دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڀارتي بيٽر يشسوي جئسوال ۽ سريلنڪن بالر اسيٿا فرنينڊو تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي يشسوي جئسوال ۽ اسيٿا فرنينڊو تي ميچ فيس جو 25 سيڪڙو ڏنڊ مڙهيو آهي، جڏهن ته ٻنهي رانديگرن کي هڪ، هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ ڏنو ويو آهي.
آءِ سي سي موجب، ٻنهي رانديگرن کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي جو ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ دوران يشسوي جئسوال ۽ سريلنڪن بالر اسيٿا فرنينڊو وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي هئي.