گرفتارين باوجود سنڌ جي ورهاڱي خلاف مٺي ۾ عوامي تحريڪ جي ريلي، ڌرڻو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، معدني وسيلن ۽ زمينن تي قبضن، جلال پور ڪئنال سميت سمورن ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير خلاف عوامي تحريڪ جي عوامي سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ مٺي شهر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ڊگري ڪاليج مٺي کان شروع ٿي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي ڪشمير چوڪ تي پهتي، جتي جلسي عام ۾ تبديل ٿي وئي، ريلي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سان گڏ عورتن ۽ ٻارڙن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ ورهائڻ جي سازشي، ڪينالن ۽ ڊيمن جي تعمير ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف نعريبازي ڪئي، ريلي کي روڪڻ لاءِ پوليس مٺي شهر کي ڪڙو چاڙهيو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جي گهٽين ۾ پوليس اٽالا بيهاريا پر سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ريلي ڊگري ڪاليج مٺي کان شروع ٿي، پوليس تشدد ۽ لٺبازي ڪئي، ايڊووڪيٽ ديوت راءِ، الھبچايو چارو، ڀورالال ڀيل، آتم ڀيل، موھن ميگھواڙ، وويڪ، پارو ڪولھي، علي حسن، رمضان، دليپ ڪمار ۽ بابر علي سميت عوامي تحريڪ جا 25 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا، مرد پوليس اهلڪارن سنڌياڻين کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌياڻين ڀرپور مزاحمت ڪري، ريلي جاري رکي،گرفتار ڪيل اڳواڻن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته ريلي کان پوءِ ڌرڻو هنيو ويو ۽ جلسو ٿيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر ديال صحرائي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، اوڀايو جوڻيجو، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي صدر ريکا ڀيل ، شازيا جوڻيجو، پشپا وسند، اي بي چارو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پرامن احتجاجن تي پوليس گردي ننگي مارشل آهي، اسين جيلن ٿاڻن ۽ تشدد کان نٿا ڊڄون، سنڌ جي وحدت جي حفاظت لاءِ جدوجهد هر صورت م جاري رهندي. هنن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آواز آيو، سموري سنڌ احتجاج ڪيو، عدالت ڪٽائي روڪڻ جو حڪم ڏنو، ميڊيا عوام سان گڏ بيٺي، ائين سمورا سنڌي پنهنجا وسيلا، تاريخي ماڳ ۽ مڪان بچائڻ لاءِ گڏ ٿا آهن، ان ڪري هڪڙي پاسي پيڪا ايڪٽ ۽ 26هين ۽ 27هين ترميم وسيلي عدليا ۽ ميڊيا کي قيد ڪيو ويو ته ٻي طرف 28هين ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌي قوم جي پنهنجي وسيلن جي تحفظ واري پرامن جمهوري جدوجهد کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي ورهاڱي جي سازش ڪئي پئي وڃي ته جيئن سموري سنڌ هڪ آواز نه ٿي سگهي، پيپلز پارٽي سنڌ ورهائڻ واري هن سازش ۾ اسٽيبلشمينٽ سان گڏ آهي. تنهن ڪري پيپلز پارٽي جو وزير شرجيل ميمڻ چئي ٿو ته نون صوبن جي قيام لاءِ رڳو آئيني طريقو قبول هوندو پر اسين چئون ٿا، سنڌي قوم چئي ٿي ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو ورهاڱو برداشت نه ڪبو، 28هين آئيني ترميم هجي يا ون يونٽ جيان سنڌ جي وڏيرن جي اسيمبلي جي رضامندي وٺو پر سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي جو ورهاڱو ڪرڻ نه ڏيندي. روپلي ڪولهي جيان اسين پنهنجو ڪنڌ ڪپائي سگهون ٿا پر ڪنڌ جهڪائي نٿا سگهون، جيئن سنڌ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ سنڌياڻين قلم 144 کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيو، ڀاشا ڊيم خلاف احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ آرٽيڪل 6 جي ڌمڪي کي پرامن جدوجهد وسيلي بي اثر بڻايو تيئن اهڙي ڪنهن به قسم جي آئيني ترميم ۽ ڪاري قانون کي اسين نه مڃنداسين جيڪو سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪري، سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙن پيپلز پارٽي جا حڪمران ضياء، ايوب ۽ مشرف کان وڌيڪ وطن جا غدار آهن، اڳواڻن چيو ته آئين ۾ نوان صوبا قائم ڪرڻ جي گنجائش آهي سا به صوبائي اسيمبلي مان يعني پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ٺهي سگهن ٿا جيئن ون يونٽ ۾ صوبائي اسيمبلي جنرل ايوب جو ساٿ ڏنو هو، تيئن پيپلز پارٽي به اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏئي آئيني طريقي سان سنڌ ورهائڻ تي راضي آهي، صوبائي اسيمبلي مان قرارداد يا 28هين آئيني ترميم وسيلي پيپلز پارٽي سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪندي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي سنڌ ورهائڻ خلاف ٿيندڙ احتجاجن تي پابندي مڙهي سنڌ ۾ خوف ۽ دهشت وارو ماحول پيدا ڪري رهي آهي ته جيئن ڪو به ماڻهو سنڌ ورهائڻ جي سازش خلاف جدوجهد نه ڪري سگهي. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو ڪاڇو، ڪارونجهر، ڪينجهر، ٿرپارڪر، سامونڊي پٽي، ڪوهستان سڀ ڪجهه وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي پنهنجي ڌرتي، سنڌو درياهه، سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخي ماڳ مڪان بچائڻ لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد تيز ڪرڻي پوندي، پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت ضياءُ جي مجلس شوريٰ جي ميمبر هئي، پيپلز پارٽي جي موجوده ڪجهه اڳواڻن ذوالفقار ڀٽي جي ڦاهي تي مٺايون ورهايون هيون، پر اسان هئاسين، سنڌي قوم هئي جنهن جنرل ضياء کي پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪيو، هنن چيو ته پيپلز پارٽي جنرل ضياءُ، ايوب ۽ مشرف جي نقش قدم تي هلي سنڌي قوم جي پرامن جدوجهد کي ڏاڍ ۽ جبر وسيلي ختم ڪرڻ چاهي ٿي. جيڪي ادارا چون پيا اسان جو سياست سان ڪو تعلق ناهي سي ڪارپوريٽ فارمنگ به ڪن ٿا، نون صوبن جي مهم به هلائين پيا، سياست تي تبصرا ڪن ٿا پر چون ٿا اسان جو سياست سان ڪو تعلق ناهي، اداري جو ترجمان نون صوبن جي حمايت ۾ بيان ڏئي پنهنجون آئيني حدون اورانگهي رهيو آهي، سنڌ سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، سنڌ جو ورهاڱو برداشت نه ڪبو، ڀلي گرفتار ڪيو، ڪوڙا هڻو پر اسين پنهنجي پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکنداسين، عوامي تحريڪ جي عوامي سجاڳي مهم هر صورت ۾ جاري رهندي، لاڙڪاڻي ۾ سنڌياڻين ۽ عوامي تحريڪ جي قيادت کي گرفتار ڪيو ويو، معصوم ٻارڙن ۽ نياڻين تي تشدد ڪيو ويو جنهن مان پيپلز جي بزدلي ۽ بوکلاهٽ ظاهر ٿئي ٿي، لاڙڪاڻي پوليس پيپلز پارٽي جي ڪمداري ڪندي سنڌياڻين ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو، پيپلز پارٽي پرامن احتجاجن تي پابندي مڙهي سنڌ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پوليس پرامن شھر کي نوگوايريا بڻائي رکيو،صبح سوير کان سج لٿي مھل تائين پوليس سموري مٺي شھر کي نوگوايريا بڻائي خوف طاري ڪري رکيو، مرد پوليس اھلڪارن پاران سنڌياڻين کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش دوران جذباتي ماحول،سخت نعريبازي بعد پوليس اھلڪار پوئتي ھٽڻ تي مجبور ٿي ويا.

You might also like