ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهيون مسئلن جي حل ڏانهن وڃي رهيون هيون، پر ڪي پي جي وڏي وزير پنهنجي انا جي تسڪين لاءِ اهي ڳالهيون ناڪام بڻائي ڇڏيون.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪي پي جو سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي، جڏهن ته سوات آپريشن دوران 8 لک ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي هئي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ دهشتگردي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، جڏهن ته پ پ پنهنجي قيادت جو دفاع پڻ ڪندي ۽ مخالفن کي آئينو به ڏيکاريندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ بئرسٽر گوهر ۽ اسد قيصر جهڙا ماڻهو موجود آهن، تنهن ڪري سهيل آفريدي کي فيصلن جو اختيار نه ڏنو وڃي.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ٿر جي ٻارن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺون ٿا، جيڪڏهن اهي پاس ٿي ويا ته فاروق ستار سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪندو.
اسلام آباد ڳالهيون مسئلن جي حل ڏانهن وڃي رهيون هيون، سهيل آفريدي پنهنجي انا سبب ناڪام بڻايون: شرجيل ميمڻ
You might also like