جيڪڏهن اوهان ”ميرا پيار ڀي تُو هي، يه بھار ڀي تُو هي…“، ”رهين نه رهين هم، مَھِڪا ڪرين گي…“، ”نه تُم همين جانو… نه هم تمهين جانين…“، ”نان نان ڪرتي پيار تمھي سي ڪر بيٺي…“، ”زندگي ڊُوب گئي درد ڪي طوفانون ۾…“، ”زندگي امتحان ليتي هي…“، ”شرابي شرابي يه ساون ڪا مَوسم“، ”دل ايڪ مندر هي…“، ”آجڪل تيري ميري پيار ڪي چرچي هر زبان پر“ جھڙا سھڻا گيت ٻڌا آهن، ته پوءِ اوهان ننڍي کنڊ جي نامياري ۽ مڌر ڳائڻيءَ ۽ ڀارتي فلمي صنعت (بالي وُوڊ) جي سونهري دؤر جِي حَسِين ’پِلي بئڪ سنگر‘ سُمن ڪليان پور کان ضرور واقف آهيو، جيڪا تازو 31 مئي 2026ع تي 89 ورهن جي ڄمار ۾ ممبئيءَ جي علائقي ’لوکنڊوالا‘ ۾ پنھنجي گهر ۾ آخري ساھه کڻي راھِه رباني وٺي وئي.
هن عظيم ڳائڻيءَ جي وڇوڙي سان ننڍي کنڊَ جي سنگيت جي تاريخ جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو آهي. سمن ڪلياڻ پور پنھنجي آواز جي منفرد ميٺاج، سادگيءَ ۽ ماٺيڻي طبيعت سبب موسيقيءَ جي دنيا ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي، جنھن کيس اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي کان وٺي لکين دلين ۾ زندهه رکيو آهي. ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي تاريخ ۾ ڪجهه آواز اهڙا آهن، جيڪي پنھنجي آواز جي سحر، ميٺاج ۽ فني پختگيءَ باوجود ان شھرت جي مقام تائين پھچي ڪونه سگهيا، جنھنجا اهي سچ پچ حقدار هئا. اهڙن ئي آوازن مان سمن ڪلياڻ پور به هڪ آهي. 1950ع کان 80ع جي ڏهاڪن تائين پنھنجي مڌر آواز سان ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ سمن ڪليان پور کي بالي ووڊ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ گهٽ مڃتا ماڻيندڙ (انڊر ريٽيڊ) پر، باصلاحيت ڳائڻي چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو.
سُمن ڪلياڻ پور جو اصل نالو ”سُمن هيمادي“ هو. هوءَ 17 جنوري 1937ع تي بنگال جي شھر ڍاڪا ۾ هڪ پڙهيل لکيل مھاراشٽري ڪٽنب ۾ پيدا ٿي. سندس پيءُ سينٽرل بئنڪ آف انڊيا ۾ وڏو آفيسر هو، جيڪو پنھنجي بدليءَ سبب 1943ع ۾ ڪٽنب سميت بمبئي (هاڻوڪي ممبئيءَ) لڏي اچي ويٺو. سُمن کي ننڍپڻ کان ئي چترڪاريءَ ۽ سنگيت سان گَھِرو لڳاءُ هو. هن بمبئيءَ جي مشھور ’سر جي جي اسڪول آف آرٽس‘ مان مصوريءَ جي تعليم حاصل ڪئي، پر قدرت کي سندس آواز رستي رنگ وکيرڻ منظور هو. هن باقاعدي ڪلاسيڪي سنگيت جي تربيت استاد خان عبدالرحمان خان ۽ نَورتن ديسائيءَ کان حاصل ڪئي.
سُمن جي فني سفر جي شروعات 1952ع ۾ آل انڊيا ريڊيي تان ٿي، جتي سندس آواز کي فلمي دنيا جي ماڻهن ٻڌو. کيس فلمي صنعت ۾ متعارف ڪرائڻ جو سَھِرو مشھور ميوزڪ ڊائريڪٽر شيام بابُو پاٺڪ جي سِر سَجيو. سُمن شروع شروع ۾ ڪورَس ڳائڻيءَ طور فلمي گيتن ۾ ڳايو، پر کيس پھريون سولو بريڪ (انفرادي گيت ڳائڻ جو موقعو) 1954ع ۾ فلم ”دروازه“ ۾ مليو، جنھنجي موسيقي ننڍي کنڊ جي نامياري ميوزڪ ڊائريڪٽر ’ناشادَ‘ ترتيب ڏني هئي. ان کانپوءِ ساڳئي ئي سال فلم ”منگُو“ ۾ سندس ڳايل گيتن کيس وڏي شھرت ڏياري. 1958ع ۾ سندس شادي بمبئيءَ جي هڪ واپاري رامانند ڪلياڻ پور سان ٿي، جنھن کانپوءِ هوءَ فلمي دنيا ۾ ”سمن هيمادي“ مان ”سمن ڪلياڻ پور“ بڻجي وئي.
