آرمي چيف هاڪاري ڳالهيون ڪيون آهن: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته آرمي چيف واپاري برادري سان ملاقات ۾  اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ خام مال جي آپريشن بابت مثبت ڳالهه ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ ناصر شاهه چيو ته آرمي چيف ڪاروباري برادري سان ملاقات لاءِ ڪراچي آيو هو، هن تمام مثبت ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪا گڙٻڙ آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.هن چيو ته آرمي چيف اسمگلنگ جي خاتمي، خام مال آپريشن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي آرمي چيف نه چيون پر اهي سوشل ميڊيا تي اچي رهيون آهن، ان جي به ترديد ڪئي وئي آهي.ناصر شاهه چيو ته سموريون پارٽيون اسان لاءِ قابل احترام آهن، ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، چونڊن کانپوءِ بيروزگاري ۽ مهانگائي کي منهن ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.