1947ع ۾ پاڪستان جي قيام وقت سنڌ نه رُڳو هِن نئين مُلڪ جو حصو بڻي، پر پَنهنجي بندرگاهن، واپاري مرڪزن، زرعي پيداوار ۽ قدرتي وسيلن سان مُلڪ جي معاشي بُنيادن کي مضبوط ڪيو. ڪراچي، جيڪا سنڌ جي تاريخي ۽ معاشي سُڃاڻپ هئي، پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي وئي. وقت گُذرڻ سان گڏ سنڌ جي ماڻهن ۾ اُهو احساس وڌندو ويو ته سندن وسيلن مان حاصل ٿيندڙ فائدو سَڄي مُلڪ کي ملي رهيو آهي، پر حقيقت اُها آهي ته اڄ سنڌ پاڻ ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وئي آهي. سنڌ جي محرومين جي تاريخ نئين ناهي. 1955ع ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، جنهن ذريعي سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب کي هڪ انتظامي يونٽ ۾ ضم ڪيو ويو. سنڌ جي سياسي ۽ فڪري حلقن اُن کي پَنهنجي سُڃاڻپ ۽ حقن خلاف قدم قرار ڏنو. ون يونٽ دوران سنڌ جي سياسي حيثيت، ٻولي ۽ انتظامي اختيارن کي سخت ڌڪ رسيو. سنڌ جي ماڻهن جي وَڏي جدوجهد کانپوءِ 1970ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي کي پَنهنجي تاريخي فتح سمجهيو ويو. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به اختيار مرڪز ۾ گڏ ٿيا آهن، تڏهن ننڍن صوبن ۾ بيچيني پيدا ٿي آهي.
اُن ئي حقيقت کي سامهون رکندي 2010ع ۾ 18هين آئيني ترميم منظور ڪئي وئي، جيڪا پاڪستان جي جمهوري تاريخ جي اهم ترين آئيني سُڌارن مان هڪ سمجهي وڃي ٿي. هي ترميم صَرف قانوني تبديلي نه هئي، پر اُها وفاقي نظام جي نئين تشريح هئي. 18هين ترميم ذريعي ڪيترائي اختيار وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. تعليم، صحت، ثقافت، ماحوليات ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن بابت فيصلن جو حق صوبن کي ڏنو ويو. گڏوگڏ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) کي وڌيڪَ مضبوط بڻايو ويو ته جيئن صوبن جي وسيلن ۽ حقن بابت فيصلا گڏيل مشاورت سان ٿي سگهن. سنڌ لاءِ 18هين ترميم اُن ڪري به اهم هئي، ڇاڪاڻ ته اُها سنڌ جي تاريخي مطالبن سان جُڙيل هئي. سنڌ جي قومپرست، جمهوري ۽ ترقي پسند ڌرين سالن کان اُهو مطالبو ڪنديون رهيون هيون آھن ته وفاقي ڍانچي کي حقيقي معنيٰ ۾ وفاقي بڻايو وڃي. 18هين ترميم اُن خواب جي جزوي تعبير هئي.
پر هاڻي جڏهن 28هين ترميم بابت بحث، تجويزون يا اهڙا خيال سامهون اچن ٿا، جن سان 18هين ترميم جي اختيارن ۾ گهٽتائي جو امڪان پيدا ٿئي، تڏهن سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ پراڻا خدشا ٻيهر جاڳي پون ٿا. کين خوف آهي ته متان وري اُهو سفر شروع نه ٿي وڃي، جنهن خلاف هنن ڏهاڪن تائين جدوجهد ڪئي. سنڌ پاڪستان جو اُهو صوبو آهي، جتي مُلڪ جي پهرين قدرتي گئس دريافت ٿي. سوئي گئس جو نالو ڀلي بلوچستان سان جُڙيل هجي، پر سنڌ به گئس جي پيداوار ۾ اهم حصو رکي ٿي. اڄ به مُلڪ جي قدرتي گئس جو وَڏو حصو سنڌ مان حاصل ٿئي ٿو. ٿر ۾ دُنيا جي وَڏن ڪوئلي جي ذخيرن مان هڪ موجود آهي. ڪراچي پاڪستان جي معيشت جي دل آهي، جتان قومي خزاني جو وَڏو حصو حاصل ٿئي ٿو. پر سوال اُهو آهي ته ڇا سنڌ جي ماڻهن کي اُنهن وسيلن جو مناسب فائدو مليو آهي؟ ٿرپارڪر ۾ اڄ به هزارين ٻار غذائي کوٽ سبب بيمارين جو شڪار ٿين ٿا. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي کوٽ آهي. لاڙ جي علائقن ۾ سمنڊ جي چاڙهه سبب لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي چُڪي آهي. سنڌو ڊيلٽا، جيڪا ڪڏهن دُنيا جي زرخيز ترين ڊيلٽائن مان هڪ هئي، اڄ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سڪڙجي رهي آهي.