سمن ڪليان پور پنھنجي سڄي ڪيريئر ۾ اٽڪل 850 فلمي ۽ غير فلمي گيت ڳايا. هن نه رڳو هندي ۽ اردو ٻولين ۾ پنھنجي آواز جو جادو جاڳايو، پر هوءَ هڪ گهڻ ــ ٻوليائي (Multilingual) ڳائڻي هئي، جنھن پنھنجي مادري ٻولي مراٺيءَ / مرھٽيءَ ۾ به اڻ ڳڻيا مشھور گيت ۽ ڀڄن ڳايا. ان کانسواءِ هن گجراتي، بنگالي، ڀوڄپوري، اُڙيا، پنجابي، آسامي ۽ راجسٿاني ٻولين ۾ پڻ مختلف گيت ريڪارڊ ڪرايا. سندس آواز جِي لچڪَ ۽ ترنم هر ٻوليءَ جي مزاج سان ٺهڪندي هئي.
سُمن ڪلياڻ پور پنھنجي دؤر جي لڳ ڀڳ هر وڏي ۽ نامياري سنگيتڪار جون تخليق ڪيل ڌُنيون ڳايون. سندس صلاحيتن کي پرکيندڙن ۽ کائنس شاهڪار گيت ڳارائيندڙن ۾ شنڪر جئه ڪشن (جنھن کيس ”پروفيسر“، ”دل ايڪ مندر“ ۽ ”برهمچاري“ جهڙين فلمن ۾ بھترين گيتَ ڳارايا)، روشن / روشن لال ناگرٿ (جنھن ”برسات ڪي اڪ رات“ ۽ ”تاج محل“ جھڙين فلمن جي گيتن سميت، سُمن جي ڪيريئر جا خوبصورت ترين نغما کائنس ڳارايا)، مدن موهن، ايس ڊي برمن (جڏهن لتا منگيشڪر سان ايس ڊي برمن جا اختلاف ٿيا، ته هن سُمن ڪليان پور کي پنھنجن ڪيترن ئي گيتن لاءِ سندس جاءِ تي چونڊيو)، ڪلياڻ جِي آنند جِي، او پي نير، لڪشمي ڪانت پياري لعل، آر ڊي برمن، هيمنت ڪمار ۽ چترگپت وغيره شامل آهن.
سُمن ڪلياڻپور پنھنجي دؤر جي لڳ ڀڳ سمورن مُک مرد توڙي عورت راڳين سان گڏ ڪيترائي لاجواب دوگانا ڳايا. محمد رفيع سان گڏ سُمن جا دوگانا بالي وُوڊ جي سونهري دؤر جا يادگار آهن. جن ڏينھَن ۾ رفيع صاحب ۽ لتا منگيشڪر جي وچ ۾ رائلٽيءَ جي معاملي تي جهيڙو ٿيو هو ۽ ٻنهي گڏ ڳائڻ بند ڪيو هو، تڏهن سمن ڪلياڻ پور، محمد رفيع سان گڏ اٽڪل 140 کان وڌيڪ دوگانا ڳائي، ان خالي جڳھه کي ڀَري لتا جي ڪميءَ کي پورو ڪيو. سندن گيت ”تجهي جيون ڪي ڊور سي بانڌ ليا هي“ (فلم: اصلي نقلي) اڄ به امر آهي. ان کانسواءِ هن مناڊي سان گڏ ڪيترائي ڪلاسيڪل گيتَ، ڪشور ڪمار سان گڏ پڻ متعدد رومانوي دوگانا ۽ مڪيش سان گڏ ”دل ني ڦِر ياد ڪيا“ سميت ٻيا نغما ڳايا. عورت ڳائڻين ۾ سُمن، خود لتا منگيشڪر ۽ آشا ڀوسلي سان گڏ پڻ ڪجهه گيتن ۾ آواز ملايو.
