ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا جي ٽيسٽ ڪپتان ڌننجيا ڊي سلوا فوري طور تي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سريلنڪا ڪرڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڌننجيا ڊي سلوا سليڪشن ڪميٽي کي خط لکي ڪپتاني ڇڏڻ واري فيصلي کان آگاهه ڪيو.
ڌننجيا ڊي سلوا چيو ته سندس راءِ ۾ قيادت جي ذميواري هاڻي ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجي.
هن ڪپتاني تان هٿ کڻڻ باوجود رانديگر طور سريلنڪا جي نمائندگي جاري رکڻ جي تصديق ڪئي آهي.
سريلنڪا ڪرڪيٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو ايشلي ڊي سلوا ڌننجيا ڊي سلوا جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ سندس مستقبل جي ڪيريئر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو ۽ رانديگر طور سندس خدمتن جو منتظر آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز شيڊيول آهي، جنهن جي پهرين ميچ 9 نومبر تي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۽ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ 17 نومبر تي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
سريلنڪا ڪرڪيٽ کي ٽيسٽ سيريز لاءِ نئين ڪپتان ۽ اسڪواڊ جو اعلان ڪرڻو آهي، جڏهن ته ڪوشل مينڊس کي ٽيسٽ ٽيم جو عارضي ڪپتان بڻائڻ جو امڪان آهي.
You might also like