عارف علوي جا ڏينهن پورا، صادق سنجراڻي ۽ راجا پرويز اشرف صدر ٿيڻ لاءِ سرگرم

لاهور  (عوامي آواز نيوز)  صدر علوي استعيفا ڏيندو يا علاج بهاني پرڏيهه وڃي سگهي ٿو. ان کان علاوه  ان وٽ ڪو به رستو نه بچيو آهي، ڇو ته صدر علوي ملڪ جي انتهائي اهم عهدي تي ويهي سياست ڪئي آهي. ان  ڪري سندس خلاف به سياست ٿيندي.

نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته صدر علوي وڌ ۾ وڌ 8 سيپٽمبر تائين ايوان صدر ۾ رهي  سگهندو. جڏهن ان کان اڳ اهو امڪان هو ته نئين صدر جي چونڊ تائين عارف علوي صدر رهي ها پر تازو بلن تي صحيح نه ڪرڻ واري چالاڪيءَ  کانپوءِ عارف علوي لاءِ عهدي تي وڌيڪ وقت رهڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آهن.

اهو ئي ڪارڻ آهي جو سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڳجهه ڳوهه ۾ وقتي صدر ٿيڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۽ لابنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي آفيسرن به صدر کي ڪوڙو قرار ڏنو.

ايوان صدر ۾ ” لا“  شعبي جي سربراهه جسٽس (ر) زاهد  حسين به دوستن سان نجي ڪچهري ۾ چيو ته صدر علوي بلن تي نه اعتراض لکيو ۽ نه ئي ان سلسلي ۾ صلاح مصلحت ڪئي. بل پاڻ وٽ روڪي ويهي رهيو، ايوان صدر جي آفيسرن جو ڪو به ڏوهه نه آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اربع 23 هين آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.