سُمن ڪلياڻ پور جي فني زندگيءَ جو هڪ تڪليف ڏيندڙ پاسو اهو آهي ته کيس پنھنجي دؤر جي بالي ووڊ جي شديد اندروني سياست، اختلافن، ساڙ ۽ حسد جو شڪار ٿي ان جو مقابلو ڪرڻو پيو. سُمن جي آواز جي بناوٽ، ميٺاج ۽ پِچ (Pitch) لتا منگيشڪر سان بيحد ملندڙ جلندڙ هئي. عام ماڻهو اڪثر سُمن جي گيتن کي لتا جو گيت سمجهي ويھندا هئا. اها آواز جِي هڪجھڙائي سُمن لاءِ ڪڏهن ڪڏھن نعمت به بڻي ته ڪڏهن زحمت به! نعمت انڪري جو جڏهن لتا دستياب نه هوندي هئي يا ڪنھن موسيقار جي ساڻس اڻبڻت هوندي هئي، ته ان جي جاءِ تي سندن پھرين چُونڊَ سُمن هوندي هئي. زحمت انڪري جو ان دؤرَ جي ميڊيا ۽ فلمي صنعت کيس ”لتا جي ڪاپي“ يا ”غريبن جي لتا“ جھڙا لقب ڏئي کيس پنھنجي انفرادي سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ وڏي رڪاوٽ وڌي. فلمي سنگيت انڊسٽريءَ ۾ فردن جي هڪ هَٽيءَ (Monopoly) جو عالم اهو هو ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ بالي ووڊ فلمي سنگيت تي منگيشڪر ڀينرن (لتا ۽ آشا) جو مڪمل ڪنٽرول هو. ڪيترائي سوانح نگار ۽ فلمي نقادَ لکن ٿا ته سُمن ڪليان پور جي وڌندڙ مقبوليت کي ڏسي، کيس ڪيترن ئي وڏن بينرز ۽ فلمن مان غير محسوس طريقي سان هٽايو ويندو هو. موسيقارن تي دٻاءُ هوندو هو ته جيڪڏهن اهي سُمن کان گيت ڳارائيندا، ته اڳتي وڏيون گلوڪارائون سندن فلمن ۾ ڪونه ڳائينديون. ظلم اهو به رھيو ته فلمي گيتن جي رليز ٿيل ريڪارڊن تي سُمن جي ڳايل گيتن اڳيان ڪڏهن ڀُلَ ۾ ته ڪڏھن ڄاڻي واڻي لتا منگيشڪر جو نالو لکيو ويندو هو. جنھنڪري سُمن جا اهي گيتَ جڏھن ريڊيي تان وڄندا هئا، تڏھن به لتا جي نالي سان ئي نشر ٿيندا هئا. اهڙي انڌُوڪار واري دؤر ۾ آل انڊيا ريڊيو کان وڌيڪ ديانتداريءَ جو مظاھرو ”ريڊيو سيلون“ پاران ڪيو ويندو هو، جيڪو سُمن جي هر گيت جو صحيح ڪريڊٽ ڏيندي، سندس ڳايل گيتن سان سندس ئي نالو انائونس ڪندو هو. سُمن ڪلياڻ پور پنھنجي سادي، شريف ۽ سنئين سڌي طبعيت سبب ڪڏهن به ڪنھن سياست يا تڪرار جو حصو نه بڻي. هن ڪنھن سان حسد يا ساڙ رکڻ بدران، جيڪو ڪم مليس، تنھنکي خاموشيءَ ۽ ايمانداريءَ سان نڀائيندي رهي ۽ آخرڪار پاڻ ئي فلمي دنيا کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ورتائين.
سُمن ڪلياڻ پور کي بالي وُوڊ جي ان اندروني سياست سبب پنھنجي پوري حياتيءَ ۾ جيتوڻيڪ نه ’فلم فيئر اِوارڊ‘ ملي سگهيو، نه ئي نيشنل ايوارڊ، پر کيس ٽي ڀيرا مرهٽي فلمن لاءِ بھترين پلي بيڪ ڳائڻيءَ جو ”اسٽيٽ اِوارڊ“ ۽ گجراتي سنيما ۾ خدمتن عيوض اِوارڊَ ڏنا ويا. کيس ڀارت سرڪار پاران هندوستاني سنگيت جو اھم اعزازَ ”لتا منگيشڪر اِوارڊ“ به ڏنو ويو. فلم فيئر اِوارڊ ۽ نيشنل اِوارڊ کان محروم رکيل هن سريلي ڪلاڪاره جي فني خدمتن جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي اعتراف تڏهن ٿيو، جڏهن 2023ع ۾ ڀارت جي صدر پاران کيس ملڪ جي اعليٰ ترين سِول اِوارڊَ ”پدم ڀُوشن“ (Padma Bhushan) سان نوازيو ويو. مان سمجهان ٿو هن اعزاز سُمن جون فلمي سنگيت سَڀا سان سلهاڙيلَ سمُوريون شڪايتون دُور ڪري ڇڏيون هونديون ۽ سندس سمورا ٿَڪَ لاھي ڇڏيا هوندا.
سُمن ڪلياڻپور جو ديانتداريءَ ۽ ڪاميابيءَ سان ڪٽيل فني سفر اسانکي اهو سبق سيکاري ٿو ته سچو فن ڪنھن به اجاره داريءَ، هڪ هٽيءَ، ساڙَ يا سياست جو محتاج ناهي هوندو. جيتوڻيڪ کيس بالي وُوڊ ۾ اهو مقام حاصل ڪرڻ نه ڏنو ويو، جنھنجي هوءَ حقدار هئي، پر ان جي باوجود سندس گيتن کيس سنگيت ــ ڏات جي ڏيھه ۾ سدائين لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ اڄ به پنھنجن مداحن جي دلين ۾ پنھنجي سادگي، پاڪيزگيءَ ۽ مڌر آواز جي ڪري زندهه آهي ۽ وڏي عرصي تائين زندهه رھندي.