صدر ٽرمپ جو جنرل اسيمبليءَ کي خطاب

ايم جي گوهر

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادريءَ جي آڏو اعلانيه چيو ته هن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ روڪائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو. هن صاف لفظن ۾ چيو ته هو اڃا تائين ست جنگون روڪائي چڪو آهي. گڏيل قومن جي ڪردار تي تنقيد ڪندي هن چيو ته جنگون روڪائڻ ۾ گڏيل قومن ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آهي. گڏيل قومن جو قيام عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ لاءِ ٿيو هو، پر هن ڪنهن به تڪرار جي حل لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪئي آهي. گڏيل قومن جي ڪردار تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناقدانه راءِ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته هو گڏيل قومن جي موجوده عالمي ڪردار کي جاري تڪرارن جي تناظر ۾ اهميت نٿا ڏين. شايد انهيءَ سبب لاءِ ئي هن پنهنجي تقرير ۾ اهو چوڻ ضروري سمجهيو ته گڏيل قومن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.

صدر ٽرمپ مغربي ملڪن طرفان فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ بابت ٿيندڙ اعلانن جي پس منظر ۾ چيو ته ڪيترن ئي طاقتور ملڪن فلسطين کي رياست طور تسليم ڪيو آهي، پر اهڙو قدم حماس لاءِ انعام برابر آهي. هن غزه ۾ جاري انساني الميي تي ڳري تشويش ظاهر ڪندي چيو ته فلسطين ۾ پائيدار امن تمام ضروري آهي. اتي سنگين بحران جنم وٺي رهيو آهي، تنهن ڪري جنگ بندي لازمي آهي. حماس کي قيدين جي آزادي يقيني بڻائڻ گهرجي. آمريڪي صدر اسلامي ملڪن جي تعاون سان فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اهميت اجاگر ڪئي ۽ چيو ته گڏجي ئي تڪرار جو حل ڳولي سگهجي ٿو. آمريڪا دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪندو. صدر ٽرمپ ڏکڻ ايشيا جي تڻيل حالتن بابت ڳالهائيندي واضح ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن کان سواءِ عالمي امن جو تصور ممڪن نه آهي. هن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ديرينه تڪرار ڪشمير جي حوالي سان چيو ته ڀارت کي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ انساني حقن جون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڀارت تي سخت تنقيد ڪندي هن چيو ته ڀارت روس کان تيل خريد ڪري رهيو آهي، جيڪو غيرمنصفاڻي رويو آهي. ٽرمپ چيو ته دنيا کي منصفاڻو واپار اختيار ڪرڻو پوندو، جيئن سڀني لاءِ برابري جا موقعا پيدا ٿين. صدر ٽرمپ دنيا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ کي امن لاءِ خطري وارو رجحان قرار ڏنو. هن جو موقف هو ته امن معاهدا ۽ سفارتڪاري ئي سڀني تڪرارن جو مستقل حل آهن. ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي پليٽفارم تان اهو اعلان به ڪيو ته آمريڪا هاڻي ڪنهن جي جنگ نه وڙهندو. صدر ٽرمپ جنرل اسيمبليءَ سان تاريخ جو سڀ کان ڊگهو خطاب ڪيو، جيڪو لڳ ڀڳ 57 منٽن تي ٻڌل هو. پنهنجي ڊگهي خطاب ۾ صدر ٽرمپ دنيا ۾ جاري تڪرارن، خاص ڪري ڪشمير مسئلي، فلسطين مسئلي، روس-يوڪريني جنگ، ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر جي صورتحال، آمريڪي واپاري پاليسين ۽ امیگريشن بابت پنهنجا خيال پيش ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته آمريڪا عالمي امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. گڏيل قومن جي ڪردار کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن سڌارن تي زور ڏنو. ان حقيقت کان انڪار ممڪن ناهي ته اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ فلسطين جو تڪرار سڀ کان وڌيڪ موضوع بحث بڻيل آهي.

اسرائيل گذريل لڳ ڀڳ ٻن سالن کان فلسطين ۾ رت ۽ باهه جي هولي کيڏي رهيو آهي، ۽ نيتن ياهو "گريٽر اسرائيل” جي منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ جيڪا بربريت، سفاڪي ۽ بي رحمي سان فلسطيني ماڻهن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، ان جي پٺڀرائي به آمريڪا ئي ڪري رهيو آهي. اوڀر کان اولهه تائين سڄي دنيا اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج ۾ مصروف آهي ۽ لڳاتار جنگ بندي جا مطالبا ٿي رهيا آهن، پر اسرائيل ۽ ان جو سرپرست آمريڪا هڪ قدم به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهن. ٻئي طرف عالمي سطح تي فلسطيني حمايت ۾ لڳاتار واڌارو ٿي رهيو آهي.

برطانيا، ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ پرتگال کان پوءِ هاڻي فرانس، بيلجيم، اسپين، مناڪوا ۽ ٻين ملڪن به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو رڳو اسرائيل نه پر آمريڪا لاءِ به هڪ ڌڪ آهي. پاڪستان، سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ملڪن لاءِ ضروري آهي ته حالتن جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي اسرائيل خلاف تڪڙا عملي قدم کنن. يهودي آباديون آباد ڪرڻ روڪين ۽ جنگ بندي لاءِ دٻاءُ وڌائين. جيڪڏهن صدر ٽرمپ فلسطين جو تڪرار حل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته هو تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.