ڪراچي (رپورٽر) افغان قونصل جنرل سيد عبدالجبار تخاري چيو آهي ته ٽي ٽي پي افغانستان ۽ پاڪستان ٻنهي جي حق ۾ بھتر ناهي. اسان بار بار چيو آهي ته مار ڌاڙ بدران سياسي اڳواڻن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ويهڻ گهرجي آمريڪا هڪ سازش تحت پڻ پنهنجا هٿيار ۽ گولا بارود ڇڏي ويو ته جيئن اهي ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، پر اميرالمومنين جي عام معافي جي اعلان کان پوءِ، سڀني پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ اها سازش به ناڪام ٿي وئي. اڄ افغانستان امن ۽ ترقي ڏانهن وڌي رهيو آهي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن افغان قونصليٽ ڪراچي ۾ ملي يڪجهتي ڪائونسل سنڌ جي صدر اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪندڙ هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.وفد ۾ ڪائونسل جا ٻيا عهديدار علامه قاضي احمد نوراني، مسلم پرويز، محمد حسين محنتي، علامه عقيل انجم قادري، مولانا عبدالقدوس احمداڻي ۽ مجاهد چنا شامل هئا. مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ترقي ۽ امن هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. آمريڪي صدر ٽرمپ جو بگرام ايئر بيس آمريڪا جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ۽ ائين نه ڪرڻ تي سنگين نتيجن جي ڌمڪي قابل مذمت ۽ سندس ناپاڪ ارادن جو اظهار آهي. امريڪا کي بگرام ايئر بيس نه ڏيڻ جي کتي جواب ڏيڻ وارو افغان حڪومت جو جرئتمندانه فيصلو قابل تعريف آهي.