”ماڻهو اڳ ئي ڪاوڙيل آهن، ڪي پي ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لڳو ته انجام سٺو نه ٿيندو“ بئريسٽر گوهر جو حڪومت کي چتاءُ

چارسده (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته سندن جماعت جي ڪوشش آهي ته حالتون بهتري ڏانهن وڃن ۽ جمهوريت پٽڙي تان نه لهي، پر جيڪڏهن معاملا اهڙيءَ ريت ڳنڀير رهيا ته ان جو انجام بهتر نه ٿيندو.
خميس ڏينهن پي ٽي آءِ چيئرمين چارسده ۾ صوبائي وزير فضل شڪور جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ۽ سندس گمشدگي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ترت ۽ محفوظ بازيابي جو مطالبو ڪيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته سندن ڪوشش آهي ته جيڪڏهن عوام پنهنجن جذبن جو اظهار ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري ٿو ته ان جي جواب ۾ اهڙو ڪو قدم نه کنيو وڃي، جنهن سان سمورو نظام ڊانوان ڊول ٿي وڃي، ڀلي اهو ايمرجنسي هجي يا گورنر راڄ.
هن چيو ته پي ٽي آءِ خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڳالهين ۾ ويٺي، جيتوڻيڪ سندن موقف هو ته جيڪڏهن پنهنجي اڳواڻ سان ملاقات نه ٿي ٿئي ته هو ڳالهين ۾ ويهڻ نٿا چاهين.
بئريسٽر گوهر چيو ته سندن هميشه ڪوشش رهي آهي ته مولانا فضل الرحمان ساڻن اتحاد ۾ هجي ۽ کين اتحاد ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته حڪومتي وفد مولانا فضل الرحمان وٽ وڃي چڪو آهي، اميد آهي ته مولانا صاحب بهتر ڪردار ادا ڪندو.
هن چيو ته هن وقت ڊيڊ لاڪ آهي ۽ حالتون بهتري ڏانهن نه پيون وڃن.
بئريسٽر گوهر چيو، ”جيڪڏهن اهڙيءَ ريت ماڻهو هڪ ٻئي سان ڳالهه نٿا ڪن ۽ معاملا وڌيڪ ڳنڀير رهيا ته ان جو انجام بهتر نه ٿيندو.“
هن عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي)، جماعتِ اسلامي ۽ مولانا فضل الرحمان جا ٿورا مڃيندي چيو ته انهن ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي مخالفت ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته سڀئي ڌريون اهو سمجهن ٿيون ته موجوده حالتن جو حل ايمرجنسي يا گورنر راڄ ناهي.
بئريسٽر گوهر چيو ته اهڙو قدم رڳو ڪنهن هڪ حڪومت يا پي ٽي آءِ خلاف نه هوندو.
هن چيو ته عوام اڳ ئي ڪاوڙيل آهي ۽ جيڪڏهن خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ته صوبي ۾ ڇڪتاڻ وڌندي.
سندس چوڻ هو ته ”صوبو اڳ ئي انتهائي ڳنڀير صورتحال مان گذري رهيو آهي، اختيارن نالي ڪا شيءِ موجود ناهي، اڳ ئي اڻ اعلانيل گورنر راڄ آهي.“
بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ دهشتگردي عروج تي آهي، اهڙن قدمن لاءِ هي وقت مناسب ناهي.

You might also like