سنڌ اڄ هڪ اهڙي دور مان گذري رهي آهي، جتي نه زندگي محفوظ آهي، نه روزگار، نه تعليم ۽ نه ئي انصاف. حڪمرانن جون وڏيون وڏيون دعوائون رڳو تقريرن تائين محدود آهن، جڏهن ته حالتن جو زميني جائزو وٺبو ته تصوير بلڪل ان جي ابتڙ آهي. ڳوٺن کان وٺي شھرن تائين، اسڪولن کان وٺي عدالتن تائين، ۽ روڊ رستن کان وٺي گهرن تائين، هر جاءِ تي خوف ڇانيل آهي. رونتي ڪچي ۾ خوشاب جو مسڪين عصمت الله ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيو. وارثن کان هڪ ڪروڙ جو ڀُنگ گهريو ويو. غربت سدائين هن ڌرتيءَ جي ماڻهن کي بي وس بڻايو آهي. جڏهن وارثن وٽ پئسا نه هئا ته ڌاڙيل بي رحم ٿي عصمت الله کي قتل ڪري سندس لاش درياءَ جي ڪناري تي اڇلايو. افسوس جو جنگلي جانور به لاش کي پٽي کائي ويا ھئا. جڏهن وارث اوٻاوڙو اسپتال پهتا ته حالت تمام ڏکوئيندڙ ھئي. ايتري غربت جو لاش کڻائڻ لاءِ وٽن ايمبولينس جو ڪرايو به نه هو. اهو منظر رڳو هڪ گهر جو نه، پر سڄي سنڌ جي بي وسيءَ جو آئينو آهي. شڪارپور جي زمين تي به ھميشه رت وهندو رهيو آهي. رستم لڳ، ٻورڙي ۾ هاءِ اسڪول تي قبائلي دھشگردن ڪاھ ڪئي. شاگرد ۽ استاد يرغمال بڻائي استادن ۽ شاگردن تي تشدد ڪيو. واپس ويندي قبائلي دھشتگردن ڳوٺ تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ جميل مهر، رزاق مهر سميت ٽي بيگناھ ماڻهو قتل ٿي ويا. پوءِ گسٽا اعلان ڪيو ته ضلعي جا اسڪول بند رهندا. ميان صاحب ۾ مظاهرو ٿيو. شاگردن جي پڙهائي تي خوف جو پاڇو ڇانئجي ويو.
سنڌ جي ايندڙ نسل جو مستقبل بندوقن جي نالي قربان ٿي رهيو آهي. شڪارپور ۾ هڪ ڪلاڪ دوران ٽي موٽر سائيڪلون ڦر ٿيون. ماڻهن کان روڪ رقم ۽ موبائلون ڦريون ويون. فائرنگ ۾ وڪيل زخمي ٿيو. ڪورٽ ويندڙ سينيئر وڪيل محمد علي منگي تي جاڙا واھ وٽ هٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪيو. ساٿين کيس زخمي حالت ۾ لکي اسپتال پهچايو. وڪيل، جيڪي قانون جي عزت جو نشان آهي، شڪارپور ۾ جڏهن وڪيل محفوظ نه آهن ته پوءِ عام ماڻهن جي حالت ڪهڙي هوندي؟ ڪڏهن ڌاڙيلن جون وڊيوز وائرل ٿين ٿيون، ڪڏهن اغوا جا منظر، ڪڏهن لاش ملن ٿا، پر حڪومت ۽ رياستي ادارا ڄڻ ڄاڻي واڻي خاموش آهن. ٻوڏ جي ڏينهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاھ چيو هو: "ڪچو ٻڏي ويندو ته ڌاڙيل به ٻڏي ويندا.” هاڻي سوال آهي: ڪچو ته ٻڏي ويو، پر ڌاڙيل ڪيڏانهن ويا؟ ڇا واقعي پاڻي کين وهائي کڻي ويو يا وري وڏيرن ۽ سردارن اوطاقن ۽ بنگلي ۾ انھن کي پناھ ملي وئي؟ جيڪڏهن حڪومت جو بيان سچ تي ٻڌل هو ته پوءِ اڄ به ماڻهو ڇو اغوا ٿي رهيا آهن؟ اڄ به ڇو ماڻهن کي گولين سان ماريو پيو وڃي؟ حقيقت اها آهي ته ڌاڙيل ختم نه ٿيا آهن، پر وڌيڪ طاقتور ٿي ويا آهن، ڇو ته سندن پٺيان وڏيرن، سردارن ۽ سياسي ماڻهن جا هٿ آهن. روز سنڌ ۾ نوجوان گولين جو کاڄ بڻجن ٿا. ڪڏهن دشمنيءَ ۾، ڪڏهن ڦرلٽ دوران، ڪڏهن ڌاڙيلن جي هٿان. پر ڪڏھن به حڪومت طرفان انصاف جو مثال سامهون نظر نه آيو آهي. هر واقعي کان پوءِ بس خالي بيان ته "واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي”. پر نوٽيس وٺڻ سان رت ڌوئبو يا وارثن کي سڪون ملندو؟ سنڌ جو ماڻهو حيران آهي حڪومت ڪٿي آهي؟ پوليس جا آفيسر ڪٿي آهن؟ رينجرز، جنهن تي وڏي بجيٽ خرچ ٿئي ٿي، اھا ڇو خاموش آهي؟ انٽيليجنس ايجنسين جا آفيسر ڇا پيا ڪن؟ جڏهن ته هڪ ماڻهوءَ جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آهي، پوءِ روز جا اهي قتل ڪنهن جي حساب ۾ لکجن؟ ڇا سنڌ رياست جو حصو آهي يا ڪنهن لاوارث علائقي جو نالو آهي؟ بدامنيءَ جي باھ هاڻي نه صرف ڪچي ۾، پر شھرن ۾ به ڦهلجي چڪي آهي. ٻار اسڪول وڃي نٿا سگهن، وڪيل ڪورٽ نٿا وڃي سگهن، سرڪاري ملازم آفيس نٿا وڃي سگهن. عام ماڻهن جا خواب روز قتل ٿين ٿا. غريب جي عزت روز لتاڙجي ٿي. ڌرتي، جيڪا امن ۽ محبت جي سڃاڻپ هئي، هاڻي خوف ۽ خون جي علامت بڻجي وئي آهي. سنڌ جي عوام لاءِ سڀ کان وڏي ضرورت امن آهي. اسان کي بنگلا نه گهرجن، وڏيون گاڏيون نه گهرجن. اسان کي رڳو اها ضمانت گهرجي ته اسان جا ٻار خوف کان سواءِ اسڪول وڃي سگهن. اسان جا جوان بنا ڊپ جي روزگار لاءِ نڪري سگهن. اسان جا ماڻهو بنا ڀُنگ جي پنهنجي گهرن ۾ محفوظ رهن. جيڪڏهن حڪومت اها ضمانت نٿي ڏئي سگهي ته پوءِ حڪومت جي هجڻ يا نه هجڻ ۾ ڪهڙو فرق رهجي وڃي ٿو؟ سنڌ جا ماڻهو هاڻي خاموش نٿا رهي سگهن.