پشاور(عوامي آواز نيوز) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ رڳو پارليامينٽ ئي سپريم ادارو آهي، عدل ۽ انصاف سان ڪافر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي، پر ظلم ۽ ناانصافي سان مسلمان جي حڪومت به گهڻو وقت هلي نٿي سگهيپشاور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪي اختيار پارليامينٽ جا هجڻ گهرجن، اهي مقتدره جي هڪ ماڻهو کي ڏنا ويا آهن.هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي ڪو اعتراض ناهي ته ڪو آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز يا فيلڊ مارشل بڻجي، پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته جيڪي فيصلا پارليامينٽ جي اختيار واري دائري ۾ هجڻ گهرجن، اهي مقتدره جي هڪ فرد حوالي ڪيا ويا آهن. مستقبل جي منظوري به وفاقي حڪومت سان مشروط ڪري پارليامينٽ کي عملدرآمد واري عمل مان مڪمل طور ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.جي يو آءِ (ف) جي سربراهه زور ڏيندي چيو ته ادارن کي پنهنجي مقرر ڪيل دائري ڪار کي اورانگهڻ نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ رڳو پارليامينٽ ئي سپريم ادارو آهي.هن چيو ته عدل ۽ انصاف سان ڪافر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي، پر ظلم ۽ ناانصافي سان مسلمان جي حڪومت به گهڻو وقت هلي نٿي سگهي. راولاڪوٽ ۾ ٽن مهينن کان احتجاج جاري آهي، جتي عوام روڊن تي ويٺل آهي، پر انتظاميا ۽ حڪمران انهن سان ڳالهين لاءِ به تيار ناهن.نئين صوبن جي قيام بابت جاري بحث تي مولانا فضل الرحمان چيو ته هن وقت ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ نه ڪا تياري آهي ۽ نه ئي اهڙو ماحول موجود آهي، بلڪه هڪ مخصوص اداري جي خواهش کي زبردستي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته ملڪ تي اقليت جي حڪومت آهي. هن چيو ته شهباز شريف ويچارو وزيراعظم آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ وڃي ٿو. جيڪڏهن هو قابلِ قبول هوندو ته آرمي چيف کي ساڻ وٺي ويندو، ٻي صورت ۾ شايد ڪو ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ به تيار نه هجي. ملڪ جي سرزمين رت سان ڳاڙهي ٿي رهي آهي ۽ توهان دنيا ۾ ريڊ ڪارپيٽ جو مزو وٺي رهيا آهيو؟پشاور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي ڪو اعتراض ناهي ته ڪو آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز يا فيلڊ مارشل بڻجي، پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته جيڪي فيصلا پارليامينٽ جي دائري اختيار ۾ هجڻ گهرجن، اهي مقتدره جي هڪ فرد حوالي ڪيا ويا آهن ۽ مستقبل جي منظوري به وفاقي حڪومت سان مشروط ڪري پارليامينٽ کي عملدرآمد جي عمل مان مڪمل طور ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام لاءِ نه ڪا تياري آهي ۽ نه ئي اهڙو ماحول موجود آهي، بلڪه هڪ مخصوص اداري جي خواهش کي زبردستي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته ملڪ تي اقليت جي حڪومت آهي.صوبن کي ٽوڙڻ کان پوءِ ڪنهن ٻئي جي حڪومت هوندي، گهر ۾ باهه لڳل آهي ۽ توهان ورهاست جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيوهن چيو ته اسان پاڪستان جي مضبوط دفاعي قوت جا قائل آهيون، پر سياست ۾ فوج جي مداخلت ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿا ڪريون. جيڪڏهن ڪو سياسي ڪارڪن فوج جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي ته شريعت جي روءِ سان فوج کي به سياست ۾ مداخلت جو ڪو حق حاصل ناهي.