ڪراچي(عوامي آواز نيوز)شهر جو وڏو ٽرانسپورٽ منصوبو "بي آر ٽي ريڊ لائن” هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪلاتن جي گهيري ۾ اچي ويو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ) پاران ڪم جي رفتار ۽ معيار تي سخت اعتراضن کانپوءِ، انتظاميا لاٽ ٽو جي ڪنٽرڪٽر سان معاهدو ختم ڪري سندس آفيس کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد گذريل ڏينهن دوري دوران ڪنٽرڪٽر جي ڪارڪردگي، ڪم جي سستي رفتار، صحت، تحفظ ۽ ماحولياتي معيارن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو. بئنڪ جي انهن تحفظات کانپوءِ ٽرانس ڪراچي پاران هي سخت قدم کنيو ويو آهي.گلشن اقبال ۾ لاٽ ٽو جي آفيس سيل ڪرڻ کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاٽ ٽو ۾ ڪم مسلسل دير جو شڪار هو ۽ ڪنٽرڪٽر جي ڪارڪردگي تسلي بخش نه هئي. ترقياتي ڪم گهربل معيار تي پورو نه لهڻ سبب معاهدو ختم ڪرڻ جي باضابطا ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.”ياد رهي ته 50 ڪروڙ ڊالرن جي هن ميگا پروجيڪٽ جو آغاز 2022 ۾ ٿيو هو، جنهن کي 2025 تائين مڪمل ٿيڻو هو. پر ڪم جي سستي رفتار سبب ان جو مدو وڌائي 2026 ڪيو ويو
بي آر ٽي رٿا جي ڊيزائن اڍائي سالن کانپوءِ ٺيڪيدار کي ڏيڻ جو انڪشاف
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ حڪومت پاران بي آر ٽي ريڊ لائن منصوبي جي ڊيزائن اڍائي سال گذرڻ کانپوءِ ڪنٽرڪٽر حوالي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان ريڊ لائن لاٽ ٽو جو آفيس سيل ڪرڻ خلاف ڪنٽرڪٽر عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.عدالت سائيٽ جو دورو ڪرڻ لاءِ ناظر مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس هدايت ڪئي آهي ته مشينري جي لسٽ تيار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٽرانس ڪراچي پاران ريڊ لائن منصوبي جي لاٽ ٽو ۾ دير ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي ڪنٽرڪٽر سان معاهدو ختم ڪيو ويو هو.
سنڌ جي شهرن ۾ انفرااسٽرڪچر جي تباهي،بختاور ڀٽو پاران سنڌ حڪومت جو دفاع
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ 18 سالن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿارڻ کانپوءِ نئين سياسي بحث جنم ورتو آهي. مفتاح اسماعيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا پيپلز پارٽي ايتري ڊگهي عرصي کانپوءِ به سنڌ ۾ ترقي ڏئي سگهي ٿي،جيستائين پ پ سنڌ ۾ حڪومت ۾ هوندي ترقي نه ٿيندي مفتاح اسماعيل جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ووٽ بئنڪ کان سواءِ ايترو اعتماد هجڻ هڪ کل جهڙي ڳالهه آهي. سنڌ ووٽ ڏيندي ۽ پنهنجي حق ۾ پاڻ ڳالهائيندي، ۽ جنهن کي چاهيندي کيس ئي چونڊيندي. صوبائي اسيمبليءَ ۾ 100 کان وڌيڪ سيٽون کٽڻ کانپوءِ هاڻي اهو بلڪل واضح آهي ته عوام ڪنهن کي چونڊيو آهي،هن لکيو ته ماضي ۾ ٿر ۾ ڏڪار ۽ گرميءَ جي لهر جو ذميوار پيپلز پارٽي کي قرار ڏنو ويندو هو، پر اڄ ٿر ۾ ٿيندڙ انقلابي تبديلين تي اهائي ميڊيا خاموش آهي.پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ "ٿر ملين ٽري پروگرام” تحت لکين وڻ لڳايا ويا آهن، ٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻين مان نڪرندڙ کاري پاڻي کي استعمال ۾ آندو ويو، ٿر ڪول منصوبي ذريعي نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي پي پي پي جي حامين پاران پارٽي پاران ٿر ڪول منصوبي ذريعي 17,000 نوڪريون فراهم ڪرڻ، اسڪولن کي شمسي توانائي (سولر) تي منتقل ڪرڻ ۽ مختلف فلاحي پروگرامن کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي.ٻئي طرف ڪراچي جي شهرين پاران خراب رستن، پاڻي جي کوٽ ۽ شهر کي نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون عام آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته ملڪ جي معاشي حب هجڻ باوجود ڪراچي کي پنهنجو جائز حق نه ملي رهيو آهي،مفتاح اسماعيل لکيو ته سنڌ ۾ توهان جا جاگيردار ماڻهن کي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. ڪو به سنڌي صحافي جيڪو پيپلز پارٽي خلاف آواز اٿاري ٿو، ان کي قتل ڪرايو وڃي ٿو،هن لکيو ته جيستائين مخالف ڌر جون پارٽيون رڳو ڪراچي تائين محدود رهنديون، تيستائين ڪا به تبديلي نه ايندي. کين اندروني سنڌ ۾ وڃي مهم هلائڻي پوندي ۽ اتي موجود نظام جي گرفت کي وائکو ڪرڻو پوندو.عادل جعفري لکيو ته پ پ جاگيرداراڻي، پسمانده سوچ واري ۽ متحده عرب امارات جي خوشامدڙي آهي. هڪ خاص سبب جي ڪري ڪراچي کي جاگيردار طبقي هٿ سان تباهه ڪيو آهي، اختر راڻا لکيو ته 2024جي چونڊن ۾ سڄي پاڪستان اندر پيپلز پارٽي جي ووٽ بئنڪ ۾ مجموعي طور تي 18 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. پيپلز پارٽي صحيح معنيٰ ۾ هڪ قومي پارٽي آهي، صارف ترجمان جي پوسٽ موجب هي ووٽ بئنڪ جو ‘اعتماد’ ئي ته آهي، جنهن جي ڪري اربين رپين جا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون ته اچن ٿا، پر پوءِ اهي فائل انڪوائريءَ جي دٻن ۾ دٻجي وڃن ٿا،ثروت نجمي لکيو ته پيپلز پارٽي سنڌي سماج کي ڄاڻي واڻي اڻ پڙهيل رکڻ چاهي ٿي،عبدالرافع انصاري لکيو ته صرف تعليم ئي نه پر زندگي جون بنيادي ضرورتون جهڙوڪ پاڻي، بجلي، گئس ۽ صحت جي شعبي تائين سڀني کان محروم رکڻ ۽ صرف بي آءِ ايس پي جي ذريعي کين غلام بڻائي رکڻ به پيپلز پارٽي جي پاليسي ۾ شامل آهي،سيد محمد شهزاد پيپلز پارٽي جي قيادت تي طنز ڪندي لکيو:پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪرڻ لاءِ هاڻي ووٽ بئنڪ جي به ضرورت پوندي؟ دانيه اياز لکيو ته هي (ووٽ بئنڪ جو) انحصار صرف فارم 47 ذريعي ئي ممڪن آهي، نه ته زميني حقيقتن ۾ ڪهڙو شهري سنڌ يا ٻهراڙي واري سنڌ جو ماڻهو پيپلز پارٽي جي بدعنوانيءَ کان پريشان ناهي؟ امبر دانش لکيو ته بختاور دبئي مان ويهي بيوقوفي جي پوسٽ تي تاڙيون وڄائي يا دبئي جي حق ۾ پوسٽ لکي پنهنجي والد جي پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچائي رهي آهي