رياض (ويب ڊيسڪ)يمن ۾ حوثي گروپ انصارالله ۽ سعودي عرب جي حمايت يافته فورسز وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ واڌ دوران حوثين دعويٰ ڪئي آهي ته هنن سعودي راڄڌاني رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي بيلسٽڪ ميزائل سان نشانو بڻايو آهي.
ٻئي پاسي اطلاع آهن ته شام، سعودي عرب جي درخواست تي يمن ۾ امڪاني فوجي سهڪار جي مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي.
حوثين جي ترجمان موجب، حملو خميس ڏينهن ڪيو ويو، جڏهن ته سعودي اختيارين طرفان فوري طور تي ان دعويٰ جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي.
اهو اعلان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن سعودي عرب ڪجهه ڏينهن اڳ ساڳئي هوائي اڏي تي ٿيل هڪ حملي ۾ هڪ ڄڻي جي مارجڻ جي تصديق ڪئي هئي.
هوڏانهن يمن جي ميڊيا موجب، سعودي عرب جي حمايت يافته فورسز، جن ۾ هوم لينڊ شيلڊ فورسز، جائنٽس برگيڊز ۽ گڏيل فوجون شامل آهن، ملڪ جي ڪيترن ئي محاذن تي پنهنجون پوزيشنون مضبوط ڪيون آهن ۽ حوثين خلاف ڪارروائيون جاري آهن.
ان پسمنظر ۾ خابرو اداري رائٽرز ۽ آمريڪي ويب سائيٽ ايگزيئوس رپورٽ ڪيو آهي ته شام سعودي عرب کي فوجي مدد فراهم ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺي رهيو آهي.
رپورٽن موجب، غور هيٺ تجويزن ۾ دفاعي سهڪار کان وٺي حوثين خلاف وڙهندڙ يمني فورسز جي مدد لاءِ شامي اهلڪارن جي امڪاني مقرري تائين مختلف آپشن شامل آهن.
هڪ آمريڪي اهلڪار موجب، سعودي عرب دمشق کان حوثين خلاف جنگ ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي آهي. تنهن هوندي به هڪ شامي سفارتڪار جو چوڻ آهي ته شام هن وقت بنيادي طور پنهنجي اندروني ترجيحن، بحالي ۽ تعميرِ نو تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.
شامي سفارتڪار چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب ڪنهن قسم جي فوجي سهڪار يا مهارت جي مٽاسٽا جي درخواست ڪري ٿو ته ان تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود سرڪاري ۽ ٻطرفن معاهدن تحت غور ڪيو ويندو.
حوثين جو سعودي ڊرون ڪِيرائڻ جي دعويٰ، سعودي جي درخواست تي شام جو يمن ۾ فوج موڪلڻ تي غور
You might also like