عوام هاڻي حڪمرانن کي روڊن تي گهليندو:راشد محمود سومرو

شڪارپور (عوامي آواز نيوز) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته عوام جو صبر هاڻ ختم ٿي ويو آهي، هتي ڪا به تبديلي ناهي اچي سگهي، ماڻهو بک مرن پيا، بدامني جي باهه ٻريل آهي، شڪارپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها شئي حڪمرانن کي سوچڻ گھرجي ۽ اسيمبلين جا فيصلا ڪندڙ کي سوچڻ گھرجي ته هي ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻ تا چاھين، ڇا بنگال جھڙي صورتحال تي پيدا ڪرڻ تا چاھين ٿا،ڇا سري لنڪا جھڙي صورتحال تي پيدا ڪرڻ تا چاھين ٿا، ڇا نيپال جھڙي صورتحال پيدا ڪرڻ تا چاھين ھاڻي عوام جو نڪ کان پاڻي مٿي ھلي ويو آهي، ھاڻي عوام پنهنجي حقن جي لاءِ چپ ڪري نه ويندو حڪمران مجبور نه ڪن عوام کي ته روڊ ھجي حڪمرانن جو گچيون ھجن عوام انھن کي روڊن تي گهلي، ان کان پھريان انھن کي عوام جي مرضي جي مطابق فيصلو ڪرڻ پوندا ڪو اپوزيشن ڪري ٿو نه ٿو ڪري مون کي خبر ناھي، هن چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي صوبن جي خلاف آهي ته پوءِ صوبن خلاف ٿيندڙ احتجاجن تي لٺبازي ڇو ڪرائي رهي آهي ۽ اڳواڻن کي ڇو گرفتار ڪيو پيو وڃي،هڪ وفاقي وزير سري عام تقريب ۾ ڪارڪنن کي صوبي لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي ۽ چوي ٿو ته هٿيار کڻو، ان خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي، اسان شڪارپور سميت هر شهر ۾ امن چاهيون ٿا، سکر ۾ اسان امن جرڳو ڪوٺايو.

You might also like