جماعت اسلامي جو 12 ربيع الاول کان پوءِ شٽر ڊائون ۽ لانگ مارچ جو اعلان

ڪراچي/لاهور (رپورٽر/ بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان اعلان ڪيو آهي ته 12 ربيع الاول کان پوءِ ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي ويندي ۽ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو ويندو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽروليم ليوي ختم ٿيڻ تائين ڌرڻا جاري رهندا، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ پڻ احتجاجي ڪيمپ قائم ڪيون وينديون، هن چيو ته جماعت اسلامي جي جدوجهد هاڻي فيصلاڪن مرحلي ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ تحريڪ کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، حافظ نعيم الرحمان موجب 11 ۽ 12 ربيع الاول جي رات ڌرڻن واري هنڌن تي محفل ميلاد ۽ سيرت ڪانفرنسون پڻ منعقد ڪيون وينديون، هن الزام هنيو ته مقامي ڊيزل کي درآمدي ڊيزل جي اگهه تي وڪرو ڪري ريفائنريون منافعو ڪمائي رهيون آهن ۽ حڪومت توڙي بيوروڪريسي کي پيٽروليم شين ۾ منافعي خوري جي ڄاڻ آهي، مهانگائي جو بار عوام، شاگردن، نوجوانن ۽ هارين تي پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ مافيا جو راڄ آهي ۽ عوام کي مسلسل لٽيو پيو وڃي، هن حڪومت جي ان موقف کي به رد ڪيو ته جماعت اسلامي جي ڌرڻن سبب پيٽروليم شين جون قيمتون وڌي رهيون آهن، جيڪڏهن ڌرڻا نه هجن ها ته قيمتون وڌيڪ وڌايون وڃن ها، عمران خان جي ميڊيڪل چيڪ اپ بابت سوال تي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت کي عدالتي حڪم تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ گهرجي ها، جڏهن ته لاهور ۾ صحافين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي حافظ نعيم چيو ته جماعت اسلامي گرينڊ اپوزيشن اتحاد جو حصو نه بڻجندي، نظام جي تبديلي جي لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت عوام جو ڪيس سياسي فورم تي وڙهندي رهندي.پيٽروليم شين تي لاڳو حڪومتي ليوي ڀتا ٽيڪس خلاف ڪراچي جي گورنر هائوس سميت چئني صوبن ۾ جاري ڌرڻن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به احتجاجي ڌرڻن ۽ ڪيمپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جماعت اسلامي سنڌ جي اهتمام هيٺ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص، جيڪب آباد، بدين سميت صوبي جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ احتجاجي ڪيمپ لڳايا ويندا، جتي مقامي ماڻهن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ شرڪت ڪندو، ان سلسلي ۾ آچر ڏينهن بدين ۾ پريس ڪلب ۽ جيڪب آباد ۾ قائداعظم روڊ تي احتجاجي ڪيمپ لڳايا ويا، جن ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي ڪيمپن ۾ عوام ۾ هينڊبل ورهايا ويا، جڏهن ته ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪندي پيٽروليم مصنوعات جي شين تي لاڳو ليوي (ڀتو)  ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. بدين ۽ جيڪب آباد جي احتجاجي ڪيمپن کي سيد علي مردان شاهه، حاجي ديدار علي لاشاري، مولانا عبدالڪريم بُليدي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن قرضن، وياج ۽ شاهاڻي خرچن ذريعي ملڪ کي ڪنگال ۽ عوام کي بدحال ڪري ڇڏيو آهي. عوام اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٽيڪسن جي بار هيٺ دٻيل آهي، اهڙي صورتحال ۾ پيٽروليم شين تي ڳري ليوي لاڳو ڪري مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو پيو وڃي. پيٽروليم ليوي جو سڌو سنئون اثر ٽرانسپورٽ، کاڌي پيتي جي شين ۽ روزمره استعمال جي سمورين شين جي قيمتن تي پوي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ زندگي گذارڻ مشڪل ٿي ويو آهي.حڪمران جيڪڏهن عوام کي رليف ڏيڻ ۽ پيٽرول تي لاڳو ڀتو ليوي ختم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا ته جماعت اسلامي به عوامي حقن جي جدوجهد تان پوئتي نه هٽندي، جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمٰن جي هدايت تي احتجاجي ڌرڻا ۽ عوامي رابطا مهم ڪراچي کان ڪشمور تائين جاري رهندي. هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته پيٽرول تي لاڳو ليوي دراصل ڀتو ٽيڪس آهي، جنهن سبب ٽرانسپورٽ سميت هر شعبو متاثر ۽ مهانگائي جو طوفان برپا ٿي ويو آهي، حڪومت جي عوام دشمن پاليسين معيشت کي تباهه ۽ عام ماڻهو لاءِ جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. عوام کان مسلسل ٽيڪس وصول ڪرڻ بدران حڪمران اشرافيه جون مراعتون، غير ضروري خرچ ۽ شاهاڻا طرز زندگي ختم ڪيو وڃي، جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمٰن جو واضح اعلان آهي ته پيٽروليم ليوي واپس وٺڻ تائين احتجاجي ڌرڻا، مارچ ۽ عوامي مزاحمت جاري رهندي. مرڪزي امير جي هدايت موجب لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا کان پوءِ هاڻي سنڌ جي حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر، ميرپورخاص ۽ جيڪب آباد سميت ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن، وستين ۽ هر سطح تائين احتجاجي ڌرڻن جو دائرو وڌايو ويندو.ڪاشف سعيد شيخ چيو ته جماعت اسلامي سنڌ جي عوام کي مسلسل آگاهه ڪندي رهندي ته پيٽروليم ليوي ڪهڙي ريت مهانگائي ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهي آهي ۽ هن حڪومتي ٽيڪس جو بار سڌو سنئون عام شهري برداشت ڪري رهيو آهي.

You might also like