تاريخي حقيقت اُها آهي ته سنڌو درياهه تي مختلف دورن ۾ ٺاهيل منصوبن ۽ پاڻيءَ جي ورڇ بابت اختلافن سنڌ جي آبادگارن ۾ بيچيني پيدا ڪئي آهي. سنڌ جي ماهرن جو موقف رهيو آهي ته هيٺئين وهڪري تائين گهربل پاڻي نه پُهچڻ سبب زرعي زمينون، ٻيلا، مڇيءَ جا ذخيرا ۽ ماحولياتي نظام سخت متاثر ٿيا آهن. اهڙي پسمنظر ۾ جيڪڏهن صوبائي خودمختياريءَ کي محدود ڪرڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون ته سنڌ جي عوام کي اُهو خدشو ڇو نه ٿيندو؟ 28هين ترميم بابت خدشا صَرف سياسي نوعيت جا ناهن، پر اُهي تاريخي تجربن سان جُڙيل آهن. سنڌ جي ماڻهن کي ياد آهي ته ون يونٽ جي دور ۾ ڇا ٿيو هو. کين ياد آهي ته ڪيئن سندن وسيلن ۽ سُڃاڻپ بابت فيصلا مرڪزي سطح تي ٿيندا هئا. کين اُهو به ياد آهي ته صوبائي حقن لاءِ ڪيتريون قربانيون ڏنيون ويون وفاق تڏهن مضبوط ٿيندو آهي جڏهن اُن جون سڀئي وفاقي ايڪايون پاڻ کي برابر سمجهن. جيڪڏهن هڪ صوبي کي اُهو احساس ٿئي ته سندس اختيار، وسيلا ۽ حق گهٽايا پيا وڃن ته اُهو احساس قومي يڪجهتيءَ لاءِ سُٺو سنئوڻ نٿو ٿي سگهي. 18هين ترميم پاڪستان جي وفاقي ڍانچي کي ڪمزور نه پر مضبوط ڪيو. اُن ثابت ڪيو ته صوبن کي اختيار ڏيڻ سان مُلڪ ٽٽندو ناهي، پر وڌيڪَ مستحڪم ٿيندو آهي. دُنيا جي ڪامياب وفاقن جهڙوڪ آمريڪا، ڪينيڊا، جرمني ۽ آسٽريليا ۾ به صوبن يا رياستن کي وسيع اختيار حاصل آهن. مضبوط وفاق جو مطلب اُهو ناهي ته سَڀ اختيار مرڪز وٽ هجن، پر اُهو آهي ته هر وفاقي ايڪائي کي عزت، اعتماد ۽ حق حاصل هجن.
سنڌ جو موقف به هميشه اُهو رهيو آهي ته پاڪستان هڪ حقيقي وفاق بڻجي. اهڙو وفاق جتي ڪنهن صوبي کي پَنهنجي حقن لاءِ فرياد نه ڪرڻي پوي. جتي وسيلن جي ورڇ انصاف سان ٿئي. جتي گئس پيدا ڪندڙ علائقن کي ترجيح ملي. جتي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ بابت فيصلا سڀني ڌرين جي رضامندي سان ٿين. اڄ جيڪڏهن 28هين ترميم جي نالي تي 18هين ترميم جي روح کي نقصان پُهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته اُها صَرف هڪ آئيني تبديلي نه هوندي، پر اُها پاڪستان جي وفاقي سفر کي پوئتي ڌڪڻ جي برابر هوندي. ڇو ته 18هين ترميم صَرف ڪاغذن ۾ لکيل دفعات جو نالو ناهي، اُها ننڍن صوبن جي اعتماد، اُميدن ۽ تاريخي جدوجهد جو نتيجو آهي. سنڌ جي ماڻهن جو ھميشه اِھو مطالبو رھيو آهي: آئين جو احترام ڪيو وڃي، صوبن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ 18هين ترميم جي حاصلات کي برقرار رکيو وڃي. ڇو ته جڏهن سنڌوءَ جي ڪناري تي بيٺل هڪ آبادگار پَنهنجو سڪل فصل ڏسي ٿو، جڏهن ٿر جي ماءُ پَنهنجي بيمار ٻار کي هنج ۾ کڻي آسمان ڏانهن نهاري ٿي، جڏهن ڪراچي جو نوجوان بيروزگاريءَ جي مار سهي ٿو، تڏهن اُنهن جي دل مان هڪ ئي صدا نڪري ٿي: ”اسان کي خيرات نه گهرجي، اسان کي پَنهنجا آئيني حق گهرجن.