ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جي ديهه چوھڙ ۾ ڳوٺ فقير محمد بلوچ ۾ مقامي ڳوٺاڻن پاران اهم گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين جي اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ متاثرن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي دوران ايجوڪيشن سٽي پروجيڪٽ جي انتظاميه پاران مبينا طور رات جي اونداهي ۾ ڳوٺ ۾ ڳري مشينري ۽ پوليس جي مدد سان گهر ڊاهڻ واري ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته مقامي آبادي سان ڪنهن به قسم جي زيادتي ۽ مبينا طور گهرن جي ڊاهڻ واري عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو، گڏجاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، قومي عوامي تحريڪ جي منان شيخ، رشيد سڌايو، اڪرم بلوچ، مجاهد جوکيو، يعقوب خاصخيلي، سليم سالار، رخمان گل پالاري، عبدالرزاق سالار، انجنيئر محمد اڪرم بلوچ، ايڊووڪيٽ عبدالرزاق سالار، ڪامريڊ عبدالحفيظ بلوچ، غلام رسول بلوچ، حاجي الياس رند، بابا علي نواز بلوچ، حاجي نور حسن جوکيو سميت سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 20 ھزار ايڪڙ زمين کان وڌيڪ ايجوڪيشن سٽي منصوبو اربين رپين جي زمين هڙپ ڪرڻ جو پلان آهي 80 کان وڌيڪ ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي زمين، زرعي زمينن، باغن، ماڳ مڪانن کان محروم ٿي رهيا آهن، صدين کان ويٺل ماڻهن کان زمينون کسي وڪرو ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايجوڪيشن سٽي انتظاميا پوليس ۽ روينيو عملي کان فقير محمد ڳوٺ تي ڪاھ ڪري اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن، اهڙي سنڌ دشمن منصوبي خلاف مرحليوار تحريڪ هلائي ويندي، ايجوڪيشن سٽي جي آڙ ۾ صدين کان ويٺل ماڻهن جا ماڳ مڪان قبرستان ڳوٺ باغ گرين بيلٽ تباھ ٿي رهيو آهي فوري طور تي اهڙي منصوبي کي روڪيو وڃي، ايجوڪيشن سٽي منصوبو قبضي گيري وارو منصوبو آهي ڪنهن به صورت ۾ اهڙي منصوبي کي قبول نه ڪيو ويندو ۽ حڪومتي اختيارين کان گهر ٿا ڪريون ته فوري طور تي اها ڪاروائي روڪي وڃي ۽ ڳوٺاڻن ۽ سندن زمينن کي تحفظ ڏنو وڃي. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن ايجوڪيشن سٽي پروجيڪٽ انتظاميه پنهنجي ڪارروائي تي نظرثاني ڪري معافي نه ورتي ته جلد سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ باشعور ڌرين کي گڏ ڪري مبينا ڪارروائي خلاف ڀرپور احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.