21 اڳوڻن ڪپتانن جو عمران خان جي صحت بابت وزيراعظم کي خط ۽ ٽي مطالبا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) دنيا جي 21 اڳوڻن ڪرڪيٽ ڪپتانن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وزيراعظم عمران خان جي صحت واري معاملي تي موجوده وزيراعظم شهباز شريف جي نالي هڪ ٻيو خط لکيو آهي.
خط ۾ هنن اڳوڻي ڪپتان ۽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي طبي علاج لاءِ پنهنجي اپيل ورجائي آهي.
هنن جو چوڻ آهي ته تازيون اڳڀرائيون سپريم ڪورٽ جي هدايتن موجب ناهن.
خط تي صحيح ڪندڙ 21 ڄڻن ۾ مائيڪل اٿرٽن، ايلڪس بليڪ ويل، ايلن بارڊر، مائيڪل بريئرلي، گريگ چيپل، ايئن چيپل، بيلنڊا ڪلارڪ، اليسٽر ڪڪ، مائيڪ گيٽنگ، سنيل گواسڪر، لي جرمن، ايڊم گلڪرسٽ، ڊيوڊ گاور، ڪِم هيوز، ناصر حسين، ڪلائيو لائيڊ، ڪپل ديو، ارجونا راناٽنگا، اينڊريو اسٽراس، دليپ وينگسرڪر، اسٽيو وا ۽ جان رائٽ شامل آهن.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي، جيئن هڪ طبي بورڊ سندس معائنو ڪري سگهي.
واضح رهي ته ان بورڊ ۾ عمران خان جا ذاتي ڊاڪٽر ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان کي به شامل ڪرڻو هو، عدالت خاندان سان هفتيوار ملاقاتن جو سلسلو به بحال ڪيو هو.

You might also like