وسيلا، سمنڊ، درياءَ ۽ ڌرتي بچائڻ لاءِ سنڌ پرامن جدوجهد ڪندي

حيدرآباد(رپورٽ :حسيب لطيفي) سنڌ جي اديبن . شاعرن ۽ تخليقڪارن چيو آهي ته سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ "وحدت سنڌ قلمڪارن جي  ڪانفرنس” کي خطاب ڪندي نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو ته  وفاقي وزير محسن نقوي جو ڪھڙو قد ڪاٺ آھي؟گذريل 80 سالن کان ھن ملڪ ۾ جمھوريت جو تصور ئي ناھي رھيو ، غلطيون اوھان ڪيون آھن ۽  اوھان پاڪستان کي وفاقي جمھوري پارلياماني ملڪ ٺھڻ ئي ناھي ڏنو،ھن چيو ته 18 ھين آئيني ترميم پاڪستان کي جمھوري، پارلياماني ملڪ ٺاھڻ ۽ ھلائڻ لاء مثبت پيش رفت ھئي پر اوھان ان تي عمل ٿيڻ نه ڏنو ۽ ھاڻي چئو ٿا ته موجوده نظام خراب آھي ۽ نٿو ھلي. ھن چيو ته ملڪ جي ٽن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي بجيٽ کان وڌيڪ دفاعي بجيٽ آھي ۽ ملڪ جو عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار آھي. هن چيو ته  اسٽبلشمينٽ ھڪ وڏي منصوبابندي تحت سنڌ جي زمين، درياھ، پاڻي، جبل، سمنڊ ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي قابض ٿيڻ چاھي ٿي، ھو ڪراچي ۽ گوادر جي ساحلي پٽيءَ کي ملائي ان تي قبضو ڪرڻ گھرن ٿا. ھن چيو ته سنڌ جي وحدت، ساحل، سمنڊ، ڪراچي جي شھر، سنڌو درياھ جي وجود، ريگستان، جبل، زمين، وسيلن سان جڙيل آھي، انھن مان ڪنھن ھڪ تي بہ حملو ٿيو ته اسان ان کي سنڌ جي وحدت تي حملو سمجھنداسين. سنڌو درياھ سنڌ جو جيئاپو آھي، ان کي ختم ڪيو ويو ته سنڌ جو وجود ئي ختم ٿي ويندو.ھن چيو ته اسان جي چارج شيٽ رڳو وفاق تي ناھي پر اھڙي چارج شيٽ سنڌ حڪومت تي به آھي. ھن  سنڌ وحدت جي حفاظت لاء لاڙڪاڻي ۽ مٺي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن مٿان لٺيون وسائڻ، گرفتاريون ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا دلال نوجوانن کي ھٿيار کڻڻ جو چوڻ ٿا ته انھن جي سرپرستي ڪئي وڃي ٿي، جڏھن تہ سنڌ جي وحدت لاء نڪتل ڌرتيء ڌڻين جي رستا روڪ ڪئي وڃي. ھن چيو ته حيدرآباد ۾ وحدت سنڌ قلمڪار ڪانفرس ۾ ايندڙ قلمڪارن کي روڪڻ لاء حيدرآباد ۾ اھڙي ناڪابندي ڪئي وئي ڄڻ قلمڪار نه پر ڪي دھشتگرد شھر ۾ داخل ٿي رھيا آھن.ڊاڪٽر ڪامريڊ امداد چانڊيو چيو ته  سنڌ جي سرزمين ھڪ ھئي ھڪ آھي ھڪ رھندي 1940 جي قراداد ھيٺ شامل ٿياسين، سنڌ  پاڪستان جي  خالق آھي بنگال ھن ملڪ ٺاھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، ھڪ وفاقي وزير نون يونٽن جي ڳالھ ڪري رھيو آھي، مسئلا حل ڪرڻ وارا مسئلا پيدا ڪري رھيا آھن، پاڪستان قومن جي مرضيءَ سان موجود آهي، وفاق کي جبر جي بنياد تي نه ٿو ھلائي سگھجي ، ڪڏھن به سنڌ کي ورھائڻ جي غلطي نه ڪجو، اسان 1940 جي قرارداد تي ٻيھر نظرثاني ڪري سگھون ٿا،پروفيسر امر سنڌو چيو ته ڪالاباغ ڊيم وانگر ھي ڏکيو وقت به گذري ويندو. 80 سالن کان سنڌ جي وجود خلاف سازشون ٿينديون رهيون آهن، سنڌ جا قلمڪار وارث سمجھن ٿا، سنڌ اسان جو تاريخي وطن ان کي ورھائڻ نه ڏينداسين، صحافي لالا رحمان سمون چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آھي سنڌ تي ڪا لڪير نڪتي ته اسان  به ڪا لڪير ڪڍي ڇڏينداسين،آفتاب خانزادي چيو ته سنڌ اسان جو ناقابل تقسيم وطن آھي، انساني تاريخ ۾ سنڌ وطن صدين کان قائم آھي ست ڪروڙ ماڻھن کي لڪير ۽ تلوار ذريعي تقسيم نه ٿا ڪري سگھو.  