ٿرڪول بلاڪ ون مان 1320 ميگاواٽ بجلي پيداوار باوجود ٿر لاءِ مُفت بجلي خواب بڻيل

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ون مان 1320 ميگاواٽ بجلي جي پيدوار جي باوجود ٿر لاءِ مُفت بجلي خواب بڻجي وئي   آهي،ڄاڻايل بلاڪ تي شهنگائي اليڪٽرڪ،سائينو سنڌ ۽ ٽي سي بي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن،گذريل سال کان بجلي پيداوار جي ڪامياب تجربي بعد 1320 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن ڏانهن سپلاءِ جاري هجڻ جو ٻُڌايو ويو آهي،اُها بجلي مٽياري کان فيصل آباد منتقل ٿي رهي آهي،جڏهن ته مُلڪ کي روشن ڪندڙ ٿر مڪمل طور تي اونڌاهي ۾ ٻُڏل آهي،ڪوئلي جي ايريا ۾ ايندڙ ڳوٺن سميت آسپاس جا علائقا بجلي سميت سهوليتن کان وانجهيل آهن ۽ اُنهن علائقن کي هڪ يونٽ به مُفت بجلي فراهم نه ٿي ڪئي وڃي،جڏهن ته اسلام ڪوٽ تعلقي سميت سموري ٿر جي عوام پاران بجلي پيداوار واري ضلعي کي مُفت بجلي فراهم ڪرڻ جي مطالبن کي به ڪا اهميت نه ٿي ڏني وڃي،ياد رهي ته ڪوئلي جي بلاڪن تي ڪم شروع ٿيڻ بعد ڪمپنين طرفان هڪ نعرو ايجاد ڪيو ويو ته ”ٿر بدليگا پاڪستان“اُنهي نعري جي اڃان تائين سانڀان ٿي ناهي،مُلڪ کي روشن ڪندڙ ٿر پاڻ اونڌاهي سميت لوڊشيڊنگ کي مُنهن ڏئي رهيو آهي،ٿرواسين مطالبو ڪيو آهي ته ٿرڪول بلاڪ ون مان پيدا ٿيل بجلي مان سموري ٿر کي مُفت بجلي فراهم ڪري مقامي ماڻهن کي مالڪي جو حق ڏنو وڃي،

مفت 100 يونٽن بدران صرف 800 رپيا ڪٽوتي

مٺي:بلاڪ ٽو مان اعلانيل بجلي جي مُفت 100 يونٽن بدران صرف 800 رپيا ڪٽوتي،يونٽ فري نه ٿيا،بلاڪ ٽو مان بجلي پيدوار بعد اعلانيل 100 يونٽن بدران صرف  800 سئو روپيا بلن مان ڪٽوتي ڪيا وڃن ٿا،ڪجھ سال اڳ بلاول ڀٽو زرداري پاران اسلام ڪوٽ تعلقي جي اُن وقت جي رجسٽرڊ 546 ميٽر صارفن لاءِ هر مهيني 100 يونٽ مُفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو،بعد ۾ حيسڪو کاتي پاران اُن وقت 100 سئو يونٽن تي قيمت لڳائي 800 مُفت ڪيا ويا هئا، جڏهن ته حيسڪو عملدارن وڌيڪ نون ميٽرن کي به رڪارڊ تي آڻڻ جي ڪا زحمت ناهي ڪئي،عوام طرفان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته 800 رپين بدران اعلانيل 100 يونٽ مُفت ڪري رليف ڏنو وڃي،يونٽ مُفت هجڻ ڪري بجلي جي وڌنڌڙ قيمتن ۾ ڪو رليف ملي سگهي ٿو،

رائلٽي جو پئسو عوام جي بهتري تي خرچ نه ٿيو

مٺي:بلاڪ ون مُلڪ جو وڏي ۾ وڏو اوپن پِٽ مائننگ منصوبو،رائلٽي جو ٽڪو به عوام جي بهتري لاءِ ڪٿي خرچ نه ٿيو،منصوبي  تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون رائلٽي جو پئسو عوام جي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ بدران پنهنجن من پسندن منصوبن تي خرچ ڪري رهيون آهن،جڏهن ته تعليم،صحت سميت روزگار بابت ڪا به پاليسي واضع ناهي ڪئي وئي،ڄاڻايل منصوبي تي سي ايس آر جو ڪم مڪمل طور تي ٺُپ آهي،ڪٿي به ڪو عوامي ڀلائي واري منصوبي تي ڪم شروع ناهي ڪيو ويو،ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته رائلٽي جي نالي تي ڪروڙين روپيا اجايا ضايع ڪيا پيا وڃن،

ٿرڪول منصوبن جي رائلٽي عوام تي خرچ ڪئي وڃي: ٿر واسي

مٺي:ٿرواسين مطالبو ڪيو آهي ته ٿرڪول منصوبن جي رائلٽي عوام تي خرچ ڪئي وڃي ۽ واضع پاليسي جوڙي عوام کي روزگار ڏنو وڃي ،مقامي ماڻهن کي روزگار نه ٿو ملي،نوڪرين ۾ نوجوانن کي نظرانداز ڪري ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي،بلاڪ ون تي ڪو به مئنيجمينٽ جو مقامي نوجوان لڳل ڪونهي،ميڊيا ترجمان به مقرر ناهي،پبلڪ رليشن آفيسر به ڪونهي،مقامي ماڻهن کي ڪا به معلومات نه ٿي ملي،اندر جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي اُنهي کي لڪائي ڪم ڪيو پيو وڃي،اسان ڪوئلي جا مالڪ آهيون ٿيندڙ ڪمن بابت ٿرواسين کي ڄاڻ ڏني وڃي،روزگار سميت ٺيڪا مقامي ماڻهن کي ملڻ کپن،هتي ڪول ڪمپنين جا عملدار پاڻ پنهنجيون ڪمپنيون ٺاهي ڪم ڪري رهيا آهن،ادارن کي نوٽيس وٺي جانچ ڪرڻ کپي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.