اسلام آباد(م ڊ) نيشنل ڪرائم ايجنسي (اين سي اي) 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل جي جاچ ۾ نيب راولپنڊي ۾ ثانيه نشتر ۽ امين اسلم به شاهد طور پيش ٿيا.ثانيه نشتر ۽ امين اسلم نيب جي گڏيل جاچ ٽيم آڏو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد روانو ٿي ويا..ذريعن موجب ثانيه نشتر نيب کي ٻڌايو ته شهزاد اڪبر ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳجهو لفافو ڏيکاريو ۽ اسان کي چيو ويو ته رڳو ان تي صحيح ڪريون.