ماضي ۾ معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي سمجهندڙ پاڪستان اسٽيل وفاقي حڪمرانن جي اعلانن جي باوجود بحال نه ٿي سگهي، نه ئي هزارين جبري برطرف ملازم نوڪرين تي بحال ڪيا ويا، پاڪستان اسٽيل مل جي 19 هزار ايڪڙ زمين تي وفاق جو قبضو مرحلي وار جاري آهي ڪڏهن پورٽ قاسم طرف 500 ايڪڙ زمين الاٽ ٿي ڪئي وڃي ته ڪڏهن عربي سمنڊ لڳ بن قاسم انڊسٽريل زون جي نالي تي 1500 ايڪڙ زمين هڪ وفاقي شاهي فرمان هيٺ ڏني وئي آهي، مل کي بند ٿئي 11 سال گذري ويا اربين رپين جو پيل اسڪريپ قيمتي ڌاتو، مشينري سميت بجلي جو سامان جيڪو اسٽور ۾ موجود هو سو مڪمل طور تي هڪ رٿابندي ذريعي غائب ڪرايو ويو آهي مل جي پلانٽ سائيز جيڪا لڳ ڀڳ 200 ايڪڙن تي ٻڌل آهي اتي انسانن بدران خطرناڪ جانور جاءِ ولاري آهي، رات جو رهيل 900 کان گهٽ ملازم جيڪي سڪيورٽي، پاڻي، بجلي، ٽرانسپورٽ سان وابسطا آهن تن کي موجوده انتظاميا سختي سان رات جي پهر ۾ اندر وڃڻ تي پابندي عائد ڪئي آهي
اهڙي صورتحال بعد آئي ڏينهن مل ٻاهران قائم سنڌ پوليس جي بن قاسم ٿاڻي جي پوليس اسٽيل مل مان چوري ڪندڙ گروهن کي گرفتار ڪرڻ جو به سلسلو هلندڙ آهي، پاڪستان اسٽيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو روس جي سهڪار سان هڪ ويزن تحت قائم ڪرائي هئي سندس ويزن اهو هو ته پاڪستان اسٽيل جي بدولت ملڪ ۾ صنعتي انقلاب برپا ڪجي ۽ مل کي مڌر آف انڊسٽري جو لقب ڏنو ويو، پاڪستان اسٽيل جيڪو ماضي ۾ فقط 19 ارب رپين ۾ 10 سالن جي لاڳيتي تعميري ڪاوش تحت ٺهي راس ٿيو هو جنهنجو پيداواري عمل 1984ع ۾ شروع ٿيو 2000ع واري ڏهاڪي ۾ هن اداري وفاقي حڪومت جي ٽيڪسز ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ 21 ارب رپيا پنهنجي آمدني مان ادا ڪيا، هن اداري جي ماضي ۾ پيداواري عمل پنهنجي حدف کان وڌيڪ 150 سيڪڙو تائين پهتو پيداواري حدف وقت اسٽيل مل ۾ ملازمن جو تعداد 22 هزار تائين رهيو آهي جڏهن ته اسٽيل پيداوار سان لڳاپيل 1 لک ماڻهو روزگار سان وابسطا ٻڌايا وڃن ٿا، هن صنعت جي ماءُ پاڪستان اسٽيل ماضي ۾ ماهوار 3 ارب رپين جو نج منافعي سان گڏ آڪسيجن، صنعتي ڪوئلو، تارڪول، بجلي، سليگ سميت درجن کان وڌيڪ ٻيا اهڙا ڌاتو وڪري لاءِ مارڪيٽ کي ڏنا ويندا هئا جنهن ذريعي اداري معرفت ملڪ کي معاشي هٿي ملندي هئي
بدقسمتي سان هن اداري جو زوال سياسي مداخلت ۽ غلط اڪائونٽبلٽي ۽ مس مئنيجمنٽ سبب 2010ع کان هٿ وٺي هن اداري کي تباهي طرف پهچايو ويو، جون 2015ع ۾ نواز سرڪار جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل 65 سيڪڙو پيداوار ڏيندڙ پاڪستان اسٽيل مل جي بغير ڪنهن اڳواٽ نوٽيس جي گئس بند ڪري مل جي پيداوار کي زيرو تي پهچايو ۽ ڪجهه وقت بعد ٽن ارب رپين جي لاڳت رکندڙ بلاسٽ فرنس (لوهي بٺي) ۽ صنعتي ڪوئلو ٺاهيندر (بيٽريز) جي گئس بند ڪري هميشا لاءِ هن اداري کي بند ڪرڻ ڪا ڪثر نه ڇڏي جنهن کان پوءِ پاڪستان اسٽيل مل جي اسٽورن ۾ پيل 9 ارب رپين جي انوينٽري (لوهي مصنوعات) جي چوري ۽ سڪيورٽي جي موجودگي ۾ ڌنڌو شروع ڪيو ويو جيڪا ڏسندي ڏسندي اڄ مڪمل طور تي صاف ٿي چڪي آهي، چور مافيا ۽ بن قاسم پوليس جي ڊرامي بازي عروج تي آهي، پوليس پاڻ کي صاف ۽ ايماندار ڪردار ادا ڪرڻ جي دعويٰ ته ڪري ٿي پر مل جي معاشي حالت ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري وئي آهي.
سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن اداري جو حال فقط ان ڪري ٿيو آهي جو هو سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ آهي، هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏهٽي بلاول ڀٽو زرداري کي گهرجي ته جتي سنڌ ۾ ميگا پراجيڪٽ، شاهراهون ۽ صحت ۽ تعليم سميت زراعت تي اربين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا اتي هي ادارو به سندس نانا سائين جي نشاني آهي ۽ هن اداري جي بقايا رهيل 15 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين صوبي سنڌ جي ملڪيت آهي ۽ پاڪستان اسٽيل مل جو بنيادي ڍانچو ان لائق آهي ته روس يا چائنا سان معاهدو ڪري هن قومي اداري کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهاري سنڌ صوبي جي ملڪيت هيٺ آڻي معاشي طور تي صوبي کي سگهارو ڪري سگهجي ٿو. پ پ جي قيادت بغير ڪنهن وقت وڃائڻ جي هن اداري جي بحالي طرف عملي قدم کڻي جيڪو وقت جي اهم ضرورت آهي.