اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي ريٽنگ اداري موڊيز پاڪستان جي قرض وٺڻ واري ريٽنگ ۾ بهتري ڪري ڇڏي آهي.
موڊيز پاڪستان جي قرض وٺڻ واري ريٽنگ سي اي اي ون مان وڌائي بي ٿري ڪري ڇڏي آهي.
موڊيز موجب، ريٽنگ ۾ بهتري جا اهم سبب حڪمراني ۾ بهتري، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ مضبوطي ۽ ملڪي قرض وٺڻ جي خرچ ۾ گهٽتائي آهن.
موڊيز پاڪستان ۾ مسلسل وڏي معاشي استحڪام کي به ريٽنگ ۾ بهتري جو سبب قرار ڏنو آهي.
موڊيز موجب، انهن شعبن ۾ بهتري سان پاڪستان جي ٻاهرين معاشي حيثيت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، جڏهن ته مالي انگ اکر پڻ بهتر ٿيندا.
واضح رهي ته گذريل لڳ ڀڳ 12 مهينن دوران موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ ۾ ٻه درجا بهتري ڪئي آهي.
You might also like