اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ قانونسازي جي معاملن تي ڊيڊلاڪ ختم ٿي ويو آهي.
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي جوڙجڪ تي اتفاق ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جي چيئرمين شپ پيپلز پارٽي کي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته ڪميٽي ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين کي نمائندگي ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن تي ٻڌل بلن سميت 30 مختلف بلن جي منظوري تي پڻ اتفاق ٿي ويو آهي.
You might also like