ڳالهه رڳو خريف جي ناهي: پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو سوال آ

محمد احسان لغاري

سورنھن جون تي شام جو، تونسا بئراج کان ھيٺ سنڌو ندي جو وھڪرو  161500 ڪيوسڪ روانو ٿيو آھي. ساڳي ڏينھن تي گڊو بئراج جي شام ڇھين بجي جي ماپ  138,142 ڪيوسڪ آھي. پاڻي جي سفر ۾ مقداري گھٽتائي فطري ۽ ھٿرادو ھوندي آھي۔ ٻاڦ ٿي اُڏامڻ، سيمو ٿي ڃڻ، دريا جي پيٽ ۾ ڦھلجڻ، نباتات جو پاڻي کڻڻ، سڀ فطري طريقا آھن۔ ڪچي اندر پاڻي کي ورائڻ، رستي روڪ ڪرڻ، اھي ھٿرادو عمل ۾ اچن ٿا۔ ان کانسواءِ ماپن جو صحيح نه ھجڻ پڻ مقدار جي گھٽ وڌائي جو سبب ٿئي ٿو۔   ان  تاريخ تي ئي سکر بئراج وٽ مٿاهين کان ايندڙ پاڻي 80000 ڪيوسڪ هو، ستن واھن جي کڻت کانپوءِ هيٺين پاسي رڳو 39000 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. وڌيڪ ڏکڻ ڏانهن وڌندي، ڪوٽڙي بئراج جو مٿاهون  وهڪرو  11400 ڪيوسڪ کان ٿورو وڌيڪ پاڻي مس پهتل آھي، ۽ سمنڊ ڏانهن ويندڙ وهڪرو مڪمل طور تي ڪيترن ئي ڏھاڙن کان ٻڙي (زيرو) ٿيل آھي. اڄ  به سنڌ مجموعي طور تي 48 سيڪڙو جي وڏي کوٽ کي منهن ڏئي رھي آھي؛ جڏھن ته گڊو تي 23 سيڪڙو ۽ سکر تي 33 سيڪڙو، ڪوٽڙي بئراج 65 سيڪڙو جي شديد ترين کوٽ سھي رهي آھي. هيءَ صورتحال ڪنهن قدرتي سوڪھڙي  جي ڪري پيدا ناهي ٿي۔ ا ھا انتظامي  غير منصفاڻي ورڇ ۽ بي پرواھي  جو چٽو ثبوت آهي۔ ان ڪري  ئي سنڌو نديءَ کي پنهنجي آخري منزل تائين پهچڻ کان گهڻو اڳ ئي مٿي لڳاتار  ٻئي طرف ورايو پيو وڃي۔

محرم الحرام جي پھرين تاريخ تي آيل ان اُڃ جا سڀئي سبب وائکا آھن۔ اچو ته    21 مئي کان 16 جون تائين وھڪرن جو جائزو وٺون، جنھن دوران چشما وٽان چشما-جهلم (CJ) لنڪ ڪئنال ۽ تونسا وٽان تونسا۔پنجند لنڪ ڪئنال گڏجي سنڌو نديءَ جي مکيه وهڪري مان 1.275 ملين اڪيڙ فٽ (MAF) کان وڌيڪ پاڻي ڪڍي ورتو! حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ منگلا ڊيم مان مناسب مقدار ۾ پاڻي موجود ھو، تڏهن به سنڌو نديءَ جي مٿاهين حصي تان سندس مکيه وهڪري کي اَڀري ڪرڻ جو ڪم جاري رهيو. اهو پاڻي جيڪو سنڌ جي  ٽنھي بئراجن کي وڌيڪ سگهه ڏئي ها، سو سنڌو نديءَ جي سيني مان اڳواٽ ئي ڪڍيو ويو. نتيجي طور، جيڪو وهڪرو تونسا وٽ هڪ ڀرپور توانائي  ( رفتار ۽ مقدار) سان سنڌ ڏانھن اچي ھا، ، سو ڪمزور ٿي ويو۔

پاڻي ۽ وھڪرن جي سائنس اها آهي ته جڏهن چشما ۽ تونسا وٽان مکيه وهڪري مان ايڏا وھڪرا ورايا ويندا آھن ، ته نديءَ جو رڳو مقدار گهٽ ناهي ٿيندو، پر ان جي رفتار/ ويلاسٽي به گھڻي گھٽجي ويندي آهي. وهڪرو گهٽجڻ سبب ندي پنهنجي تيزي ڏيندڙ توانائي ۽ دٻاءُ وڃائي ويهندي آهي، جنهن ڪري ھڪ جنڌ کان ٻي ھنڌ تائين وھڪري کي پھچڻ ۾ عام حالتن کان وڌيڪ وقت لڳيو وڃي۔  درياھي وھڪرن جي گھٽ رفتار جي  ڪري، رستي ۾ زمين پاران پاڻي جذب ڪرڻ/ سيمو ٿيڻ (seepage) ۽ گرميءَ جي پد وڌڻ سبب پاڻي جو ٻاڦ ٿي اڏامڻ (evaporation) جو عمل تيز ٿي ويندو آهي. تونسا کان گڊو ۽ گڊو کان سکر جي وچ ۾ ملندڙ ماپون ان ڳالهه جي  شاھدي ڏين ٿيون۔

ڊيمن ۾ موجود پاڻي جا تازا انگ اکر ان غير متوازن رويي کي وڌيڪ پڌرو ڪن ٿا. 16 جون تائين، منگلا ڊيم ۾ 2.688 ملين اڪيڙ فٽ (MAF) جو هڪ وڏو ڪارآمد ذخيرو (live storage) موجود آهي، جڏھن  ته تربيلا ڊيم ۾ رڳو 0.826 ملين اڪيڙ فٽ پاڻي بچيو آهي. ان  جو سڌو مطلب اهو آهي ته هن وقت منگلا ۾ موجود پاڻي تربيلا جي ذخيري کان ٽيڻو ياٽي ڀيرا وڌيڪ آهي. ان واضح فرق جي باوجود، چشما-جهلم ۽ تونسا لنڪ ڪئنالن کي وھايو پيو وڃي ۽  سنڌو ندي جي مکيه وهڪري کي گھٽ ڪرڻ جاري آھي.  پنجاب وٽ اهو عملي ۽ بهترين اختيار موجود آهي ته هو پنھنجي کڻت  سنڌو ندي مان کڻڻ جي  بدران،  منگلا مان وھڪرا وڌائي سگھي ٿو۔ ايئن ڪرڻ سان سنڌو تان دٻاءُ گهڻو گهٽجي ويندو، جنهن سان پنجاب جي مجموعي گھرج  به پوري ٿيندي؛ ۽ سنڌ ڏانهن وهڪرا بھتر ٿي سگهندا. جيئن چؤماسو شروع ٿئي ته پوءِ ڀل منگلا مان کڻت گھٽائين۔

منگلا 2009۾ چاليهھ فوٽ وڌايو ويو ۔ تربيلا جي ڀيٽ ۾ منگلا ان وڌاءُ کان اڳ پڻ ورلي ڪو ڀربو ھو؛ ھاڻ ته اڃان  به ڏکيو آھي۔ پنجاب ۽ ارسا جي اھا سوچ ھوندي آھي، ڇا  به ٿي پوي، ايندڙ ربيع لاءِ منگلا ڀرجي پوءِ سنڌ جو ھلندڙ خريف سُڪي ته سُڪي۔ ان غيرسائنسي خواھش جي نتيجي ۾ سنڌ کي ڀوڳڻو ٿو پوي۔

اھو ئي سبب آھي ته منگلا ۾ پاڻي جو ايڏو وڏو ذخيرو هجڻ جي باوجود، سنڌو مان کڻت وارو رويو تبديل ناهي ٿيو. 16 جون تي سکر بئراج کي مٿان کان 80000 ڪيوسڪ پاڻي ته مليو، پر هو هيٺين علائقن لاءِ رڳو 39000 ڪيوسڪ پاڻي اڳتي موڪلي سگهيو. جڏهن  ته ڪوٽڙي تائين پاڻي وڃي ڪو بچيو، جنهن ڪري سنڌو ندي جي تاريخي ڊيلٽا ڏانهن ٽيپو به پاڻي نه ڇڏيو پيو وڃي . گڊو تي 23 سيڪڙو، سکر تي 33 سيڪڙو، ۽ ڪوٽڙي تي 65 سيڪڙو جون هي هٿراڌو کوٽون پاڻي جي اڻهوند سبب ناهن، پر ان ڪري آهن جو پاڻي کي پنهنجي قدرتي رستي تي پوري سگهه سان وهڻ نٿو ڏنو وڃي۔

درياھن جا وھڪرا ۽ ڊيمن ۾ موجود گڏيل پاڻي سڀني صوبن جي جائز ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي؛ انھي شرط تي ته  جيڪڏهن منگلا ۽ سنڌو نديءَ جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ کي توازن ۾ آندو  وڃي۔

21 مئي کان 16 جون تائين جي وھڪرن جو سادو تجزيو ٻڌائي ٿو ته  پاڻي جي ريگيوليشن جا بنياد ڪيڏا نه غيرمنصاڻا آھن! سي جي (CJ) ۽ ٽي پي (TP) لنڪس ذريعي سنڌو نديءَ مان لاڳيتو پاڻي ڪڍيو  پيو وڃي، پر منگلا ڊيم کي، جنهن ۾ تربيلا کان ٽي ڀيرا وڌيڪ پاڻي موجود آهي، سنڌو ندي تان دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ پوريءَ طرح استعمال نه پيو ٿئي. نتيجي ۾، سنڌ کي پنهنجي جائز حق کان محروم رکيو ويو ۽ گڊو، سکر توڙي ڪوٽڙي بئراجن تي پاڻي جو شديد بحران پيدا ڪيو ويو. حقيقت اها آهي ته سنڌو سرشتي ۾ پاڻي جي ڪا کوٽ ناهي، کوٽ رڳو ان انصاف ۽ توازن جي آهي!

 

You might also like