هن چيو ته ادارا پنهنجي اندر جيڪي به انتظامي تبديليون آڻين، ان سان اسان جو ڪو واسطو ناهي، پر پارليامينٽ جا آئيني ۽ قانونسازي وارا اختيار مقتدره جي ڪنهن هڪ فرد حوالي ڪرڻ جمهوري نظام تي شب خون هڻڻ برابر آهي.جي يو آءِ سربراهه نون صوبن جي قيام بابت چيو ته هن وقت ملڪ ۾ نه اهڙو ماحول آهي ۽ نه ئي ڪا تياري آهي، بلڪه اهو صرف هڪ اداري جي سربراهه جي خواهش آهي، جنهن جو مقصد صوبن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ آهي.هن چيو ته فاٽا جي انضمام وقت به اسان مخالفت ڪئي هئي ۽ وقت اسان جي ڳالهه کي سچ ثابت ڪيو. هن طاقت جي زور تي فيصلا مڙهيندڙن کي ياد ڏياريو ته 1971ع ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان اڳ به اهڙيون وڏيون وڏيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون.مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده حالتن ۾ بلوچستان ۾ حڪومت جي رِٽ مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي، رستا محفوظ ناهن رهيا، پشتون ۽ بلوچ علائقن ۾ رت وهي رهيو آهي، جڏهن ته ڪشمير ۾ ٽن مهينن کان ڌرڻو جاري آهي.هن چيو ته ”گهر ۾ باهه لڳي پئي آهي ۽ اهي ورهاست جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.“مولانا فضل الرحمان چيو ته مون مخالف ڌر جي اڳواڻ سان ملاقات ڪئي آهي ۽ وکريل سياسي ڌارائن کي گڏ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ اندر گڏيل مخالف ڌر جوڙڻ جي تجويز ڏني آهي، جيئن آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪري سگهجي.هن چيو ته معزز ماڻهن کي بي عزت ڪري ۽ غير نمائنده ماڻهن کي قوم تي مڙهي جبر جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، جنهن خلاف هر سطح تي مزاحمت ڪئي ويندي، هن چيو ته هڪ فرد واحد جي خاطر فيصلا قبول نٿا ڪري سگهون، مان ادب ۽ احترام سان پنهنجي سپهه سالار کي عرض ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن منصب جي حوالي سان ڪجهه رهنمائي حاصل ڪريو، اسان کي پنهنجن روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. هن چيو ته اسان گڏيل مخالف ڌر جي ڳالهه ڪئي، اڌ ڪلاڪ اندر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان قانون پاس ٿي ويو. پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي جماعتن تازو قانونسازي کي بارڪ بيني سان نه ڏٺو. تازو قانونسازي آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي. هن قانون سان فوج جا نوان اختيار ۽ وزيراعظم جا اختيار به تبديل ڪيا ويا آهن. تازو قانون ٻين سمورن قانونن کان بالاتر هوندو. اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي.هن چيو ته اهي ٻه ٽڪا ماڻهو ناهن، جيڪي وزير ۽ اسان جا حڪمران بڻجي ويٺا آهن. انهن شعلن جي وچ ۾ توهان صوبن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو؟.هن چيو ته هڪ اهڙو ماڻهو به آهي جيڪو چوي ٿو ته بلوچستان ته هڪ ٿاڻيدار جي مار آهي. ڀاءُ! توهان جي ٿاڻيدارن سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو آهي، توهان جي ٿاڻن جو ڪهڙو حال ڪيو ويو آهي، ڪجهه ته حقيقتن ڏانهن به اچو.هن چيو ته فاٽا جي انضمام تي اسان ان وقت ئي احتجاج ڪري رهيا هئاسين، ان جي پٺيان آمريڪا هو. اڄ صوبن کي ڇو ٽوڙيو پيو وڃي؟ ارڙهين ترميم ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن جي آمدني ۾ اضافي جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. نئين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ صوبن جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جڏهن ته صوبن اندر معدني ذخيرن جي حوالي سان اسان جي قبيلن کي مالڪ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.