سنڌ ۾ روزانو احتجاج ٿي رهيا آهن. ڪوبه اهڙو شهر ڪونه ٿو سجهي. جنهن ۾ احتجاج نه ڪيا ويندا هجن. ۽ ڌرڻا نه هنيا ويندا هجن. هڙتالون نه ٿينديون هجن مطلب ته هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ عوام سراپا احتجاج بڻيل نظر اچي رهيو آهي ۽ انصاف لاءِ پڪاريندو وتي. هن وقت اهڙو ڏينهن ڪڏهن به ڪونه ٻڌو اٿئون جنهن ڏينهن تي عوام دانهون نه ڪيون هجن. هاڻ مظاهرا، سنڌ واسين جو روزانه جو معمول ۽ مقدر بڻجي چڪو آهي. اهڙيون شاهديون ۽ گواهيون روزانه اخبارون پڙهڻ سان ملن ٿيون. احتجاجن جي وڌڻ سان ائين ٿو سمجهه ۾ اچي ته، عوام جا مسئلا حل ڪونه ٿا ٿين. عوام مختلف مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهي ٿو. عوام جي ڪير به ڪونه ٿو ٻڌي. مجبورن ماڻهو گھرن کان ٻاهر نڪريو اچن ٿا ۽ احتجاجن وارو رستو اختيار ڪيو وڃي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ته ماڻهو ويچارا بيوس، لاچار، مجبور ۽ محتاج آهن. سندن ڪوبه اوهي واهي ڪونه آهي. ڪوبه مددگار ۽ واهر ڪرڻ وارو نه هئڻ ڪري عوام روڊن تي نڪتل آهي. پرامن احتجاج ڪرڻ هر ماڻهو جو جمهوري حق آهي جيڪو موجوده حڪومت عوام کان کسڻ گھري ٿي. ان حق کسڻ لاءِ حڪومت هميشہ غير جمهوري طريقو اختيار ڪندي رهي آهي. ڪيترن ئي کاتن جي ملازمن جي احتجاجن تي لٺبازي به ٿيندي رهي آهي. ڳوڙها گئس جو استعمال به ڪيو ويندو آهي ۽ گرفتاريون به ڪيون وڃن ٿيون. انتهائي بدتميزي وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. ٿورو غور ڪبو ته اهڙا کوڙ واقعا ذهن جي اسڪرين تي اچي ويندا جيڪي ماضي ۾ ٿي چڪا آهن.
اڪثر ڪري ڪراچي ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن. جيئن تازو ميوزڪ ٽيچرن جي اميداورن سان حشر ڪيو ويو. اهو سڀ ڏاڍو افسوس ٿيو ته هيءَ حڪومت پاڻ کي جمهوري سڏرائي ٿي ۽ عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي. هاڻ، ان ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو آهي.؟ ڇا اهائي حقيقي جمهوريت آهي؟ مظاهرن کي روڪڻ لاءِ اهو طريقو بهتر آهي؟ ان باري ۾ حڪومت ئي جواب ڏيئي سگھي ٿي. باقي عوام جون ڏندين آڱريون اچي ويون آهن. ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا آهن. ساڃاهه وند ماڻهن حڪومت جي ان عمل تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ گھر ڪئي آهي ته، ميوزڪ ٽيچرن جو جائز مسئلو هئڻ ڪري کين پوسٽنگ آرڊرس جاري ڪيا وڃن. مختلف سياستدانن پڻ حڪومت جي هن ڪارروائي جي مخالفت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾، سول سوسائٽي جي ماڻهن به ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته، ميوزڪ تيچرز تي پوليس هٿان تشدد ڪرڻ هڪ سٺو سنوڻ ڪونه ٿو لڳي. سنڌ حڪومت ڄاڻايل طبقي سان ناانصافيون ۽ زيادتيون ڪندي وتي. جنهن جي ڪيتري به مذمت ڪجي سا بلڪل ٿوري آهي
