انگريزن خلاف آخري دم تائين مزاحمت ڪندڙ روپلي ڪولهي تي سنڌ کي سدا ناز رهندو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) 1843ع تائين ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو هو، پر روپلو ڪولهي جي اڳواڻيءَ ۾ کين سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿرپارڪر جي ريگستان ۾ مزاحمت جو منهن ڏسڻو پيو.

بي بي سي موجب راڻپور جي راجا رانا سنگهه جي دعوت تي وير واهه جي ٺڪر لڌو سنگهه، پيٿاپور جي سوڍو ڪالجي ۽ ننگرپارڪر جي روپلو ڪوهلي ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ پنهنجا ميدان قائم ڪيو،پارو مل پريميءَ جو چوڻ آهي ته ٺڪرن وٽ منظم فوج نه هئي.

اهي جنگ جي موقعي تي ئي تياري ڪندا هئا، ٺڪرن جي فوج جو دارومدار سپاهين تي هو. ان مطابق لڌو سنگهه پاڻ ڪنڀاري پهتو ۽ جنگ لاءِ روپلو کان مدد گهري،رانا محبوب اختر موجب ڍڪر لڌو سنگهه، لڌو جو پٽ ادي سنگهه، ڪلجي سوڍو، روپلو ڪولهي، شادي خان کوسو، ڪپري خان کوسو، راجا خان کوسو ۽ بهار خان کوسو هن مزاحمتي تحريڪ  جا اڳواڻ هئا.

هن لڙائي ۾ ڪولهي قبيلي جي اٺ هزار ويڙهاڪن حصو ورتو، جن جا اڳواڻ روپلو ڪولهي، ماڌو ڪولهي ۽ ڇتر ڪولهي هئا،ليکڪ پارو مل پريميءَ جو چوڻ آهي ته لڌو سنگهه کي قيد ڪيو ويو ۽ راڻپور جو راجا ڪرن سنگهه، پنهنجن ٻارن سميت، روپلو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارونجهر جبل واري علائقي ۾ لڪي ويو.

راڻا ڪرن سنگهه ۽ روپلو لڪ ۾ گوريلا جنگ جاري رکي. اهي ڳجهي طرح دشمن تي حملو ڪري ڪارونجهر جبل جي پناهه ۾ ويندا هئا.ڪرنل تروٽ پارڪر تي توپخاني سان ٻيهر قبضو ڪيو. پريميءَ موجب، ان جنگ ۾ اٺ هزار ڪولهي جان وڃائي ويٺا. بيشمار گهر ڊهي ويا، عورتون بيواهه ۽ ٻار يتيم ٿي ويا.آغا نياز مگسي تحقيق ڪئي آهي ته جڏهن انگريز سرڪار روپلو ڪولهي کي شڪست ڏني ته ان مقامي ماڻهن کي پئسا وٺي کين استعمال ڪيو.

سيٺ مهاوجي لوهانو ۽ هانسپوري بائو، ساداري مندر جي پادرين، روپلو ڪولهي کي جاسوسي ڪري گرفتار ڪيو.روپلو کي اهو به چيو ويو ته جيڪڏهن هو انگريز سرڪار جي فرمانبرداري ڪندو ته کيس آزاد ڪيو ويندو ۽ کيس اعزاز سان نوازيو ويندو، پر روپلي صاف انڪار ڪيو.ان تي روپلي جي زال ميناوتي کي گهرايو ويو ته هو پنهنجي مڙس کي سمجهائي. ميناوتي به پنهنجي زال وانگر بهادر نڪتي. هن پنهنجي مڙس کي چيو، مهرباني ڪري پنهنجي ملڪ سان غداري نه ڪر، نه ته ماڻهو مون تي لعنت وجهندا. جيڪڏهن تون پنهنجي ڌرتي تي پنهنجي جان قربان ڪندين ته مونکي پنهنجي بهادر مڙس جي بيواهه سڏجڻ تي فخر ٿيندو.

روپلو کي بغير ڪنهن ڪيس  جي موت جي سزا ڏني وئي ۽ ساٿي ميگهواڙ کي پورن واه ۾، پنڊت هنسپوري کي ڪارونجهر ۾ ۽ لوهانو کي ڪسبو ۾ جاگيرون ڏنيون ويون.روپلو کي 22 آگسٽ 1859ع تي ننگرپارڪر جي ڏکڻ-اوڀر ضلعي سوئيگام ۾ گروڌرو نديءَ جي ڪناري تي ڪيڪر جي وڻ جي هڪ شاخ تي لٽڪايو ويو.اختر بلوچ لکيو آهي ته ٻٻر جو وڻ جنهن تي روپلو لٽڪايو ويو هو، اهو هاڻي موجود ناهي، پر اتي بڙ جو وڻ اُڀريو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي.روپلو ڪولهي جي موت کان پوءِ سندس لاش غائب ڪيو ويو سندس ماءُ، زال ۽ ٻيا مائٽ ڪنري لڏي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.