرامن حل چاهيون ٿا.
هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ ۾ مداخلت نه ڪن ها ته جنگ جا ڀوائتا نتيجا نڪري سگهن پيا.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ روڪرائڻ تي ٽرمپ امن جي نوبيل انعام جو حقدار آهي.
فلسطين بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته غزا ۾ اسرائيل جي طرفان فلسطينين نسل ڪشي جاري آهي، جنهن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي.
پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته اٽڪل 80 سالن کان فلسطيني عوام اسرائيلي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن، اولهه ڪناري فلسطيني اسرائيلي آبادڪارن جي جارجيت جو مقابلو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته غزا ۾ به فلسطيني عورتون ۽ ٻار اسرائيلي فوج جي وحشت جو نشانو بڻجي رهيا آهن.
وزيراعظم چيو ته غزا ۾ ترت جنگبندي ٿيڻ گهرجي، پاڪستان آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪري ٿو، جيڪا 1967ع جي سرحدن تي قائم هجي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان هميشه کان پنهنجن فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ اڳتي پڻ سندن حمايت جاري رکندو، پاڪستان اڄ هتي گڏيل قومن ۾ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جو مطالبو ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.