”مرڻ مهل گهٽ ۾ گهٽ غلط فهمي نه هئڻ گهرجي“نانا پاٽيڪر پنهنجي آخري خواهش بابت ڇا چيو هو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ) ليجنڊري بالي ووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر 75 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
پنهنجي انوکي انداز، اداڪاري ۽ يادگار ڪردارن ذريعي هن ناظرين جي دلين ۾ خاص جاءِ ٺاهي.
نانا پاٽيڪر جي پٽ ملهار پاٽيڪر ميڊيا سان سان ڳالهائيندي پنهنجي والد جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، نانا پاٽيڪر کي خميس جي پرهه ڦٽيءَ مهل گوا ۾ سندس رهائشگاهه تي دل جو دورو پيو، هو اپارٽمينٽ ۾ بيهوشي واري حالت ۾مليو جنهن کان پوءِ کيس گوا جي مني پال اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
نانا پاٽيڪر حياتيءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ ڪيترائي انٽرويو ڏنا، جن ۾ هو پنهنجي شخصيت جا اهي لڪل پاسا به عام ڪندو رهيو، جن بابت ڪيترائي ماڻهو اڻواقف هئا.
ڀارتي صحافي ۽ ميزبان سورڀ دويدي هن وقت ”انڊين ايڪسپريس“ سان واڳيل آهي. هو جڏهن ”لَلَن ٽاپ“ سان لاڳاپيل هو، تڏهن هن نانا پاٽيڪر جو هڪ ڊگهو انٽرويو به ڪيو هو،
ان انٽرويو ۾ نانا پنهنجي فن، فڪر ۽ شخصيت بابت گهڻو ڪجهه ٻڌايو هو.
ان ئي انٽرويو دوران نانا پنهنجي آخري خواهش بابت ڳالهائيندي چيو هو ته ”مرڻ وقت ڪا به غلط فهمي نه هئڻ گهرجي.“
هن چيو هو، ”اسين ڄاڻون ٿا ته سڀاڻي مري وينداسين. چِتا ۾ ٻارهن مڻ ڪاٺ لڳندو، ايترو ئي لڳندو. پٽ ملهار ئي ملڪيت آهي. پنهنجي چِتا لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪري رکيون اٿم. ڪاٺ سڪل آهي ۽ چئي ڇڏيو اٿم ته ان ئي ڪاٺ سان ساڙجو، آليون ڪاٺيون استعمال نه ڪجو، نه ته دونهون ٿيندو.“
نانا وڌيڪ چيو هو، ”دوست، يارَ ڀرپاسي ۾ هوندا، ٻيا به اچي مڙندا. جيڪڏهن انهن جي اکين ۾ دونهون ويندو ته اکين ۾ پاڻي ايندو ۽ مرڻ گهڙيءَ مون کي غلط فهمي ٿيندي ته اهي منهنجي لاءِ روئي رهيا آهن.“
هن چيو هو ته ”گهٽ ۾ گهٽ مرڻ مهل غلط فهمي نه هئڻ گهرجي.“

 

You might also like