پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالهي جي ام رباب چانڊيو سان ملاقات، حمايت جو اعلان

ميهڙ (عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لال چند مالهي سماجي اڳواڻ ام رباب چانڊيو سان ملاقات ڪئي، جتي هن سندن ڊگهي جدوجهد کي ساراهيندي مڪمل اخلاقي حمايت جو اعلان ڪيو، ملاقات دوران لال چند مالهي، ام رباب چانڊيو کي سنڌ جي ثقافتي چادر جو تحفو پيش ڪيو ۽ سندن والد، ڏاڏا ۽ چاچي جي قتل کان پوءِ انصاف لاءِ جاري جدوجهد کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو، لال چند مالهي چيو ته سنڌ ۾ رائج سرداري ۽ جاگيردارانه نظام تعليم، امن ۽ شعور لاءِ وڏي رڪاوٽ  بڻيل آهي، هن فرسوده قبائلي ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو سنڌ جي عوام، خاص ڪري مظلوم ۽ باشعور طبقن جي مفاد ۾ آهي، ام رباب چانڊيو جي همت ۽ ثابت قدمي پسيل ۽ محروم طبقن لاءِ نئون حوصلو بڻجي وئي آهي ۽ طاقتور سردارن آڏو نه جهڪڻ سندن بهادري جو ثبوت آهي، ام رباب جي جدوجهد جي مڪمل اخلاقي حمايت جاري رکندي، ام رباب چانڊيو چيو ته منهنجي جدوجهد مڪمل طور غير سياسي آهي ۽ صرف مظلوم طبقن جي حقن لاءِ آهي، پنهنجي والد، ڏاڏا ۽ چاچي جي خون ناحق لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ تائين سندن جدوجهد جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.