اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 76 سالن کان ڪرپشن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، ڪو به نتيجو نه نڪتو آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته احتساب جو اهڙو نظام هجڻ گهرجي جنهن تي سڀ متفق هجن.اسان احتساب جو نظام ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيون،ان نظام ۾ ڪنهن کي به معافي نه ملڻ گهرجي، اهو نه ٿيڻ گهرجي ته چئن مهينن لاءِ ڏنڊو هلائجي ۽ پوءِ وري ماٺار ٿي وڃي، هن چيو ته نيب کي غيرجانبدار اٿارٽي طور ڪم ڪرڻ گهرجي.جيڪڏهن ڪو غيرجانبدار احتساب جي عمل ۾ آيو ته ضرور ايندو