ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ واپاري مير رضا ڪيس جي عدالتي جاچ ڪميشن کي وارثن رد ڪري ڇڏيو، حڪومتي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
جبران ناصر چيو ته حڪومت عدالتي ڪميشن ٺاهڻ واري فيصلي بابت وارثن کي آگاهه ناهي ڪيو. اسان جي 24 سوالن مان ڪنهن هڪ جو به جواب ناهي مليو.
وڪيل موجب، مير رضا جا آخري فوٽيجز به وارثن کي فراهم نه پيا ڪيا وڃن.