ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ+ذوالفقار راڄپر) سياستدانن، کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ صحافين چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت انتهائي ڪمزور آهي، مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، آءِ ايم ايف جو ڪنٽرول آهي، ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ايم آر ڊي تحريڪ جهڙي هڪ ٻي تحريڪ جي ضرورت آهي.
اهڙو اظهار هنن ڪالهه شهيد نذيرعباسي جي 43 هين ورسي جي موقعي تي عوامي حقوق طرفان جمهوريت جو مستقبل جي سري هيٺ آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل پروگرام ۾ خطاب ڪندي ڪيو.
نيشنل پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته سياسي پارٽيون ڪمپرومائيز (سوديبازي) ڪري وڃن ٿيون پر شهيد نذير عباسي جا فيڪٽري ملازم دوست به ڪمرومائيز ڪري ويا آهن ڇا؟ اهو سوال آهي.
سندس چوڻ هو ته بلوچستان جي سياسي صورتحال ۾ ڪارڪنن لاءِ مشڪلاتون آهن، ان باوجود انهن ڪمپرومائيز نه ڪيو آهي، اتي رات جو پارٽيون ٺهن، صبح جو ڪامياب ٿين ۽ اقتدار ۾ اچيو وڃن.
عبدالمالڪ بلوچ چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت نه هجي ته پوءِ ڇا مارشل لا ايندو، يا طالبانائيزيشن ٿيندي. ڪافي علائقن ۾ ته طالبانائيزيشن موجود آهي، ان ڪري اسان کي گڏجي جمهوريت کي مضبوط ڪرڻو پوندو، ڀلي اها ڪمزور ڇو نه هجي.
هن چيو ته نيشل پارٽي جا 40 کان 50 اڳواڻ حملن ۾ مارجي ويا آهن، اڃا به قيادت تي حملا جاري آهن پر اسان پنهنجي نظرئي تي قائم آهيون، هن چيو ته پي ڊي ايم جي مک ايجنڊا ۾ سيڪيورٽي ايجنسين کي سياست کان ڌار ڪرڻ هو پر سياسي پارٽيون ڪمپرومائيز ڪري ويون، سياسي پارٽين کي گهرجي ته عوام کي منظم ڪن، عوام جي بالادستي هجڻ گهرجي.
هن جو چوڻ هو ته جمهوري جدوجهد سان 18 ترميم آئي، نذير عباسي جي جدوجهد کان وٺي مختلف محاذن تي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. عوامي ورڪرز پارٽي اڳواڻ اختر حسين چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ چئلنجز ئي آهن، 18 هين ترميم تي عمل نه ٿيو آهي، وفاق اڃا قابض ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، لينڊ ريفارم نه ٿي سگهيو آهي، ان ڪري زميندار وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، فوج کي زمينون ڏنيون ويون آهن، هاڻي 44 لک ايڪڙ زمين فوج کي ڏني وئي آهي، فوج جي ايڪٽ ۾ به ترميم ڪئي وئي آهي، هاڻي فوج ڪمرشل ڪم شروع ڪيا آهن، فوج جي حاصل ڪيل زمين ڏيهي پرڏيهي سميت ڪنهن کي به ڏئي سگهندي.
آرمي چيف سيمت سموري اسٽيبلشمينٽ اسمگلنگ سميت هر معاشي معاملي تي ڪنٽرول ڪيو ويٺي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ اونداهي طرف وڌي رهي آهي، عوام ۾ شعور ته وڌيو آهي.نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو ته پي ٽي آءِ کي فوج جا سربراهه کڻي آيا هئا، پي ٽي آءِ جي ڌرڻي، ڊان ليڪس ذريعي جمهوريت تي حملا ڪيا ويا، معاملو صرف آرمي چيف جي ملازمت جو مدو وڌائڻ هو.
هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت وڏو چئلنج آهي، اها دٻاءَ هيٺ آهي.هن اعتراف ڪيو ته نواز ليگ نوجوانن کي پاڻ سان نه ڳنڍي سگهي آهي، هن چيو ته هندستان ۾ مسلمان صدر ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان ۾ به اقليتي وزيراعظم ٿي سگهي ٿيڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ تاج حيدر چيو ته ملڪ جو مستقبل روشن آهي، ايم آر ڊي تحريڪ کان وٺي هن وقت تائين جي جدوجهد جي نتيجي ۾ عوام ۾ وڌيڪ شعور آيو آهي، جمهوريت لاءِ وڏو خطرو مذهبي انتهاپسندي آهي، مذهب جي نالي تي ماڻهن کي پڙڪايو وڃي ٿو، مذهبي انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ ترقي پسند ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه آهن.
هن چيو ته سياسي پارٽين وٽ عوام جي فلاح ، روزگار ۽ نوجوانن لاءِ ڪهڙو پروگرام آهي، صنعتون بند ۽ درآمد وڌي آهي، پوءِ عوام کي حق آهي ته اهو چئي ته جمهوريت ناهي.
هن چيو ته ڀارت ۾ وڏو وزير بجلي مفت ڏيڻ جو اعلان ڪري ٿو ته اسان به ائين ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ملڪ تي آءِ ايم ايف جو ڪنٽرول آهي، پاڪستاني عوام معشيت کي سڌاري معاشي بحران مان نڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته قرارداد مقاصد جي جاءِ تي قائد اعظم جي تقرير آڻڻ چاهي پر عمل نه ڪري سگهياسين. سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته ايم آر ڊي تحريڪ جي بدلي اسحاق خان مليو، ان حڪومت ختم ڪئي، وري هڪ پارٽي ان کي ويلڪم ڪيو، بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ٻن پارٽين گڏجي حڪومت ٺاهي پر اها به نه هلي سگهي، هاڻي جيڪو وزيراعظم هو اهو اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو هو.
شهيد نذير عباسي جي ساٿياڻي عوامي حقوق اڳواڻ حميده گهانگهرو چيو ته نذيرعباسي جي شهادت ڪمزور نه ڪيو آهي، بلڪه حوصلو ڏنو آهي، ملڪي حالتون خراب آهن، پورهيتن سان ظلم ٿي رهيو آهي، ايم آر ڊي تحريڪ جي هڪ ڀيرو ٻيهر ضرورت آهي. جڏهن ته پروگرام جي ميزباني جا فرض ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ڊاڪٽر توصيف احمد سرانجام ڏنا.