پاڪستان بار ڪائونسل پاران مهانگائي خلاف سڀاڻي هڙتال جو اعلان

ڪوئيٽا(م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل مهانگائي خلاف 9 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ عدالتي هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. چيئرمين  ايگزيڪيوٽو پاڪستان بار ڪائونسل حسن رضا پاشا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مهانگائي سبب عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، جنهن تي اسان عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته صدر پاڪستان پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪندي چونڊن جي تاريخ ڏئي، کيس ڪنهن سان صلاح ڪرڻ جي ضرورت ناهي.ججن، جنرلن ۽ سرڪاري آفيسرن جون مراعتون ختم ڪيون وڃن، بجلي، پيٽرول ۽ گيس جا بل قومي خزاني مان ادا نه ڪيا وڃن. بلوچستان سان گڏ سڄي ملڪ ۾ گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس وڌي رهيا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.