لاهور (عوامي آواز نيوز) اسٽيبلشمينٽ ڊويزن به صدر عارف علوي جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي حڪم جاري ڪيو هو ته سيڪريٽري وقار کي هٽائي 22 هين گريڊ جي حميرا احمد کي سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي.
ان سلسلي ۾ سيڪريٽري وقار به صدر کي خط لکيو ته هو بي گناهه آهي ۽ جاچ ڪرائي وڃي ته هو پنهنجي بي گناهي ثابت به ڪندو. هوڏانهن حميرا احمد به سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي.
ان ڏس ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن به صدر علوي جا حڪم ٿڏيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته بلن وارو معاملو جيستائين واضح نٿو ٿئي تيستائين وقار احمد ئي سيڪريٽري جي عهدي تي موجود رهندو. الزام ثابت ٿيڻ بنا سيڪريٽري کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.
آخري ڏينهن ۾ صدر علوي کي انتهائي تذليل کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اربع 23 هين آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي