اٽڪ جيل جو مھمان

تحرير: مظھر عباس

اهو ڏينهن به ڏسڻو هو؟ گجرات جي چوڌري پرويز الاهي کي گاڏيءَ مان اسلام آباد پوليس اغوا واري انداز ۾ گھلي گرفتار ته ڪيو  پر ،ايم پي او 3 تحت نظربند بھ ڪيو ۽ اهو به ”اٽڪل جيل“ ۾ جتي اڳ ھڪ وقت ۾ رياست کي سڀني کان  وڌيڪ  گهربل شخص اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان جيل ۾ بند آهي ۽ بظاهر سندس جلد آزاد ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي رهيا آهن.

اندر ڇا ٿي رهيو آهي، ان جي خبر رڳو مخبرن کي آهي، پر عين  ممڪن آهي ته اڳواڻن کي گڏ رکڻ جا ڪي سياسي مقصد بھ هجن. چوڌري پرويز الاهي کي وڏي اميد هئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي واضح حڪم کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويندو، پر ائين  ٻيو ڀيرو بھ نه ٿيو ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ کيس وري وري گرفتار ڪيو ويو.

آخر هن کان اھڙي ڪهڙي ’نافرماني‘ ٿي آهي، جنهن جي سزا ملي رھي آھي، جڏهن ته اسان جي سياست ۾ چوڌري ڀائر هميشه رياستي ادارن سان گڏ بيٺا ھوندا آهن، اها الڳ ڳالهه آهي ته هاڻي انھن ڀائرن جا رستا الڳ آهن. هاڻي ھن جو تعلق ھن ۽ سندس پٽ چوڌري مونس الاهي جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو معاملو آهي، جنهن جو پنهنجو ھڪ سياسي پس منظر آهي.

عجيب اتفاق آهي ته اهو چوڌري جنھن  جي نھ صورت عمران خان کي پسند  هئي ۽ نھ ئي سندس حڪومت جي دور ۾ ھنن جا  سٺا لاڳاپا  هئا، پر گذريل ڪجھه مھينن ۾ ھن  جنهن طريقي سان قيد ڪٽيو آھي، تنھن خود سندس خاندان جي هڪ فرد ياد تازي ڪري ڇڏي آھي. جنهن 70 واري ڏهاڪي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي جي دور ۾ ڏکيو وقت ڏٺو ھو.

اِها خبر ضرور نظر مان گذري تھ  ’اٽڪ جيل‘ جي اهم ترين قيدي جي ساڻس ملاقات نھ ٿي آھي. اهو چوڻ مشڪل آهي ته چوڌري پرويز الاهي ۾ اها ’تبديلي‘ ڪيئن آئي جو ھن  وڏي ڀاءُ جو ساٿ به ڇڏي ڏنو، جنهن کيس آڱر کان وٺي سياست سيکاري ھئي. مارچ ۽ اپريل 2022 جي وچ ۾ اھڙو  ڇا ٿيو جو، شهباز شريف جاءِ تي وزيراعظم ٿنيدي ٿيندي  هڪ ”ڪال“ تي بني گالھ هليو ويو ۽ اهڙي طرح وزيراعظم هائوس ڏانهن ويندڙ گاڏي وري ”اٽڪ جيل“ پهچي وئي. ٻڌو آهي ته جيل جي  دوستي  ڏاڍي پڪي  هوندي آهي.

”چوڌرين “ 1980 کان وٺي اڄ تائين ”رياست“ ۽ ان جي ادارن سان بيوفائي ناھي  ڪئي. ”رياست اندر رياست“ جي تصور کي ”هنن “کان ۽ ”شريفن“ کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي سگھي ٿو. ڀٽي سان اختلافن جي هڪ تاريخ آهي، ان ڪري 18 آڪٽوبر 1999ع واري  خودڪش حملي کانپوءِ  جيڪو خط لکيو ويو ھو.سازش جو . ان ۾ پرويز الاهي جو نالو به شامل هو.

محترمھ جي شھادت بعد 2008ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾چند مهينن جي ”هني مون“ کانپوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي تھ آصف زرداري  لاھور ۾ ”چوڌري ڀائرن“ وٽ  پهتو ۽ جيڪي لفظ آصف زرداري جا مونکي .پرويز الاهي ٻڌايا سي ھئين ھئا. ”مان نٿو چاھيان تھ اسان جا ٻار دشمنين ۾ جوان ٿين، سچ ھي آھي تھ ھنن ان بعد اھو تعلق نڀايو“ پرويز الاهي ڊپٽي وزيراعظم ٿيو. عمران خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي  ڪاميابي کان پوءِ به ڪجهه اهڙو ئي ٿيڻو هو جو ’ڪال‘ اچي وئي.

