ڊاڪٽر سارنگ جو قتل ادارن لاءِ سواليه نشان بڻيل آهي:ڪاشف سعيد

ڪراچي(پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سيعد شيخ ڪراچي ۾ بدين واسي ڊاڪٽر سارنگ ميمڻ کي رڪشا مان لاهي گهرواري آڏو گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر سارنگ ميمڻ انتهائي باعزت ۽ پروفيشنل ڊاڪٽر هو جنهن جو  قتل رياستي ادارن ۽ پوليس لاءِ سواليه نشان بڻيل آهي، دهشت گردي جي ان واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي، سنڌ ۾ لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ ۽ مسيحائي پيشي سان تعلق رکندڙ هڪ ڊاڪٽر کي پنهنجي گهر واري جي سامهون ائين بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي مان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته اڄ به صوبي ۾جهنگ جو قانون لاڳو ٿيل آهي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڌاڙيل راڄ آهي ۽ شهرن ۾ وري  ٽارگيٽ ڪلر سرگرم بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.