ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پنهنجي مشهور اسمارٽ فون آءِ فون ايڪس کي پنهنجي پراڊڪٽ سپورٽ پاليسي جي سڀ کان محدود درجي ”آبسوليٽ“ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ هن فون لاءِ ايپل طرفان سرڪاري هارڊويئر مرمت ۽ متبادل پرزن جي فراهمي بند ٿي وئي آهي.
رپورٽن موجب ايپل جي سپورٽ دستاويزن ۾ هاڻي آءِ فون ايڪس کي ”آبسوليٽ“ قرار ڏنو ويو آهي. هن حيثيت تحت ايپل ۽ ان جا منظور ٿيل سروس فراهم ڪندڙ عام طور تي فون جي مرمت يا ان جا متبادل پرزا فراهم نٿا ڪن.
ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪي صارف اڃا تائين آءِ فون ايڪس استعمال ڪري رهيا آهن، انهن کي خراب اسڪرين، بيٽري ختم ٿيڻ يا چارجنگ پورٽ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ايپل جي سرڪاري مرمت حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي.
ايپل عام طور تي ڪنهن پراڊڪٽ جي وڪرو بند ٿيڻ کان 7 سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کانپوءِ ان کي ”آبسوليٽ“ قرار ڏيندي آهي. آءِ فون ايڪس نومبر 2017ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ لڳ ڀڳ 10 مهينن کانپوءِ سيپٽمبر 2018ع ۾ ان جو وڪرو بند ڪيو ويو هو.
”آبسوليٽ“ جو درجو ايپل جي ”ونٽيج“ اسٽيٽس کان وڌيڪ سخت آهي. ونٽيج ڊوائيسز جي ڪجهه حالتن ۾ مرمت ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن گهربل پرزا موجود هجن.
آءِ فون ايڪس ڇو اهم هو؟
آءِ فون ايڪس ايپل جي اسمارٽ فون ڊيزائن ۾ وڏي تبديلي آڻيندڙ فون هو. اهو پهريون آءِ فون هو، جنهن ۾ فيس آءِ ڊي ۽ او ايل اي ڊي ڊسپلي متعارف ڪرايا ويا.
ان سان گڏ روايتي هوم بٽڻ ۽ ٽچ آءِ ڊي ختم ڪري لڳ ڀڳ ڪنڊ کان ڪنڊ تائين پکڙيل نوچ ڊسپلي ڏنو ويو.
اهڙيءَ طرح آءِ فون ايڪس نه رڳو ايپل جي فليگ شپ فونن جي ڊيزائن تبديل ڪئي، پر ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين اسمارٽ فون انڊسٽري جي ڊيزائن تي پڻ نمايان اثر وڌو.