اھڙو ئي ڪجھھ چوڌرين ۽ عمران جي لاڳاپن ۾  ٿيو، 2002 جون چونڊون ٿيڻيون ھيون جو  عمران کي ”ايوان صدر“ مان فون آيو ته اليڪشن جي سلسلي ۾  اجلاس آهي. خان صاحب ”ڪور ڪميٽيءَ“ جنھن ۾ پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل معراج محمد خان ۽ حامد خان به شامل هو کي اعتماد ۾ ورتو،بھرحال  حامد خان جنرل مشرف سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سندس موقف  هو ته ان سان پارٽيءَ کي نقصان ٿيندو،معراج  صاحب جو به ساڳيو موقف هو. خير عمران جي فرمائش تي ھو گڏ هليا ويا، ان جو احوال خود معراج صاحب پاڻ هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته، ”جڏهن اتي پهتاسين  ته هڪ طرف چوڌري شجاعت هو ته ٻئي طرف پرويز الاهي.انھن  ٻنهي کان خان صاحب کي ايتري ئي نفرت ھئي جيتري شريفن ۽ زردارين کان.

اجلاس مان واضح ٿي ويو ته عمران خان کي ميانوالي کانسواءِ ٻي ڪا به سيٽ نه ملندي. عمران ٻاهرنڪري  چيو ته حامد صحيح چيو هو ته سڀ چور آهن، مشرف دوکيباز آهي.”چون ٿا ته ان ملاقات ۾ جنرل احتشام ضمير خان صاحب کي ھڪ فھرست ھٿ ۾ ڏني جيڪي امڪاني چونڊ نتيجن جي لسٽ ھئي. حقيقت اها آهي ته چوڌري پرويز الاهي عملي طور وڏو وزير هو. ان سڀ باوجود جڏهن عمران خان وزيراعظم بڻجي لاهور آيو ته هن چوڌرين سان گهٽ ئي ملندو ھو.جھڙوڪر ڳالهه ٻولهه  بند ٿي چڪي هئي. جيئن ئي 2021ع ۾ زرداري ۽ پرويز الاهي ۾ ويجهڙائي وڌي، خان صاحب نيب ذريعي چوڌرين خلاف ريفرنس کولرايو، پوءِ معاملا طئي ٿي ويا ۽ ريفرنس ختم ٿي ويو.

عمران ۽ جنرل قمر جاويد باجوا جي وچ ۾ جنرل فيض جي معاملي صورتحال خراب ٿي ويا. عمران تي حملو ٿيو، خان، آءِ ايس آءِ جي حاضر سروس جنرل جو نالو ورتو تھ  چوڌرين، ايف آءِ آر جي حمايت نه ڪئي، پر عمران جي ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو، چوڌري پرويز جي سمجھائڻ باوجود جنهن جو سبب پرويز الاهي جو پٽ مونس الاهي هو. هاڻي هڪ طرف چوڌري ڀائرن ۾ ڏار پئجي ويا آهي ته ٻئي طرف مونس الاهي پنهنجي والد کي پي ٽي آءِ سان گڏ بيهڻ جو چيو ۽ هو اڄ تائين بيٺو آهي جڏهن ته بوزدار سميت درجنين اڳواڻن ساٿ ڇڏيا ويا آھن.سياست بھ ڪھڙي نھ ظالم شيء آھي جيڪي ڪالھھ تائين ھڪ ٻئي جي شڪل ڏسڻ پسند نھ ڪندا ھئا. هڪ ٻئي کي ڪھڙن ڪھڙن لقبن سان نوازيندا هئا، اڄ اهي ساڳي جيل جا ساٿي آهن.

سک جي وقت جا ساٿي نه تھ ڏک جا تھ  ٿي ويا. رھي ڳالھھ انصاف جي ايوانن جي تھ مان  هاڻ عدالتن کي اهو حڪم بھ ڏيڻو پوندو آھي آئيندھ  هن شخص کي ڪنهن به مقدمي ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي، پر پوءِ شاباس آھي ھن  نظام کي جو ھو پوءِ بھ گرفتار ڪيو ٿو وڃي، بھرحال ايمان مزاري جيڪا اڳوڻي پي ٽي آءِ جي ليڊر جي شيرين مزاري جي ڌيءُ ضمانت تي آزاد ٿي وئي آهي. خبر ناهي ڇو مون کي  ڪڏهن ڪڏهن ھن ۾ انساني حقن جي عظيم آواز عاصمه جهانگير جي جھلڪ نظر ايندي آهي.جيڪو ڪجهھ  ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين گرفتار ٿيل عورت ڪارڪنن سان ٿيو، ان تي ٻين سياسي پارٽين جي خاموشي برقرار آھي.اھڙي طرح  جھڙي طرح  مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي عورتن سان  پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٿيو.

”اٽڪ  جيل“ جو خاص مهمان اهو ضرور سوچي رهيو هوندو ته اقتدار جي دور ۾ جيڪي ماڻھون منھنجي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ھئا انھن ۾  علي محمد خان، شهريار آفريدي، عمر چيما، محمود الرشيد، اعجاز چوڌري ۽ حليم عادل شيخ  ڇو نه هئا، اھو بھ ضرور غور ڪري رھيو ھوندو تھ جنھن شخص جي ڪري سڀني سان جھڙو ڪيو اھو بھ دغا ڪري ويو… پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار.. اڳ ۾ ئي ڳالھه مڃي ھان تھ ھي ڏينھن نھ ڏسڻا پون ھا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.