“ ۽ تاريخ جو سَڀ کان وَڏو سبق به اُهو ئي آهي ته جيڪي قومون پَنهنجي حقن، وسيلن ۽ سُڃاڻپ جي حفاظت ڪن ٿيون، اُهي زندھه رهنديون آهن، جيڪي قومون پَنهنجي حقن، وسيلن ۽ سُڃاڻپ بابت خاموشي اختيار ڪري ڇڏينديون آهن، تن جي تقدير جا فيصلا پوءِ ٻيا لکي ويندا آهن، ۽ سندن تاريخ به پرائين قلم جي محتاج بڻجي ويندي آهي. اُن ڪري 18هين ترميم جو تحفظ رُڳو آئين جي چند شقن جي حفاظت جو نالو ناهي، پر اُهو سنڌ جي سياسي اختيار، معاشي حقن، ثقافتي وجود ۽ قومي سُڃاڻپ جي بقا جو سوال آهي. سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته هِن ڌرتيءَ جي ماڻهن هر دور ۾ پَنهنجي حقن لاءِ آواز اُٿاريو آهي. جيڪڏهن 28هين ترميم يا ڪنهن ٻي صُورت ۾ صوبائي خودمختياريءَ کي محدود ڪرڻ، وسيلن تي اختيار گهٽائڻ يا وفاقي توازن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته سنڌ جو شعور، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي عوام جي اجتماعي يادگيري خاموش نه رهندي. هيءَ اُها ڌرتي آهي، جنهن جي مٽيءَ ۾ مزاحمت جا داستان سمايل آهن ۽ جنهن جي ماڻهن جي رَتُ ۾ حق ۽ انصاف لاءِ جدوجهد جو جذبو وهندو رهيو آهي. ڇو ته قومون تڏهن زندھه رهنديون آهن، جڏهن هو پَنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ جاڳنديون آهن. حقن جو تحفظ رُڳو سياسي نعرو نه، پر قومن جي عزت، وقار ۽ بقا جو بُنياد هوندو آهي. سنڌ به پَنهنجي تاريخي حقن، آئيني اختيارن ۽ قومي سُڃاڻپ جي تحفظ لاءِ هر دور ۾ بيٺي آهي، ۽ مستقبل ۾ به بيٺي رهندي، ڇو ته جيڪي قومون پَنهنجي حقن تي پهرو ڏينديون آهن، سي ئي تاريخ جي صفحن تي سربُلند رهنديون آهن. پر اڄ جيڪڏهن سنڌ جي وسيلن تي وفاق پَنهنجو مڪمل قبضو ڄمائي ويو، ته سڀاڻي بُک، بدحالي ۽ جهالت جي اونداهه جا اثر وڌيڪَ گهرا ٿيندا. سنڌ جا ماڻهو، جيڪي پَنهنجي ڌرتيءَ جي دولت جا حقدار آهن، سي ئي محرومين جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويندا. روزگار جا در بند ٿيندا، تعليم جا ڏيئا وسامندا ۽ خوشحاليءَ جا خواب اڻپورا رهجي ويندا. اُهو به ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ جا ماڻهو پَنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اوپرا بڻجي وڃن، سندن سُڃاڻپ، حق ۽ آواز آهستي آهستي گمناميءَ جي ڌوڙ ۾ لِڪي وڃن. جڏهن ڪنهن قوم کان سندس وسيلا کسيا وڃن ٿا، تڏهن رُڳو معاشي نقصان نه ٿيندو آهي، پر اُن جي تاريخ، ثقافت ۽ مستقبل به خطري ۾ پئجي ويندو آهي. تنهن ڪري سنڌ جي وسيلن جو تحفظ رُڳو معاشي مسئلو ناهي، پر سنڌ جي وجود، وقار ۽ ايندڙ نسلن جي بقا جو سوال آهي. اڄ جي خاموشي سُڀاڻي جي وَڏي محروميءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.