خانپور ويجهو ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، 2 نوجوان قتل

خانپور/ لکي غلام شاهه ( نمائندن وٽان) خانپور ويجھو رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ حبيب جتوئي  ۾ ڪمالاڻي جتوئين ۽ عطراڻي جتوئين جي ڌرين ۾ ڪارنھن جي  پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، ڪمالاڻي جتوئين ۽ عطراڻي جتوئين ڌرين ھڪٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، فائرنگ ۾ عطراڻي جتوئي ڌر جا 2 نوجوان صدام عرف علي بخش پٽ متيرو عطراڻي جتوئي ۽  بچايو پٽ پتاشو عطراڻي جتوئي قتل ٿي ويا ڌرين ۾ ڪيتري دير تائين فائرنگ ھلندي رھي، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڪمالاڻي جتوئين جي ڌر جو ھڪ ڄڻو شبير ڪمالاڻي جتوئي به زخمي ٿي پيو ھو، ڌرين ۾ فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رھيو، رستم پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ خانپور اسپتال کڻائي آئي جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جي وارث عورتن جو چوڻ ھو ته ڪارنھن جو تڪرار ھلندڙ آھي اسان پنھنجي گھرن ۾ ھئاسين ته ڪمالاڻي جتوئين حملو ڪري ڏنو ۽ فائرنگ ۾ اسان جا 2 نوجوان مارجي ويا آهن، مليل ڄاڻ موجب ڌريون ھڪٻئي مٿان حملا ڪندا رھن ٿا ۽ ٻنھي ڌرين جا 13 کان وڌيڪ ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.