اردو ٻولي ڳالهائيندڙ، سنڌ ۾ مستقل رھندڙ پنجابي ۽ پختون به سنڌ تان قربان ٿيندا،سکر جي ليکڪ حڪيم زنگيجو چيو ته پاڪستان ٽوڙڻ جي سزا جيان سنڌ اسيمبلي کي سنڌ کي ٽوڙڻ وارن جي ڳالھ ڪندڙن کي  سنگين سزا  ڏيڻ جو بل پاس ڪرڻ گھرجي ليکڪ ذوالفقار قادري چيو ته ضياءُ الحق به سنڌ کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي کيس سنڌ بدترين شڪست ڏني ، ليکڪ فريد چانڊيو چيو ته پاڪستان جو ٺھڻ کان اقتدار جاگيردارن حوالي ڪيو ويو اسان جي نظر ۾ ،سنڌ جي تقسيم  دراصل پاڪستان جي تقسيم آھي ، ھن چيو ته سنڌ جا باشعور اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جي ورھاڱي خلاف آھن. ليکڪ نور احمد ميمڻ چيو ته ،2008 کان وٺي آيل حڪومتن سنڌ جي مسئلن تي سوديبازي ڪئي آھي سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻ وجاھت ھنگورجو پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ خراب ترين حڪمراني رھي آھي ، شاعر اقبال رند چيو ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين جي مذمت ڪيون ٿا. عامر لطيف صديقي چيو ته سنڌ کي حڪمرانن ديوار سان لڳائي ڇڏيو آھي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل چيو ته شھر ۾ پوليس جو حراس پکڙيل ھو ڄڻ قلم نه ھٿيار ھٿن ۾ ھجن ، سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙ سنڌ کان ڊنل آھن ايڊووڪيٽ ستار سرڪي چيو ته قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبليون، اسٽيبلشمينٽ جي اثر ھيٺ آھن ، سنڌ ھن ملڪ جي خالق آھي ، ان جي ورھائڻ جي ڳالھ ٿي ته سنڌ جو شعور جدوجھد جي ميدان تي نڪرندو ۽ مزاحمت ڪنداسين ڊاڪٽر حسين مسرت چيو ته اسين ھوشو جي ان نعري ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون تي عمل ڪندي سنڌ بچائينداسين جڏهن ته ڪوٺايل ڪانفرنس جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب ڏانهن ويندڙ مک رستن تي پوليس پاران رڪاوٽون لڳايون ويون جنهن سبب ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ قلمڪارن ۽ آرٽسٽن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.وحدتِ سنڌ ڪانفرنس جي قرار دادن ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، وسيلن جي ورڇ ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلافن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته سنڌ سميت سمورن صوبن جي حقن جو احترام ڪرڻ، آئين تي مڪمل عملدرآمد ۽ صوبائي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ ئي ملڪ ۾ مضبوط وفاق ۽ جمهوري نظام لاءِ بنيادي شرط آهي. هن ڪانفرنس جي موقعي تي واضح ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ به حڪمراني جو ڪرپٽ، اقرباپرور ۽ نااهل انداز عوام دشمن آهي ۽ قابلِ مذمت آهي. سنڌ جي عوام کي سڀني زباني نعرا هڻندڙن ۽ عوام کي ورهائڻ وارن عنصرن کان خبردار رهڻ گهرجي. اسان سنڌ جي عوام جي مفادن خلاف ٿيندڙ اهڙي حڪمراني ۽ عوام دشمن پاليسين جي گڏيل مزاحمت ڪنداسين. سنڌ ۾ عوام دشمن منصوبن، فاشسٽ گروهن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي گڏيل سنڌ دشمن منصوبن خلاف اجتماعي مزاحمت ڪندي سنڌ جي عوام جي قومي ۽ معاشي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائينداسين.

You might also like