هن وقت حالت اها آهي جو سڄي سنڌ ۾ بک، بيروزگاري ۽ بدامني ۾ مسلسل واڌارو ٿيندو پيو وڃي. عوام کي روزگار جا موقعا ۽ وجهه گھٽ ملي رهيا آهن. عوام پريشان ۽ مونجهاري جو شڪار آهي. غربت تيزي سان وڌندي پئي وڃي. روزگار گھرڻ تي پوليس کي اختيار ڏنا ويا آهن ته، اهڙو مطالبو ڪندڙن جي رستي روڪ ڪئي وڃي. جنهن جو مثال ميوزڪ ٽيچرن سان ٿيندڙ سلوڪ مان وٺڻ گھرجي. ميوزڪ ٽيچرن کي جوائننگ نه پئي ڏني وڃي. جڏهن ته ڪامياب اميدوارن کي اڳ ۾ آفر آرڊر به جاري ڪيا ويا هئا. تڏهن به ساڳئي حڪومت هئي. ساڳيا وزير ۽ مشير هئا جيڪي هن وقت به موجود آهن. جيڪي هاڻ امن پسند راڳي ماڻهن کي پوسٽنگ آرڊر ڏيڻ کان نابري واري ويٺا آهن ۽ انڪار ڪندا وتن تقريباً ڏيڍ سال گذري چڪو آهي. اهي ٽيچر مطالبو ڪري رهيا آهن ته جن کي آفر آرڊر ڏنا اٿو هاڻ انهن کي پوسٽنگ آرڊر جاري ڪري ذميواريون ڏنيون وڃن. کين روزگار سان لاتو وڃي. هو، هن وقت دربدر آهن. ۽ سندن مسڪيني حالت اٿن. جنهن ڪري سراپا احتجاج بنجي ميدان تي نڪري آيا آهن. ياد رهي ته، گذريل ڪيترن ڏينهن کان وٺي ميوزڪ ٽيچرن جي طرفان سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي ۽ پنهنجو حق گھرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيا آهن. پنهنجو حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. طبقي جي مظاهرين وزيراعليٰ هائوس طرف احتجاج جي ڪوشش ڪئي ته کين روڪيو ويو ۽ وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪار پهچي ويا ۽ مظاهرين جي مٿان حملو ڪيو، تشدد ڪيو ۽ ڪجهه ماڻهو گرفتار به ڪيا ويا. پوليس جو رويو انتهائي جارحانه نموني جو رهيو. خبر ناهي ته ايتري نفري ڪٿان اچي ويئي. جڏهن ته ڪراچي ۾ بدامني جي بازار گرم آهي. روزانه وارداتون ٿي رهيون آهن. جن ۾ ڪابه گھٽتائي ڪونه ٿي ٿئي. پوليس غائب هوندي آهي. ڏوهارين جي خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪونه ڪندي آهي. سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته، نفري گھٽ هئڻ ڪري پوليس بروقت پهچي ڪونه ٿي سگھي. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته نفري گھٽ هجڻ جي باوجود هيتري پوليس ڪٿان کان اچي ويئي. جن مظاهرين جي رستي روڪ ڪئي. انهن سان ناروا سلوڪ ڪيو. ايتري پوليس، جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڏوهارين جي خلاف نڪري پئي ته آئون، سمجهان ٿو ته، اتي مڪمل طرح امن و امان قائم ٿي سگهي ٿو ۽ ڪراچي امن جو شهر بنجي سگھي ٿو. اڻوڻندڙ واقعن تي ضابطو به اچي ويندو ۽ ڄاڻايل سڄي شهر جون حالتون سڌري سگهجن ٿيون. پر، خبر ناهي مذڪوره نفري کي ڏوهارين جي خلاف استعمال ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ صرف مظاهرن جي وقت، مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ مهل ٻرن مان نڪريو پوي ٿي.
هاڻ حڪومت کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. تعليمي ادارن ۾ “ميوزڪ ٽيچر” جون پوسٽون اوهان ئي متعارف ڪرايون هيون اميدوارن کان ٽيسٽون به ورتيون ويون هيون. ڪامياب اميدوارن کي آفر آرڊر به اوهان ئي ڏنا هئا. انهن اميدوارن کي هاڻ ڀت سان لڳايو پيو وڃي. کين نااميد ڪيو پيو وڃي. هو، ڪيتري عرصي کان وٺي نوڪري ملڻ جي انتظار ۾ آهن