اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينيئر صحافي اعزاز سيد گول ميز ڪانفرنس ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته ماه رنگ بلوچ کي ميڊيا تي ڪوريج نه پئي ڏني وڃي، جنهن جو مطلب آهي ته ميڊيا تي سڌي سنئين پابندي لاڳو آهي۔ هن چيو ته جڏهن سمورين سياسي جماعتن کي اسٽيبلشمينٽ جي دائري ۾ محدود ڪيو ويو ته پيدا ٿيل سياسي خال کي ماه رنگ بلوچ ڀريو، جيڪا هاڻي بلوچستان جي سڀ کان مقبول اڳواڻ طور سامهون اچي چڪي آهي۔ اعزاز سيد سوال اٿاريو ته ڪاشف عباسي ۽ ثمينه پاشا کي آف ايئر ڇو ڪيو ويو، مهر بخاري، اسد طور ۽ مطيع الله جان جهڙن صحافين جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڇو بند ڪيا ويا۔ هن جو چوڻ هو ته پنج ججن جو ايترو اهم مسئلو موجود هو پر ٽي وي چينلن تي اهو ڇو نه ڏيکاريو ويو۔ هن وڌيڪ چيو ته ٽي وي چينل موجود آهن پر خبر غائب آهي۔ اسان عمران خان جي دور ۾ به ميڊيا جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ اڄ شهباز شريف جي دور ۾ به اها ئي آواز بلند ڪري رهيا آهيون۔ هن موجب جمهوريت کي قيد ڪري ڇڏيو ويو آهي، ايمان مزاري ۽ هادي سڀني جا اڳواڻ آهن، پر جمهوريت جي صحت انتهائي خراب آهي۔ هن طنزيه انداز ۾ چيو ته جمهوريت جي علاج لاءِ ڊاڪٽر پنڊي کان نه وٺجو۔سينيئر صحافي اسد علي طور گول ميز ڪانفرنس مان خطاب دوران عدليه ۽ وڪيلن تي شديد تنقيد ڪندي چيو آهي ته عدليه هاڻي اداري طور ختم ٿي چڪي آهي ۽ ججن وٽ پاڻ فيصلا ڪرڻ جي اهليت ئي ناهي۔ هن سوال اٿاريو ته جڏهن جج پاڻ فيصلا نٿا ڪري سگهن ته پوءِ هو ڪهڙي ڳالهه جا 20 کان 30 لک رپيا پگهار وٺي رهيا آهن۔ هن چيو ته وڪيل هڪ ڪروڙ کان ڏهه ڪروڙ رپين تائين جا چيڪ وصول ڪري رهيا آهن، جيڪو عدالتي ۽ وڪالتي نظام تي وڏو سوال آهي۔گول ميز ڪانفرنس ۾ صحافي صديق جان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته انهن ججن کي ڏسي اسان کي اميد جو ڏيئو نظر اچي ٿو ۽ عدليه جي آزاديءَ جو رستو نظر اچي ٿو۔ اڄ صورتحال اها آهي جو ماڻهو عدالت ۾ ڪيس جي ڳالهه ڪرڻ بدران اهو پڇن ٿا ته ڇا توهان جي لاڳاپيل علائقي جي "سيڪٽر ڪمانڊر” سان دعا سلام آهي۔ پهريان جج يا وڪيل جي سفارش ڪرائڻي پوندي هئي، هاڻي سيڪٽر ڪمانڊر جي۔ هن موجب اها ڪانفرنس سپريم ڪورٽ جي دروازي تي ٿيڻ گهرجي ها.